Tags » Ali Baba

Chuyện Ali Baba tân biên trong thương mại điện tử

 

Ali Baba trong chuyện cổ tích xứ Nghìn Lẻ Một Đêm hay Alibaba trong kỷ nguyên thương mại điện tử toàn cầu từ xứ Khổng Minh Gia Cát Lượng liệu có gì liên quan với nhau hay chỉ là đồng tên mà khác số phận? 2,793 more words

THẾ GIỚI CỦA CHÚNG TA

چین میں سب سے بڑی آن لائن شاپنگ ویب سائٹ علی بابا کا نیا ریکارڈ قائم

چین کی سب سے بڑی آن لائن شاپنگ ویب سائٹ علی بابا نے ایک بار پھر ریکارڈ تو ڑ دیا ہے۔ چین کے سب سے بڑے سالانہ آن لائن شاپنگ تہوارسنگلز ڈے کا آغاز ہو گیا ہے جس میں پہلے ہی روز تین منٹ میں 1.51 بلین ڈالر مالیت کی اشیاء فروخت کر دی گئیں ہیں۔ علی بابا نے پہلے گھنٹے میں 8.6 بلین ڈالر مالیت کی اشیاء آن لائن فروخت کر کے نیا ریکارڈ بھی قائم کر دیا ہے۔ علی بابا چین کی سب سے بڑی آن لائن شاپنگ ہونے کے ناطے اندرون اور بیرون ملک صارفین تک رسائی حاصل کرنے کی کوشش کر رہی ہے جس کی وجہ سے اس کی غیر ملکی برانڈ کی تعداد بڑھتی جا رہی ہے اور چین کے باہر خریداروں کی تعداد بھی عالمی سطح پر پہنچ چکی ہے۔

World

Die Spiel-Moschee

BERICHT

Im Berliner Bezirk Neukölln, in einem heruntergekommenen Mischgebiet an der Walterstraße, wurde ein Kinderspielplatz umgebaut. Thema sollte ein Märchen sein. Herausgekommen ist etwas Spezielles: Eine Moschee als Rutschburg. 264 more words

Integration

هڪ آزاد شخصيت (علي بابا) ـ آصف ڪلهوڙو

علي بابا، هڪ ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، ڊرامانگار، ڏاهو۽ آزاد روح، سندس لاءِ لفظن ۾ ڀيٽا ڏيڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. سندس جو پورهيو سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ هڪ ناياب سوکڙي آهي، ڪهاڻين ۾ سنڌ جا سور ۽ اهنج. نيٺ گذاري ويو پنهنجي جيون جون ارڏايون سهندي سهندي، دل ڌوڪو ڏنس جڏهن. غريبي ۽ تنگدستي به وڏو ستم آهي، الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ان جي ڪري هاڃا ٿين ٿا ـ
ڪوٽڙي جنم ڀومي هئس، ريلوي ۾ ڪلارڪ جي طور تي ۽ گڏوگڏ مل ۾ به ڪم ڪيائين. پهرين تخليق ٻارنهن سالن جي عمر ۾ لکيائين ۽ لکندو رهيو، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ ناول، سندس جي لکڻي جي خوبي فڪشن آهي. اسان جو الميو آهي ته اسان کي خبر ئي ناهي ته اسان جا املهه ماڻڪ ڪيئن وقت جي رهزن راهن ۾ لتاڙجي وڃن ٿا ـ
علي بابا جي خوبي رهي ته ڪنهن تي نه ڀاڙيائين، پنهنجي تخليق جي ڏڍ تي جهيڙيندو رهيو، جيون جي ڏوراپن سان. وري افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته اسين اڻ ڄاڻ آهيون اهڙن ڪردارن کان، الاءِ ڪيترا امير ڏاها ويٺا آهن. پر پوءِ به ڪو ادارو يا فرد ئي ڪونهي جيڪو داد ڪري.ّخير اسين موئن تي سياست ۽ مقالا پڙهندا آهيون، باقي جيئرن سان ته جهيڙا آهن ـ
نوجوان ساٿيو اوهين ٻڌو آهي علي بابا جو نانءٌ، جي نه ته پوءِ ان جي تصوير به رکان ٿو، ڏسجو به ۽ ڪتاب وٺي پڙهجو به. علي بابا ڪير هو، ڪيئن اذيتن ۽ احساسن کي لفظن جو روپ ڏيندو هو ۽ ها ان جا ڪتاب به  سرچ ڪجو ـ
علي بابا جا ٻه ٻار ذهني بيماريءَ جو شڪار هئا ۽ ان وٽ ايترا ڏوڪڙ به ڪونه هوندا هئا جو انهن جو علاج ڪرائي سگهي. پر پوءِ به هن وٽ جيڪا ڪوٽڙي شهر ۾ زمين هئي، نياڻين جي اسڪول لاءِ دان ڪري ڇڏيائين. هي هو علي بابا، هڪ ارڏو ۽ خودار ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولسٽ ۽ خوابن کي لفظن جو روپ ڏيندڙ، جيڪو غربت جي ڪري گذاري ويو ـ

Sindhi

AliBaba.com Case Study

Ali baba is China’s AMazon. The Biggest Ecommerce web portal in the both B2B, B2C ,C2B Marketing Domain.

Read my case study of Ali baba. 2,294 more words

Marketing Case Study

نوان پيغامبر ـ ڪھاڻي ـ علي بابا


جڳن کان پوڙھو تاريخدان لکي رھيو آھي، لکندو ٿو اچي، ھن کنڊ جي تاريخ. جا ٻارڙا اسڪولن ۾ پڙھندا آھن. مون ننڍڙي لاڪي پڙھيو ھو – اڻ آريھ، اڻ سڌريل ۽ اگھاڙا ھئا. ڪچو ماھ، مڇيون ۽ گلوئيون ۽ ڳوھون کائيندا ھئا. پھاڙن جي چرن ۾ رھندا ھئا. پوءِ خيبر جو لڪ لتاڙي آريھ لوڪ آيا، جي سڌريل ھئا ۽ ڪپڙا اوڍيندا ھئا. انھن جھنگلي اڻ آرين کي ماري مات ڪيو ۽ کين ھن کنڊ مان ھڪالي ڪڍيائون ۽ ساري ھندستان جا والي ٿي ويٺا ـ
منھنجي دل ۾ سڌريل آرين لاءِ عزت پيدا ٿي وئي ـ
لکيل آھي: سڪندر اعظم يونان جو بادشاھ ھو. ھن ساري دنيا تي گھيرو ڪيو ھو. ھو وڏو بھادر، رحمدل، جنگجو، سورھيھ ۽ انصاف وارو بادشاھ ھو. مرڻ ويل ھن پنھنجا ھٿ ڪفن کان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيا ھئا تھ ڏسو خالي ھٿين پيو وڃان ـ
مون دل ۾ چيو، واھ واھ!! مرڻ ويل بھ دنيا لاءِ سبق ڇڏي ويو ـ
لکيل آھي تھ: قطب الدين ايبڪ غلام گھراني جو پھريون بادشاھ ھو. وڏو عادل، انصاف وارو، جنگجو ۽ بھادر بادشاھ ھو. کيس لک داتا (لک بخش) ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن وڻ پوکايا، کوھ کوٽايا، ڍلون معاف ڪيون ۽ وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا. قطب مينار ۽ قطب مسجد اڃا تائين سندس يادگار آھن ـ
مون سوچيو: بادشاھ تھ اھڙا ـ
لکيل آھي: ناصر الدين التمش جو ننڍو پٽ ھو. ڏاڍو نيڪ دل، خدا ترس، نيڪ، پرھيزگار، بھادر ۽ جنگجو بادشاھ ھو. کيس درويش بادشاھ ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو شاھي خزاني جو ھڪ ڏوڪڙ بھ پاڻ تي خرچ ڪرڻ حرام سمجھندو ھو. اکر ڏاڍا سھڻا ھئس. قران شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ تؤنريون ٺاھي انھن تي پيٽ گذر ڪندو ھوـ
مون چيو جزاڪ الله! ايڏا خزانا ھوندي بھ ھت جو پورھيو ڪندو ھوـ
لکيل آھي: جلال الدين بادشاھ کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ھو. پنھنجي ڀائٽي علاؤ الدين کي پٽ ڪري ڪوٺيائين ۽ اھو خيال پيدا ٿيس تھ سڪندر وانگي ساري دنيا کي فتح ڪيان. ھن گجرات، ڪاٺياواڙ، تيمور، چتور، اجين، مالوا ۽ سنڌ جا ڪجھھ علائقا فتح ڪيا ھئا. ھو ڏاڍو عادل، بھادر ۽ انصاف وارو ۽ غريبن جو خيرخواھ ھو، تنھن ڪري کيس ڪافور ملڪ زھر ڏنو ھو ـ
لکيل آھي: تيمور لنگ، چنگيز خان جي پوين مان ھو. نھايت بھادر، انصاف وارو ۽ جنگجو ھو. تاتارين، ترڪن ۽ ايرانين جو وڏو لشڪر وٺي، اچي ھندستان ۾ ڪاھي پيو ھو ۽ ساري ھندستان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيائين. ھو وڏو قدردان ۽ انسان دوست بادشاھ ھو ـ
لکيل آھي: بابر تيمورلنگ جو پڙپوٽو ھو. ھن تيمور لنگ وانري رڳو ھندستان ۾ ڦرلٽ ڪانھ ڪئي، پر پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ ابراھيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دھليءَ جي تخت تي ويٺو. ھن بنگال، جوڌپور، سنڌ، راجپوتانا، گجرات، ڪشمير بلڪھ ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ سارو ھندستان فتح ڪيو. ھن کي انساني کوپرين جا مينار وٺندا ھئا. ھو وڏو بھادر، عادل، رحمدل، خدا ترس ھو، ھو يڪي سر ٻھ مڙس ڪڇ ۾ ھڻي جمنا نديءَ کي پار ڪندو ھو. سندس وقت ۾ رعيت تمام سکي ھئي ۽ مٿائن ڍل معاف ڪئي ھئائين ـ
لکيل آھي: ھمايون ڏاڍو رحمدل، خداترس، دور انديش ۽ درويش بادشاھ ھو. ھن کوھ کوٽايا، مسافر خانا ٺھرايا. آفيم سان مڙئي ٿوري دل ھيس ـ
لکيل آھي: شير شاھ، سوري گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. ھن ھمايون سان ٺڳي ڪري ڪجھھ سال حڪومت ڪئي ھئي. ھو ايڏو تھ بھادر ھو جو تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ سان شينھن کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ھئائين. تنھن ڪري کيس شير شاھ چوندا ھئا. ھن کوھ کوٽايا، ون پوکايا، رستا ٺھرايا ۽ پنج ئي وقت نماز قائم ڪئي. سندس وقت ۾ شينھن ۽ ٻڪريون ھڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا ھئا ـ
لکيل آھي: جلال الدين اڪبر کي مغل اعظم ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن ساري ھندستان تي ٤٩ سال ھڪومت ھئي. ھو ھندو ۽ مسلمانن کي ھڪ اک سان ڏسندو ھو. ھن ڍلون معاف ڪيون، کوھ کوٽايا، رستا ۽ مسافر خانا ٺھرايا ۽ رعيت کي پنھنجو اولاد ڪري سمجھندو ھو. ھن ھندو ۽ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاھيو، تنھن ڪري مسلمان رعيت منجھائنس مڙئي ناخوش ٿي پئي ھئي ـ
لکيل آھي: جھانگير جو انصاف ساري دنيا ۾ مشھور آھي. سدائين در تي انصاف جي پڪار لاءِ ٽلا ۽ زنجيرون لڙڪنديون ھيس. ٿورو عاشق مزاج ھو. پنھنجي زال نورجھان سان ڏاڍي دل ھيس. ٿورو آفيم ۽ شراب واپرائيندو ھو ـ
لکيل آھي: شاھجھان پنھنجي ڀاءَ شھريار ۽ سندس ٻارڙن کي مارائي تخت تي ويٺو ھو. وڏو نيڪ نمازي، انصاف وارو، غريب نواز، رحمدل ۽ بزرگ بادشاھ ھو. راڻي ممتاز محل تي ساھ ڇڏيندو ھو. ھن کوھ کوٽايا، وڻ پوکايا، وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا، تاج محل، جامع مسجد ۽ شاليمار باغ اڃا تائين سندس يادگار آھن.
لکيل آھي: اورنگزيب پنھنجي ڀاءُ داراشڪوھ ۽ ٻين ٽن ڀائرن کي مارائي تخت جو اڪيلو وارث ٿي ويٺو، تنھن ڪري کيس عالمگير جو لقب مليو. ھو وڏو نيڪ نمازي، پرھيزگار، ڪامل درويش ۽ ولي الله ھو. ھن تخت تي ويھندي ئي مرھٽن ۽ راجپوتن کي ٽوٽا چٻارائي ڇڏيا. شراب ۽ راڳ کي بند ڪرايائين. سڄي عمر شاھي خزاني مان پاڻ تي ٽڪو بھ خرچ ڪونھ ڪيائين. اکر تمام سھڻا ھئس. قرآن شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ پنھنجي خوشحال رعيت جا جنڊ آھوڙي پيٽ گذر ڪندو ھو.
ساري تاريخ سڪندر اعظم جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين اھڙن عادل، نيڪ نمازي، انصاف پسند، درويش، ولي الله، جنگجو ۽ بھادر بادشاھن جي ساراھ سان ڀري پئي آھي ۽ لکيل آھي ـ
”خبر اٿو موھن جو دڙو ڪيئن تباھ ٿيو؟“
جواب آھي: ان لاءِ تھ مھاراجا موھن وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني راجا ھو. سندس ملڪ ۾ جيڪا بھ شادي ٿيندي ھئي، انھيءَ ڪنوار کي پھرينءَ رات ھو زوريءَ پاڻ وٽ ٽڪائيندو ھو. ھڪ ڀيرو جڏھن سندس ڀيڻ جي شادي ٿي (جيئن تھ راجا مٿس پھرين ئي بعيمان ھو) سو ڀيڻ کي پھرينءَ رات پاڻ وٽ ٽڪائڻ چاھيائين. الله تعاليٰ جو مٿس ڏمر نازل ٿيو. ڌرتي ڌٻي، اک ڇنڀ ۾ اھو راجا ۽ سندس پرجا ڪروڙين مڻ مٽيءَ ھيٺ دٻجي غرق ٿي ويا ـ
پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو الله تعاليٰ کين غرق ڪيو، ملعون ڪٿي جو، ڀيڻ سان ٿي شادي ڪيائين! ـ
لکيل آھي: ”خبر اٿو تھ ڪاھوءَ جو دڙو ڪيئن غرق ٿيو؟“
جواب آھي: مھاراجا ڪاھو ميرپور خاص واري پاسي کان حڪومت ڪندو ھو. ھو وڏو ظالم، عياش، جابر، منڪر ۽ زاني راجا ھو. ھزارين ٻانھيون، راڻيون ھئڻ جي باوجود جيڪا بھ سھڻي عورت ڏسندو ھو، تنھن کي کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو ھو. ھڪڙي ڀيري تلاءَ ۾ ڀيڻ کي اگھاڙو وھنجندي ڏٺائين، سو دل بعيمان ٿي پيس. کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائينس. الله تعاليٰ جو مٿس عذاب نازل ٿيو. سج نيزي پاند اچي بيٺو ۽ ڌرتي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي. ظالم راجا ۽ سندس پرجا ڄڻ ٻچي سوڌا اونھي پاتال ۾ ھليا ويا ـ
لکيل آھي: خبر اٿو دلوراءِ جي نگري ڪيئن ناس ٿي؟
جواب آھي: دلوراءِ سيوھن جي مٿان راج ڪندو ھو. ھو وڏو خونخوار، عياش، وڏي درجي جو مڪار ۽ زاني راجا ھو ۽ ھر رات نئين منڌ ماڻيندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو ڪٿان ٻاھران ٿي آيو. چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ محل جي اڱڻ ۾ ڀيڻ جي ڌيءَ کي سرھيءَ سيج تي ستل ڏسي انڌو ٿي پيو. نيانيءَ تي وٺي ناھر وارو حملو ڪيائين. الله تعاليٰ جو مٿس قھر نازل ٿيو. ست فرستا آسمان مان لٿا جن اچي زمين تي قلعا کوڙيا ۽ زنجيرن سان سندس ننگريءَ جا بنياد پاڙان ڌوڏي ڪڍيائون ۽ ائين اھو ظالم راجا ۽ سندس پرجا نيست ۽ نابود ٿي ويا ـ
لکيل آھي: خبر اٿو ديبل بندر ڪيئن تباھ ٿيو؟
جواب آھي: سنڌ جو حڪمران مھاراجا ڏاھر – وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني ھو. ھن وت سنگ مرمر جي مجسمن جھڙيون سوين حسين ٻانھيون ھيون. پوءِ بھ ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئائين. ڌاڙيلن جا ٽولا وٺي، سامونڊي رستن کان عرب جي حاجيين جا جھاز گذرندا ھئا، انھن کي ڦريندو ھو. الله جو مٿس قھر نازل ٿيو. رحمت المسلمين خليفي حجاج جي من ۾ مٿس ڪاھ ڪرڻ جي وڌائي، جنھن لسڪر سان مجاھد محمد بن قاسم کي ڏياري موڪليو. سجي سنڌ ۾ گھوڙا گھوڙا ٿي وئي. عرب غازين جي گھوڙن ڪافرن کي ڄڻ ٻچي سوڌو چيڀاٽي ماريو. منڪر ۽ ملعون ڏاھرن کي شڪست ملي. سندس سر کي نيزي تي ٽنگيو ويو ۽ محمد بن قاسم جي مجاھدن منجنيقن جي پھڻن سان ديبل جي ديوارن کي دنيا جي تختي تان ميساري ڇڏيو ـ
پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو، منڪر ۽ ملعون کي سيکت ملي. ڀيڻسان ڀيڻن تان بھ ڪونھ ٽرندا ھئا. ظالم، زاني! جھڙي ڪيائون، تھڙي ڀريائون ۽ آئون پنھنجي اڻ پڙھيل دوستن کي سڪندر مقدوني، مھاراجا اشوڪا، قطب مينار ۽ تاج محل جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھئس ۽ جھانگير جي انصاف جا ڍڪ ڀريندو ھئس ـ
ھڪڙي ڀيري سنجھي جي سھائي ويل امان مون کي چيو تھ: ”پٽ، اچ تھ توکي دودي سومري جي ڪھاڻي ٻڌايان.“ ـ
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ حيران بھ ٿيس. چيم: ”امان، دودو سومرو ڪير ھو؟“ ـ
چيائين تھ: ”پٽ، توکي دودري سومري جي خبر ڪانھي؟ دودو سومرو سنڌ جو سورھيھ سرويچ سپوت ھو. ھن سنڌ جي سدا سھاڳڻ ڌرتيءَ تان پنھنجو سر گھوريو ھو.“ ـ
مون حيران ٿيندي چيو: ”پر، امان تاريخ ۾ تھ انھيءَ جو نالو آھي ئي ڪونھ.“ ـ
امان چيو: ”ھا پٽ، دودو سومرو سنڌ جو حڪمران ھو، تاريخ ۾ سندس نالو ڪونھي تھ ڇا ٿيو – ساريءَ سنڌ ۾ ھر ماڻھو ھر منڌ جي سيني تي سدائين سندس رت رتول تاريخ جا چٽ چٽيل ھوندا“ ۽ چيائين: ”پٽ، اھا ڪھاڻي مون کي تنھنجي نانيءَ ٻڌائي ھئي. ھاڻ ڪن ڏئي سنڌ جي انھيءَ دولھھ دلير جي ڪھاڻي ٻڌ.“ـ
۽ پوءِ امان مون کي سنڌ جي ان سورھيھ سرويچ ۽ باغيرت دودي جي ڪھاڻي ٻڌائي. اھا ڪھاڻي ايڏي تھ پردرد ۽ دل ڏاريندر ھئي جو منھنجي اکين م ڳوڙھا اچي ويا. نڙيءَ ۾ ڄڻ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو ھئم. چيم: ”اما پوءِ روپاھ تباھ ٿي وئي.،ـ
امان چيو: ”ھا پٽ، پوءِ روپاھ ھميشھ ھميشھ لاءِ سنڌ جي سيني تان ميسارجي وئي.“ امان ڄڻ روئي پئي ھئي ۽ آئون ڪنھن ڳوڙھيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو ھئس. ”امان، دودي سومري علاؤ الدين کي پنھنجي ڀيڻ جو سڱ ڇو نھ ٿي ڏنو؟ ڪٿي ھن پان تھ ٻاگھل سان شادي ڪرن نھ ٿي چاھي!؟“ـ
سٽ مان ھڪ ٿڦڙ منھنجي ڳل تي لڳو – منھنجو منھن ئي ڦري ويو – وائڙو ٿي ويس. ڪاوڙ کان امان جو جسم ڏڪي رھيو ھو ۽ پوءِ نھايت ئي پيار مان منھنجي وارن تي ھٿ ڦيرائيندي گھائل آواز سان چيائين: ”پٽ، پھرين ٻڌاءِ، تون پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪري سگھين ٿو؟“ـ
منھنجو روح ڏڪي ويو. چيم: ”نھ.“ـ
امان چيو: ”پوءِ تو سنڌ جي سورھيھ سرويچ، غيرتمند پھلوان جي باري ۾ ائين ڇو سوچيو؟“ـ
مون چيو: ”امان ڪتابن ۾ تھ ائين ئي لکيل آھي. سنڌ جا سڀ حڪمران ڀيڻن سان شادي ڪندا ھئا. موھن جي دڙي جي بادشاھ، دلوراءِ، ڪاھوءَ جي دڙي جي بادشاھ ۽ مھاراجا ڏاھر سڀني ڀيڻن سان شادي ڪئي ھئي.“ ـ
امان ڪجھھ حيرت مان منھن ۾ نھاريندي رھي ۽ پوءِ نھايت ئي ڏکويل آواز ۾ چيائين: ”الائي پٽ، انھن جي باري ۾ تھ مون کي خبر ڪانھي. پر دودي سومري جي باري ۾ توکي ائين سوچڻ نھ گھرجي. دودو ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان سورھيھ سرويچ ۽ غيرتمند نوجوان ھو ۽ ٻاگھل ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان عظيم عورت. انھن جي باري ۾ ائين سوچڻ بھ گناھ آھي.“ـ
سچي تھ اھا ڪھاڻي منھنجي دل ۾ علاؤ الدين جي دودي تي کنيل ترار وانگي کپ ھڻي وئي ھئي. پر مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اھا منھنجي گناھ جي ننڍڙي سزا ھئا ۽ سوچي رھيو ھوس تھ مون ائين ڇو سوچيو؟ ۽ چيم: ”پر امان، تاريخ ۾ اھڙو بھادر، سورھيھ، غيرتمند حڪمران جو نالو ڇو نھ ڏنو ويو آھي؟“ـ
امان چيو: ”الائي پٽ، شايد تاريخ وارن کي دودي سومري جي خبر ڪانھ ھئي. تون وڏو ٿجانءِ تھ پوءِ دودي سومري جي تاريخ لکجانءِ.“ـ
ھاڻ آئون وڏو ٿي ويو اھيان ۽ دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين جي تاريخ لکي رھيو آھيان ـ
ھڪڙي ڏھاڙي ھڪڙو چٻ جھڙو پوڙھو تاريخدان منھنجي اونداھي ڪمري ۾ ايو ۽ حقي جھڙي بُڙ ٻڙ ڪندڙ آواز سان چيائين: ”مون ٻڌو آھي تون دراوڙن جي تاريخ لکي رھيو آھين؟“
چيم: ”ھا، مان وقت جو نوجوان آھيان – مان دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين تاريخ لکي رھيو آھيان.“ ـ

Sindh

Get Started!

We are all afraid of trying or starting something new, the reason behind that is the fear of failure. Once we know the advantages of failing and doing the same thing repeatedly we will never be afraid. 1,349 more words