Tags » 1947

Partition - 70 years on

Partition: the story of Indian independence and the creation of             Pakistan in 1947 by Barney White-Spunner

In the comprehensive index of Barney White-Spunner’s Partition there is no entry under Ireland. 1,331 more words

Book Reviews

December 30, 1947 William Shepard to everyone

Tuesday, Dec 30

Hello Everyone:

This is my last letter to Trenton Ill, barring any change in plans.

I just rec’d your letter  of the 25th telling about X-mas. 494 more words

Shepard

ڳوٺ لغاري بجراڻي جي معاشي زندگي (ب) ـ

جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن هر ڪا شي پنهنجي اصلوڪي ماڳ تان اڳتي وڌندي يا پوئتي هٽندي پيئي اچي. 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ڳوٺ لغاري بجراڻي جا سمورا هندو هندستان هليا ويا. سندن رهڻ وارين جاين ۽ دڪانن تي پاڙيسري مسلمان قبضو ڪندا ويا. دڪان ۽ بازارون ڦٽي ويون ۽ شهري آبادي کي وڏو ڌڪ لڳو. انهي حد دوران ڪجھ ٻيون به ذاتيون ۽ قبيلا آهسته آهسته لڏڻ لڳا. جهڙوڪ لانگاھ، ڪاسائي، هُليا ۽ ڪوري وغيره. ڪن بئراج علائقي ۾ زمين کنئيءَ ۽ ڪي وري ڌنڌي خاطر گچيرو پراڻو يا مورو ۾ لڏي آيا ۽ اتي آباد ٿي ويا. مطلب ته 1947ع کان شهر لغاري بجراڻي جو زوال شروع ٿيو. ڳوٺ جا وڏا جيڪي محنتي جفاڪش ۽ ايماندار هئا سي هي جهان ڇڏي ويا ۽ وڃي ملڪ عدم وسايو. نئين ٽهي وارا محنت گهٽ ڪرڻ وارا آرام پسند ۽ ٺلهي وڏائي رکندڙ هئا سي پنهنجي ٺٺ ٺانگر ۾ پورا هئا. جنهن ڪري اهي واھ جيڪي هر سال ٿوري گهڻي کاٽي ڪري وهايا ويندا هئا سي آهسته آهسته لٽجڻ لڳا. ڪنهن به انهي ڏانهن توجھ ڪونه ڏنو. نتيجي ۾ 20 کان 25 سالن کانپوءِ انهن ڍورن ۽ واهڙ تي نارن جو رينگٽ گهٽجڻ لڳو. جيتوڻيڪ انهي وچ ۾ زمين تي کوهن جو تعداد وڌيو ۽ نارن جي جاءِ ٽيوب ويل ۽ مشين والاري وئي پر اڳين محنت گهٽجي وئي ۽ خريف جو فصل پڻ گهٽجڻ لڳو. تنهن هوندي به ربيع جو فصل ٻوڏ کان پوءِ سٺو ٿيندو هو ۽ ماڻهن جو گذر سفر آساني سان ٿيندو هو. آخرڪار درياھ بادشاھ کي اسان جي اعمالن تي ناراضگي ٿي يا کيس مٿان کان حڪم ٿيو، کيس پنهنجا چار پنج سو سال پراڻا ماڳ ياد آيا. پهريائين هڪ وڏو واهڙ جنهن کي مقامي طرح ڍنڍ ڪوٺيو ويندو هو ۽ ڳوٺ جي اولھ طرف ميل کن پنڌ تي هو ان کي پائي وڏو ويڪرو ڪيو ۽ ٻئي سال انهي واهڙ ۾ درياھ ڪاهي پيو ۽ اهو واهڙ ڍنڍ کان ڦري درياھ ٿي ويو ۽ اصلوڪو درياھ لٽجڻ لڳو. تاريخن هن درياھ کي پورالي ندي ڪوٺيو آهي. هن هميشه کان پنهنجا ماڳ مٽايا آهن. ڪڏهن شهدادپور ڀرسان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جي وچان وهندي هئي. ڪڏهن موهن جو دڙو، ڪڏهن ٺٽي شهر جي ڀرسان ڀنڀور سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن کاري ڇاڻ ۾، خير!! انهي واهڙ يا ڍنڍ سان به ڪافي يادگيريون وابسته آهن. انهي ڍنڍ جي ٻنهي ڪنارن تي ڳوٺ جي لغارين جون زمينون هيون ۽ ڍنڍ ۾ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کڏ يا هيٺاهين جڳھ تي پاڻي ضرور هوندو هو. سياري توڙي اونهاري ۾ ڌنار پنهنجو مال ڪاهي ڍنڍ ٽپائي ٻئي ڪناري ڏانهن چرڻ لاءِ ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سڄو ڏينهن ڍنڍ جي ڪپ تي رانديون ڪندا هئا. هي ڍنڍ ڳوٺ جي ٻارن توڙي نوجوانن جي لاءِ وڏي تفريح گاھ بنجي ويئي هئي، اها ڍنڍ درياھ جي چاڙھ دوران وهي ايندي هئي. جنهن ڪري گرمين ۾ تقريبن هر روز منجهند جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽوليون ڪري ڍنڍ ۾ وهنجڻ ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن راند روند ڪري شام جو گهر موٽندا هئا. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو رات جي وقت چانڊوڪين ۾ ٻلهاڙو يا ڪٻٽي راند ڪرڻ کان پوءِ ڍنڍ تان وهنجي واپس گهر ويندا هئا. ڍنڍ جي ڪپ تي بيٺل وڏن وڏن وڻن تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا هئا. جيئن اڄ ڪلھ وڏن شهرن ۾ ٺهيل تلائن ۾ اوچي ٺهيل مينار تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا آهن. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ڍنڍ جي منهن کان پاڻي ۾ گهري لهوارا ٿيندا هئا ۽ ميل کن ائين ترندا تڙڳندا ڪنهن نه ڪنهن ڪاٺي يا ڪانهه جي موڙي جي سهاري ترندا ايندا هئا. هر ڪنهن ماڻهو جو ننڍپڻ جو دور هوندو آهي ۽ وڏو هوندو ۽ وڏي هوندي اهو درو سُهانو لڳندو آهي پر منهنجي مشاهدي موجب اسان جي ننڍپڻ وارو زمانو جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ ٿيندو هو اهڙو دور وري ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ ۾ نه آيو. جنهن سال درياھ ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ان کان پوءِ ننڍن ڇوڪرن جو اهو وڏو تفريح گاھ ختم ٿي ويو ۽ درياھ آهسته آهسته ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو، ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ احمداڻي لغارين جو اصلي ڳوٺ پاتائين ۽ احمداڻي لڏي اچي واهڙ جي ڪپ تي ويٺا، پوءِ الهندي طرف کان پار ڀٽر پنهور کان درياھ بادشاھ سڌو اوڀر طرف رخ ڪيو. سال 1973ع ۾ ايڏي ٻوڏ ڪيائين جو لغاري بجراڻي جو سڄو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو. سال 1973ع ۾ جيترو نقصان ڳوٺ جو ٿيو اوترو ڪڏهن به نه ٿيو. ماڻهن ٻار ٻچا گهڻو ڪري پڪي تي اماڻي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ پنهنجي ٻڏل سامان جي نگراني لاءِ پيها ٺاهي انهن تي ويٺل هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي، هُو پاڪستان جو وزيراعظم هو. 1975ع جي ٻوڏ جي دوران جڏهن شهر لغاري بجراڻي چوڌاري ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل هوندو هو ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي کاڌي جو سامان ڪيرايو ويندو هو، جيئن تيئن ڪري اهو سال به گذري ويو وري ٻي ٻوڏ سن 1976ع ۾ آئي جنهن رهيو کهيو شهر به غرق ڪري ڇڏيو پر ڳوٺ جا باهمت باشندا ٻوڏ کان پوءِ وري به خوش، ٻوڏ لهڻ کان پوءِ اتي سٺي آبادي ٿيندي هئي، چوندا آهن ته ”ٻوڏ جا ٻيڻا“ اهڙي طرح زندگي روان دوان هئي، انهن وڏين ٻوڏن جو سبب صرف اهو هو جو درياھ جو رخ اولھ کان اوڀر ٿي ويو. اولھ طرف پار ”ڀٽر پنهور“ کان موٽ کائي اوڀر طرف اسان جي ڳوٺ جي سامهون اچي ويو. درياھ جي رخ تبديل ٿيڻ سبب 1974ع کان وٺي لڳاتار درياھ ڳوٺ کي ويجهو ٿيندو ويو. پهريائين حاجي علي محمد وارو ڍورو، مير وارو ڍورو ۽ پوءِ پاسي وارا گهر پائڻ لڳو. انهن گهرن ۾ ماستر ميوو خان ۽ فقير خان محمد جو گهر، نئون ٺهيل اسڪول ۽ اوڏن واري کڏ به پائي ويو ۽ ٻئي سال وري شهر جي وچ بازار وارو دنگ ڪيائين. ائين ئي ٻن ٽن سالن ۾ سڄو شهر لغاري بجراڻي، نور شاھ جو قبرستان، خدا بخش جو ڳوٺ پائي اچي گڻب تي دنگ ڪيائين. اسان جي ڳوٺ وارا جن جو ڌنڌو آبادي کان علاوه واپار ۽ نوڪريون هئا سي لڏي اچي موري شهر ۾ پلاٽ جايون وٺي آباد ٿيا. باقي رهيل مارو، هاري ۽ ننڍا زميندار جن جو ڌنڌو صرف آبادي تي هو اُهي اتي رهجي ويا. هرڪو پنهنجي پنهنجي سهوليت آهر پنهنجي پنهنجي زمين تي اچي گهر جوڙيا ـ

Film Review: Black Narcissus (1947)

Release Date: April 24th, 1947 (London premiere)
Directed by: Michael Powell, Emeric Pressburger
Written by: Michael Powell, Emeric Pressburger
Based on: Black Narcissus by Rumer Godden… 462 more words

Reviews

Dard apna chhupa ke dekhenge

This article is meant to be posted in atulsongaday.me. If this article appears in sites like lyricstrans.com and ibollywoodsongs.com etc then it is piracy of the copyright content of atulsongaday.me and is a punishable offence under the existing laws. 277 more words

Yearwise Breakup Of Songs

Manto.

I had wanted to read Saadat Hasan Manto. But, I put it off for years. I remember a book by Manto on a shelf in a friend’s room. 882 more words