Tags » Balochistan

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ ـ صاحب خان ڀٽي

سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهِي آهي، جنهن سبب سنڌ اندر ماڻهو بي روزگاري ۽ بک بدحالي سبب پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ ۽ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪجهه نوجوان ته روزگار خاطر پرڏيهه به هليا ويا آهن ته ڪجهه وري بلوچستان ۽ پنجاب هليا ويا آهن ته جئين هو پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي سگهن پر افسوس جو اهو پورهيو سندن هاڻ حياتي کسڻ لڳوآهي، هونءَ ته سنڌ اندر روزگار جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن پر ڌارين جي لوڌ ۽ مقامي فيڪٽرين ۽ ملين ۾ ماڻهن کي روزگار فراهم نه ڪرڻ سبب امير سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، هتي گيس، پيٽرول ۽ ڪوئلو به موجود آهي پر اتي به ڪم ڪندڙ اڪثر ماڻهو به ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا آهن، شايد سنڌ جو ڪو به اهو سرڪاري کاتو خالي نه هوندو جتي ڌارين جي لوڌ ڀرتي نه ٿيل هجي، مطلب ته ٻين صوبن جا ماڻهو پوليس سميت ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن، نالي ماتر ڪجهه سنڌي وفاق ۽ صوبائي کاتن ۾ ڪم ڪندي نظر اچن پيا پر ان باوجود سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ سڄو تماشو ڏسي رهي آهي ـ
جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت به هتان جي ماڻهن خدشن جو اظهار ڪيو هو پر ان وقت به سنڌ جي ڪامورن خاموشي اختيار ڪئي هئي ۽ چيو هو ته مٿان کين دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته انهن کي نه روڪيو وڃي، بهرحال هن وقت بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن بعد هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته حڪومت جيڪي هميشه دعوائون ڪندي رهندي آهي ته هنن پنهنجي حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود بلوچستان ۾سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ واقعا پيش اچڻ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اٿاري ڇڏين ٿا، گذريل ڏينهن به ريلوي واري وفاقي سعد رفيق چيو آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردن ئي سڄي ملڪ جي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن ئي دهشتگردن هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا آهن پر حڪمران اڄ به اهو وڏي فخر سان چئي رهيا آهن ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن امن امان جي صورتحال واقعي بحال هجي ها ته بلوچستان ۾سنڌي پورهيتن کي قتل نه ڪيو وڃي ها ۽ نه ئي اتي ڌماڪا ٿين ها، اڄ هڪ طرف اقتصادي راهداري منصوبو هلي رهيو آهي ته مٿان وري ٻاهرن ملڪن جي سيڙپڪارن جي دلچسپي ظاهر ڪئي پئي وڃي، ان وقت جڏهن ملڪ اندر پورهيتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا ايندا رهيا ته پوءِ آخر ٻاهرن ملڪن جا واپاري هن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪئين ڪندا ـ
جيڪڏهن حڪومت پنهنجن معاملن کي حل ڪري وٺا ها ته اڄ ملڪ ۾ امن امان واري صورتحال بحال هجي ها پر افسوس جو حڪمران صرف پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾پورا نظر اچي رهيا آهن، وزيراعظم نوازشريف به ڀارتي واپاري سجن جندال سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جي اپوزيشن ليڊر سميت سمورن اڳواڻن وضاحت طلب ڪئي هئي پر ان وقت به نوازسرڪار طرفان به ڪو جواب نه ڏنو ويو هو ۽ هاڻ وري ڪلڀوشن جو معاملو به اٿيو آهي جنهن بابت به اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪلڀوشن قومي سلامتي خلاف ڪم ڪري رهيو هو ۽ انصاف واري عالمي عدالت مان کين ناڪامي ملي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر بجلي ۽ گيس جو بحران موجود آهي پر ان سان گڏ ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ به هلي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سرحدن وٽ به ڇڪتاڻ واري صورتحال قائم ٿي وئي آهي، انهي جي ڪري ڪڏهن افغان سرحدن تان پاڪستاني سرحدن ۾ فائرنگ ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري ايران طرفان سرحدي ڀڃڪري ڪئي وڃي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني آرمي چيف چيو هو ته جيڪڏهن کين دهشتگردن خلاف پاڪستان جي سرحدن ۾ به ڪارروائي ڪرڻي پئي ته هو ضرور ڪندا، اهڙي بيان کان پوءِ گذريل ڏينهن چاغي ويجهو سرحد وٽان ايراني فورسز طرفان مارٽرل گولا فائر ڪيا يا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هو، هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بلوچستان جو حالتون انتهائي خراب ٿي ويو آهن. جنهن سبب اتي حڪومت جي رٽ قائم ٿيندي نظرپئي اچي، ان جو چٽو مثال سنڌي پورهيتن جي قتل مان به ملي سگهي ٿو ـ
هن وقت وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون بلوچستان جي صورتحال ڏسي رهيون آهن پر پورهيتن جي حفاظت لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا ان بابت ڪا به بريفنگ نه ڏني وئي آهي ۽ نه ئي وري بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڪا واضع پاليسي جوڙي وئي آهي، هن وقت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سنڌي پورهيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر بلوچستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن حڪمران بلوچستان جي حالتن کان قوم آگاهه ڪن ها ته اڄ بلوچستان ۾ سنڌي پورهيت ڪڏهن شهيد نه ٿين ها نه ئي وري لاش سنڌ اچن ها. جڏهن گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جو قتل عام شروع ٿيو هو ته ان وقت چيو ويو هو ته قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو پر ان وقت به ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي هئي ۽ نه شهيد ٿيل پورهيتن جي وارثن ڪا سارسنڀال لڌي وئي هئي. هڪ ڀيرو ٻيهر وري جڏهن بلوچستان ۾ پورهيتن کي قتل ڪيو ويو ته ان وقت به سڀ اهو ئي سوچي رهيا آهن ته شايد انهن جو به تعلق سنڌ سان نه هجي ها، بهرحال هو مسئلو ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري ايراني سرحد کان مارٽر گولا فائر ڪيا ويا هئا ، مطلب ته هڪ طرف ايران پاڪستاني حدن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته مٿان وري افغانستان جو پاڪستان سان رويو بهتر نه آهي. ان جو اندازو ڪجهه ڏينهن پاڪ افغان سرحد وٽ فائرنگ مان به لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال هن وقت بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل سنڌ اندر ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيوآهي پر ان باوجود حڪمران امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نه پيا اچن ـ
جڏهن بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل جون افواهون شروع ٿيو ته ان وقت به اهو ئي چيو ويو هو ته امن امان جي صورتحال بهتر آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پورهيتن جو بلوچستان ۾ قتل ٿيڻ تمام گهڻن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪي سنڌي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ٻي هنڌ ڪمائڻ نه ويندا آهن انهن کي ڪير وٺي بلوچستان ويو ۽ اتي وڃي ڪم ڪرائيندو هو، آخر انهن سنڌي پورهيتن کي ڪهڙي ضرورت پئي جو ذخيرن سان مالا مال سنڌ کي ڇڏي وڃي بلوچستان جي پهاڙن کي وسايو جيڪڏهن ان سموري صورتحال جو جائزدو وٺنداسين ذميوار حڪومت ئي نظر ايندي جيڪڏهن وفاقي حڪومت پورهيتن کي تحفظ فراهم ڪري ها ته اتي ڪنهن به شهر ۾ پورهيتن جو قتل عام نه ٿئي هئا، جيڪڏهن حڪومت کي هن وقت بلوچستان جي حالتن کان آگاهه ڪري ته پوءِ به ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتي بچي پوندويون ۽ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن وزيراعظم بلوچستان جي حالتن تي قوم کي آگاهي ڏيندو تڏهن وڃي ئي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ پوريهيتن جو قتال عام رڪجي سگهندو ـ

Columns

بلوچستان ۾ پورهيتن جي قتل کانپوءِ ٿيندڙ سياست ـ نصير ميمڻ

13 مئي جي ڏهاڙي گوادر لڳ هڪ روڊ جي آڏاوت واري رٿا تي ڪم ڪندڙ ڏهن سنڌي پورهيتن کي هٿياربند دهشتگردن سڃاڻپ کانپوءِ قطار ۾ بيهاري گوليون هڻي ماري ڇڏيو. روڊ جي اها رٿا گوادر کي هڪ ٻئي ساحلي ڳوٺ نما شهر جيوڻيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ عمل هيٺ اچي رهي آهي. بلوچستان جي ڏاکڻي پٽي، جنهن ۾ تربت، گوادر، پسڻي ۽ اورماڙي وارا علائقا اچي وڃن ٿا، اها هڪ ڊگهي عرصي کان بلوچ بغاوت جو وڏو مرڪز بڻيل آهي. انهن علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي به موتمار حملن جا اڻ ڳڻيا واقعا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بلوچ بغاوت جا اڳواڻ چوندا رهيا آهن ته فورسز جي آپريشن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهن جون جانيون ويون آهن. انهن علائقن ۾ ڪيترن سالن کان ماڻهن جي گم ٿيڻ بعد ۾ سندن لاشن ملڻ جو به سلسلو هلندو رهيو آهي ـ
گوادر، تربت، پنجگور جهڙا بلوچستان جا ڏاکڻا علائقا صوبي جي بلوچ آباديءَ وارن باقي ضلعن کان ڪجهه حوالن سان مختلف رهيا آهن. هي گهڻي قدر وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل آبادين وارا علائقا آهن، جتي ورايتي قبائلي سرداري نظام به اثر نه ٿو رکي. اهو ئي سبب آهي، جو انهن علائقن مان ڊاڪٽر عبدالمالڪ جهڙا وچولي طبقي جا قومپرست اڳواڻ اسيمبلين ۾ چونڊجي پهچندا رهيا آهن. علائقن جي آبادين جي گهڻي لهه وچڙ ڪراچي شهر سان رهي ٿي. علاج کان وٺي نوڪري ۽ ڪاروبار تائين انهن علائقن جو واسطو ڪراچيءَ سان وڌيڪ رهي ٿو. لڳ ڀڳ ساڍن ست سئو ڪلوميٽرن تي پکڙيل بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ جو اهو حصو ”مڪران ساحل“ سڏجي ٿو، جڏهن ته ان جو باقي حصو ڪراچيءَ کي ويجهو آهي ۽ ”لسٻيلو ساحل“ سڏجي ٿو. لسٻيلي واري پٽيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديون آهن، جيڪي ثقافتي طور سنڌ کي وڌيڪ ويجهيون آهن. مڪران توڙي لسٻيلي جي ساحلي پٽيءَ جي معشيت گهڻي ڀاڱي ماهيگريءَ سان سلهاڙيل آهي، جنهن ڪري ڪراچيءَ جي ساحلي پٽيءَ تي آباد سنڌي آبادين سان سندن قديمي ڳانڍاپو آهي ـ
گوادر شروع ۾ عمان جو حصو هو، جنهن کي پاڪستان 1958ع ۾ باقاعدي خريد ڪيو ۽ ڊسمبر 1958ع ۾ اهو باضابطه طور پاڪستان جو حصو بڻيو. اڳتي هلي ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ بلوچستان صوبي جي شڪل اختيار ڪئي ته گوادر به ان جو ضلعو بڻيو. مسقط سان ان ڳانڍاپي سبب تربت، مند، گوادر وغيره جي آبادين کي مسقط ۾ نوڪريون به ملنديون آهن ۽ خاص طور تي اتان جي فوج ۾ ڪيترائي بلوچ ڀرتي ٿيل آهن. مسقط ۾ نوڪريون به ان علائقي جي رهواسين جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو آهن. هيءُ علائقو ايران مان ڪچي تيل ۽ ٻين روزمرهه جي شين جي اسمگلنگ جو به اهم لنگهه رهيو آهي. ڪجهه عرصي کان ايران ۽ پاڪستان جي سرحدي ناتن ۾ سختي اچڻ کانپوءِ اسمگلنگ پهرين کان گهٽ ٿي وئي آهي. گوادر جي اصل اهميت معاشي ۽ عسڪري حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ان جي بيهڪ آهي. چائنا-پاڪستان معاشي راهداري رٿا متعارف ٿيڻ کانپوءِ گوادر هن خطي ۾ معيشت توڙي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان غير معمولي اهميت وارو ماڳ بڻجي چڪو آهي. راهداري رٿا جو اهم ترين جز گوادر پورٽ آهي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هن پورٽ کي ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويو. مختلف وقتن تي پيش آيل واقعن سبب هن پورٽ جو ڪم رنڊڪن جو به شڪار رهيو. 248 ملين ڊالرن جي هن رٿا ۾ چين جي شروع کان دلچسپي رهي آهي. 2007ع ۾ اڏاوت جي پهرين مرحلي مڪمل ٿيڻ تي حڪومت پورٽ جي آپريشن ۽ واڌ وارو ٺيڪو سنگاپور جي هڪ ڪمپنيءَ کي ڏنو، پر اڳتي هلي ان ڪمپنيءَ جي دلچسپي ختم ٿيڻ کانپوءِ 2013ع ۾ آصف زرداريءَ جي صدارت واري دور ۾ پورٽ جو ٺيڪو چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو ۽ هاڻي اها رٿا سي پيڪ جو حصو آهي. گوادر ۾ پورٽ کي ترقي ڏيارڻ کانسواءِ اتي بجلي گهر ۽ بين الاقوامي هوائي اڏو به تعمير ڪرڻ جون رٿائون آهن، گوادر پورٽ جي اهميت اها آهي، جو اهو هرموز واري سامونڊي لنگهه کان رڳو سوا ڇهه سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هرموز وارو لنگهه نار واري علائقي مان تيل جي ٽرانسپورٽ جو انتهائي اهم لنگهه آهي، جتان هر سال ڇهه ارب بيرل تيل سامونڊي جهازن وسيلي ٽرانسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. چين پنهنجي تيل جي درآمد جو 50 سيڪڙو وچ اوڀر مان خريد ڪري ٿو، جنهن جو لنگهه ان سامونڊي لنگهه مان ٿئي ٿو. ان لحاظ کان چين جي گوادر وٽ موجودگي سندس مفادن لاءِ نهايت اهم آهي. سي پيڪ رٿا هيٺ گوادر پورٽ کي چين جي علائقي ڪاشغر سان ڳنڍجڻو آهي. بلوچ هٿياربند گروهه گوادر رٿا جي ان نعري هيٺ مخالفت ڪن ٿا ته ان رٿا تي عمل ٿيڻ سان لکن جي ڳاڻيٽي ۾ ٻاهران ماڻهو اتي آباد ٿيندا، جنهن سان بلوچ مڪمل طور ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ پنهنجي ساحل تان اختيار وڃائي ويهندا. اهو ئي سبب آهي، جو گوادر ۾ چيني انجنيئرن کان وٺي ٻين صوبن مان ايندڙ پورهيتن ۽ سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ وارين دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جو گهڻو زور هن علائقي ۾ رهيو آهي. ان سڄي پسمنظر کي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته گوادر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ پورهيتن کي ڌاريو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جا واقعا توڙي ڪوسٽ گارڊز، ايف سي ۽ ٻين فورسز تي ٿيندڙ حملا روايتي نوعيت جا واقعا ناهن، پر انهن جو ڳانڍاپو هن سڄي خطي ۾ هلندڙ ان گريٽ گيم سان آهي، جنهن ۾ چين، ايران، هندستان ۽ اولهه جي ملڪن جا حڪمت عمليءَ وارا اونها مفاد سلهاڙيل آهن. اسٽيبلشمنٽ جا حلقا هن خطي ۾ ٿيندڙ هٿياربند ڪاررواين کي ان گريٽ گيم جو حصو سمجهن ٿا، جنهن جو هڪ مقصد چين جي ڳري سيڙپڪاريءَ واري راهداري رٿا کي ناڪام ڪرڻ آهي. اسٽيبلشمنٽ وارن حلقن جي راءِ آهي ته هندستان، ايران ۽ خليجي رياستن جا ڪجهه حصا گوادر پورٽ جي ترقي نٿا ڏسڻ چاهين، ڇو ته ان سان پاڪستان هن خطي ۾ هڪ وڏي معاشي طاقت ٿي اڀرندو ۽ چين به گوادر وسيلي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان نهايت اهم پٽيءَ جو مالڪ بڻجي ويندو. ان گريٽ گيم ۾ گوادر جي ترقيءَ جون مخالف قوتون انهن هٿياربند گروهن جون حامي سمجهيون وڃن ٿيون ـ
گوادر بابت بلوچن جي خدشن کي مختلف حلقا صحيح سمجهن ٿا، اهو ئي سبب آهي، جو هڪ مرحلي تي جنرل پرويز مشرف به اها آڇ ڪئي هئي ته گوادر ۾ غير مقامي ماڻهن جي ووٽ واري حق کي محدود ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ڪجهه مهينا اڳ بلوچستان جي صوبائي ڪابينا پڻ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اهڙي ڪمپني جوڙي هئي، جنهن کي گوادر جي اصلوڪن رهواسين جي سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻيون آهن، البته بلوچ ويڙهاڪ ان رٿا جي مڪمل طور خلاف آهن ۽ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه يا شرطن تي بحث ڪرڻ بجاءِ هو هٿياربند طاقت وسيلي ان رٿا کي روڪڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو هو وقت بوقت ان علائقي ۾ ٿيندڙ تعميراتي ڪمن جي ٽيمن تي حملا ڪن ٿا ۽ پورهيتن کي قتل ڪندا رهن ٿا. ان عمل کي بندوق باز گروهه بلوچ قومپرستي ۽ بلوچن جي حقن جي جدوجهد جو نالو ڏين ٿا. درحقيقت قومي حقن جي جدوجهد ۾ قومپرستي ۽ نسل پرستيءَ جي وچ ۾ ڏاڍي سنهي لڪير هوندي آهي، جيڪا ٽپڻ سان نيشنلزم فاشزم ۾ بدلجي ويندو آهي. جيڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ فرض ڪجي ته بلوچ ويڙهاڪ ان علائقي ۾ گوادر پورٽ سان لاڳاپيل تعيمراتي ڪم جا مخالف آهن ۽ ان ڪم ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن کي ان ڏوهه ۾ قتل ڪن ٿا ته پوءِ سوال اهو آهي ته آخر انهن پورهيتن مان بلوچي ڳالهائيندڙ کي الڳ ڪري ٻين کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ جيڪڏهن سندن خيال موجب ان رٿا تي ڪم ڪندڙ سمورا پورهيت بلوچستان جا دشمن آهن ته پوءِ ڪو بلوچي ڳالهائيندڙ پورهيت به ته ساڳيو ڏوهه ڪري رهيو هوندو. ساڳي طرح اهي هٿياربند مقامي سطح تي انهن تعميراتي ڪمن جا ٺيڪا کڻندڙ مقامي ماڻهن تي ڪو به حملو ناهن ڪندا، پر ان ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪندڙ غريب پورهيتن کي قتل ڪندا آهن. سڌن لفظن ۾ ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهو قومپرستي نه، پر نسل پرستيءَ وارو رويو آهي. نسل پرستن جي هڪ ٻي نشاني اها آهي ته جڏهن اهي پنهنجي مخالفن مان سگهارين ڌرين سان پُڄي نه سگهندا آهن ته پوءِ ڪمزور طبقن کي نشانو بڻائيندا آهن. جڏهن ويڙهاڪن وٽ بندوق کڻندڙن سان ويڙهه جي طاقت نه رهي آهي ته اهي ڪوڏر کڻندڙن تي گوليون هلائن ٿا. اهو عمل غير انساني ۽ غير اخلاقي دهشتگرديءَ جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ ان کي قومپرستي قرار ڏيڻ خود قومپرستيءَ جي بنيادي تصور جي ابتڙ آهي ـ
هونءَ ته هر قوم ۽ گروهه پنهنجي سماجي ۽ سياسي حالتن آهر پنهنجي جدوجهد جا طريقا طئي ڪندو آهي، پر اڄوڪي دنيا ۾ ڪمزور طبقن ۽ هٿين خالي عام شهرين کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻائڻ وارن طريقن لاءِ دنيا ۾ ڪا به همدردي ۽ عزت ناهي رهي. اهڙا طريقا استعمال ڪندڙ ٽولا پاڻ پنهنجي قومي حقن جي جدوجهد جي سڀ کان وڏي دشمني ڪندڙ آهن. اهڙن طريقن سان بلوچن جي جائز سياسي حقن جي جدوجهد کي ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ترقي پسند خيال رکندڙ ڌرين جي جيڪا حمايت حاصل آهي، اهي ان کان به پاڻ کي محروم ڪندا ۽ پاڻ کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ اڪيلو ۽ ڪمزور ڪندا. دهشتگرد ٽولن ۽ سياسي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي سياسي ڌرين ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي. پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر ون يونٽ ۽ پنجاب جي حڪمران طبقن خلاف زبردست سياسي جدوجهد هلندڙ هئي. ان ئي دور ۾ بئراجن جي زمين جي نيلاميءَ وسيلي پنجاب مان لکين ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا، پر سنڌ واسين پنهنجي جدوجهد کي پرامن سياسي جدوجهد جو رنگ ڏنو ۽ ڪٿي به پنجابي سيٽلرن جي آبادين تي منظم حملا ڪرڻ يا رٿوڇاڻ ڪرڻ جا واقعا پيش نه آيا. اڄ اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ انهن ئي پنجابي آبادڪارن جو نئون نسل ثقافتي ۽ قومي طور سنڌين جو حصو بڻجي چڪو آهي. انهن پنهنجا ثقافتي ۽ معاشي ناتا سنڌين سان ڳنڍي ڇڏيا ۽ سنڌ جي قومي هلچل کين سنڌين جي قومي ڌارا جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. انهن مان ڪيترائي پنجابي ڳالهائيندڙ اڄ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين مسئلن تي سنڌ واسين سان گڏ جدوجهد جو حصو بڻيل آهن. اها پرامن قومپرست جدوجهد جي سگهه هئي، جنهن جي نتيجي ۾ دوست محمد پراچا، سائين جي ايم سيد جي زندگي بچائڻ لاءِ جان ڏني ۽ هڪ پنجابي ڳالهائيندڙ گهراڻي جو نوجوان سرمد سنڌي، سنڌ جي قومي راڳي طور سنڌ واسين جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري ٿو. بلوچ قومپرستن ان جي ابتڙ تشدد ۽ رتوڇاڻ وارو طريقو استعمال ڪيو آهي، جنهن جا اگرا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن ـ
بدقسمتيءَ سان گوادر واري واقعي جي ردعمل ۾ ڪجهه سطحي سوچ رکندڙ ماڻهن سوشل ميڊيا تي سنڌ اندر رهندڙ بلوچن خلاف غير ذميواراڻي جملي بازي شروع ڪري ڏني. سنڌ جا بلوچ قومي ۽ ثقافتي طور مڪمل طور سنڌي آهن ۽ سندن بلوچ سڃاڻپ هڪ برادريءَ تائين محدود آهي. جيئن جيئن سنڌ ۾ شهري زندگي سگهاري ٿيندي، اهي قبائلي ۽ برادريءَ واريون سڃاڻپون به ختم ٿي ويندوين. ان نوعيت جون قبيلائي ۽ ذات پات واريون سڃاڻپون زرعي سماج جو حصو آهن، جتي فرد ۽ خاندان راڄ ڪندا آهن. صنعتي ۽ شهري سماجن ۾ فردن جي سڃاڻپ ذات برادريءَ سان نه، پر سندن سماجي ڍانچي ۾ بيهڪ ۽ ڪردار سان ٿيندي آهي. ان لحاظ کان سنڌ اندر بلوچ سڏائيندڙ ذاتيون ۽ قبيلا سياسي ايڪي طور مڪمل طور سنڌي آهن. ان حقيقت جو اندازو 1998ع واري آدم ڳڻپ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن موجب سڄي سنڌ ۾ رڳو ٻه سيڪڙو ماڻهن زبان جي خاني ۾ بلوچي ۽ رڳو هڪ سيڪڙو ماڻهن سرائيڪي زبان لکرائي هئي، جڏهن ته 60 سيڪڙو رهواسين پاڻ کي سنڌي لکرايو هو. جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ پاڻ کي سنڌين کان الڳ سڃاڻپ جي خاني ۾ رکڻ چاهين ها ته پوءِ اهي انگ اکر ابتا ٿي وڃن ها. سنڌ جي قومپرست جدوجهد ۽ ثقافتي محاذ تي سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙن جي فهرست ته بلوچ ذاتين سان ڀري پئي آهي. گوادار ۾ هٿين خالي پورهيتن جو قتل ڇڙواڳ بندوق باز ٽولن ڪيو هو ۽ ان جو سوال بلوچ قومپرستيءَ جي هام هڻندڙن ۽ بلوچستان توڙي وفاقي حڪومت کان ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچن جو بلوچستان جي بندوق بازن سان ڪو به واسطو ناهي، جو انهن لاءِ سنڌي هجڻ يا نه هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن. اهو بحث شروع ٿيڻ درحقيقت سنڌ اندر قومي هلچل جي ڪمزوريءَ جي نشاني آهي. سائين جي ايم سيد ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن پنهنجو نور نچوئي سنڌ واسين کي سنڌيت واري سياسي سڃاڻپ سان آشنائي ڪرائي هئي. اها پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي اندر غير معمولي سوڀ هئي، جنهن کي سطحي جملي بازيءَ سان هاڃو رسايو پيو وڃي.
ساڳي طرح ان قسم جي دهشتگرديءَ وارن واقعن سان سنڌ اندر بلوچن جي سياسي تحريڪ لاءِ موجود سياسي ۽ اخلاقي همدرديون لازمي طور ڪمزور ٿينديون. بلوچ قومپرستن کي اهڙي قسم جي دهشتگرد ڪاررواين خلاف چٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. بلوچستان جي عام رهواسين توڙي سياسي اڳواڻن لاءِ سنڌ هميشه ٻئين گهر جيان رهي آهي. ٻنهي پاسي هزارين ڪٽنبن جا رت جا رشتا آهن. ٻنهي صوبن ۾ سنڌي ۽ بلوچي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ٻنهي صوبن جي اصلوڪن رهواسين سان هن نظام اندر زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو وسيلن جي مالڪي، ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد، قومي سڃاڻپ، ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ وارن خطرن خلاف ٻنهي صوبن جي عوام گڏيل سياسي جدوجهدون ڪيون آهن ۽ کين مستقبل ۾ به هڪ ٻئي جي سياسي واهر جي ضرورت پوندي رهندي. سمورن صوبن اندر مظلوم طبقن جون زندگيون زهر ٿيل آهن، قومي حقن جي جدوجهد ڪير به اڪيلو ٿي نٿو هلائي سگهي، کٽڻ ته پري جي ڳالهه آهي. قومپرستيءَ جي نالي تي ان قسم جي دهشتگردي ڪندڙ گروهه ڪمزور طبقن ۽ محڪوم قومن جي سياسي حقن جي جدوجهد جا ويري آهن ۽ انهن کي ڪا به همدردي حاصل نه ٿيڻ گهرجي. ساڳي طرح اهڙن واقعن کي بنياد بڻائي سنڌ اندر ڪو نئون نسلي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ واري سوچ به سياسي نابالغي ۽ سطحي پڻي جي علامت آهي، جنهن سان سنڌ واسين جي قومي حقن جي پرامن سياسي جدوجهد کي ڇيهو رسندو. سنڌ جي سياسي قيادت ۽ ساڃاهه وندن کي ان صورتحال ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ اندر ڪنهن به نسلي ٽڪراءَ واري سوچ جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي. سنڌ اڳي ئي سنڌي ۽ اردو آبادين جي ٽڪراءَ سبب ڏهاڪن کان ڀوڳي رهي آهي ۽ ان جي قيمت مجموعي طور سڄي سنڌ ڀري رهي آهي. سنڌ ۾ ان نسلي شائونزم کي اڀارڻ ۾ انهن طاقتن جي دلچسپي آهي، جيڪي سنڌين جي قومي سڃاڻپ ۽ سنڌيت جي بنياد تي هلندڙ قومي حقن واري جدوجهد جا بنياد ختم ڪرڻ گهرن ٿا. انديشو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ان نوعيت جا وڌيڪ واقعا ڪرائي سنڌين کي سڃاڻپ جي ڇريءَ سان ورهايو وڃي. ان قسم جي روين کي ٻنجو ڏيڻ سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد جي اڻٽر گهرج آهي ـ

Columns

سنڌي بلوچ تضاد ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي؟ ـ ڊاڪٽر ذوالفقار علي راهوجو

محترم جامي چانڊيو جو هڪ ٻيو پر وقتائتو آرٽيڪل ”سنڌي بلوڃ تضاد ڪنهن جي مفاد ۾آهي ؟ “ ڪاوش اخبار تان نظر مان گذريو. جنهن کي مون وڌيڪ باريڪ بيني سان وچار هيٺ آندو آهي. اهو صحيح آهي هي واقعو چوٿون دفعو دهرايو ويو آهي ۽ هاڻ تائين بي ايل جي طرفان قبول ڪيل ڪارواين ۾ 40 سنڌ جا غريب مزدور قتل ڪيا ويا آهن. کڻي اهو به مڃجي ته بلوچ قيادت مان ٻن جا مذمتي بيان آيا آهن. شايد ٻيا به سنڌ جي عوام جي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي مذمتي بيان ڏئي به وجهن. اها ڳالهه پنهنجي جڳهه تي موجود آهي ته بلوچستان ۾ قومي تحريڪ جون پاڙون هاڻ به بلوچ شاونزم ۽ سرداري قومپرستي ۽ بلوچ نسل پرستي جي گهيري ۾ وڪوڙيل آهن ـ
آرٽيڪل ۾ سنڌ جي قومي رهنمائن رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، مير علي بخش ٽالپر توڙي ٻين سنڌ جي رهنمائن طرفان بلوچ عوام جي حق ۾ ٿيندڙ جائز مدد کي مڃيو ويو آهي ۽ سنڌ ي عوام هاڻ به پير پوئتي نه ڪيو آهي. پر اصل سوال نسل پرستي ۾ ورتل بلوچ ليڊر شپ، سندن هيٺان هلندڙ انهن گروهن جو آهي جيڪي سنڌ جي عوام ڏانهن هن وقت به ٻه اکيائي رکيو ويٺا آهن. اها ٻه اکيائي سندن سياسي موقفن مان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نظر پيئي اچي جن جو ڪجهه ذڪر جامي چانڊيي ( جناب ڀٽي جي شهادت وقت سندن ان ناحق قتل جي مذمت نه ڪرڻ ، پاڻ کي نسلن برتر سمجهڻ ،ايم ڪيو ايم جي ڀاڳيلن کي بلوچستان ۾ پناه ڏيڻ، پاڻ کي اتم ۽ اعلي سمجهڻ) به هن آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي هن وقت جي موجود علائقن لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ، شڪار پور ،الهندي دريا ڪناري تي سمورن ٻين علائقن تي دعوا ڪرڻ ، ڪراچي تي دعوا ڪرڻ جبري غلط قبيلائي فيصلا ڪرڻ، لفظ جگدال کي توهين آميز سمجهڻ بلوچستان جي علائقي ۾ تاريخي طرح آباد ٻين سنڌي نسلن کي گهٽ سمجهڻ (حالانڪ اهي آباديون هزارين سالن کان لاڏائو قبيلن جي مستقل آباد ٿيڻ ڳان اڳ جون آهن) ۽ سنڌ ۾ نسل پرست بلوچ شاونزم کي همٿائڻ ، سرداري اثر وڌائڻ ۽ سياسي نظرياتي طرح واضع موقف اختيار نه ڪرڻ ، سنڌي عوام جي وسيع نظري قومي حمايت نه ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون شامل آهن. ظاهر آهي ان رويي جي عوامي سطح تائين بلوچ علائقن توڻي سنڌ جي علائقن ۾ به پزيرائي ملي آهي جيڪا هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي. ان ڪري مقامي سطح تي عوام ۾ تضاد به مليا آهن جنهن ڪري ڪيترن علائقن ۾ ساڳيو ئي طبقاتي درجو رکندڙ غريب ماڻهو، ٽولا پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا. اسين ان کي ڪراچي جي بند گلين (لياري) توڻي اتر سنڌ جي سمورن علاقن ۾ ڏسون ٿا. ٻئي طرف ان جي ردعل ۾ سنڌ م به نفيس سنڌي نسل پرستي جو اظهار (جامي چانڊيي جي هن آرٽيڪل ۾ نه) پر فيس بڪ تي وچ اوڀر جي بهار تحريڪ وانگر ائين ڀريو ويو آهي ڄڻ ڪا نظرياتي جنگ ڇڙي پيئي هجي. سنڌ جا وڏيرا ڀل کڻي ان کي هٿي ڏين پر ان بحث ۾ سنڌ جا اهل علم، سول سوسائٽي ِ۽ سياسي ڪارڪن به ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ـ
ان بحث ۾ سنڌ ۾ حر تحريڪ دوارن بلوچ قيادتن/حڪمرانن (عوام نه) جي ادا ڪيل غلط ڪردارن جي خبر به پوي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن جي تڏهن جي حڪمران مٿين طبقي جي ڪردار جي ڄاڻ به پوي ٿي . پر ان بحث ۾ ڪافي دوست لينن جي ان قول وانگر ته جي اوهين روسي ڪميونسٽ کي جي اندران کوليندا ته اهو ڪٽر روسي شاونسٽ نظر ايندو. ان سموري بحث ۾ سنڌي اردو توڙي انگريزي زبان ۾ ٻيا وچ ڪُٽيا، رونشي باز، علم کان وانجهيل ۽ ٻين جي لاءِ (پراڪسي)، ففٿ ڪالمسٽ سڀ گهڙي پيا آهن ته ڀل ممڻ مچائجي ۽ ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪجي. اهو نظر به اچي پيو ـ
سنڌ جي اهل علم ساٿين جو فرض آهي ته هو انهن سمورن حملن جن ۾ سنڌ جا مزدور جان جو نظرانو ڏيئي چڪا آهن ان عمل جي ندا ڪن ۽ اهو به نالو کڻي ان جي مذمت ڪن پر تاريخي طرح صدين کان سنڌي بلوچ توڻي سموري ملڪ جي پورهيت عوام ۾ ڊگهي ۽ وسيع مفادن واري ڳانڍاپي کي هرگز دور ڪرڻ نه ڏين. عوام جو قتل ڪنهن به حالت ۾ جائز ناهي اها دهشت گردي آهي ان کي هر حالت ۾ نندڻ لازمي آهي. جامي چانڊيي طرفان آيل تجويزن ۾ سنڌ جا ماڻهو ڀل پيش قدمي ڪن ۽ ان جو ڪو لاڀائتو مسلسل ڪردار به ادا ڪن. پر ان کان سواءِ سنڌ ۾ ترقي پسند، عوام دوست قوم دوست لکارين جو فرض آهي ته هو نئين دور جي حوالي سان قومن، سماجن، طبقن ۽ سماجن جي درجي بندي جي باري ۾ نئين سر تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ڪن. هي ڪم سوشل ميڊيا تي به انتهائي اهم آهي. صرف پرنٽ ميديا تي نه اچڻ کپي. قومون هڪ نسل سان نه ٺهنديون آهن. ساڳيو قانون بلوچستان جي ماڻهن، سنڌي قوم توڻي ملڪ جي ٻين قومن سان لاڳو آهي. نئين دور جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ته اهو موضوع انتهائي اهم جڳهه والاري ٿو. اچو ته ان جو نئين سر جائزو وٺون ـ

Columns

CPEC is Pakistan's Future!

Pak-China Economic Corridor (CPEC) is focusing on Balochistan and Gawadar is going to be its focal point. Gawadar will be connecting point of Middle East, China and Central Asian states. 230 more words

سنڌ جي پورهيتن جو قتل ۽ بلوچ قومپرست سياست ـ سجاد ظهير

بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي، هيءُ واقعو بلوچستان جي ضلعي گوادر جي ڳوٺ پشڪان ۾ پيش آيو آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 10 سنڌي پورهيتن کي قتل ڪيو ويو آهي. اکين ڏٺي شاهد جي بيان مطابق هن دهشتگردن کي ٻڌايو ته هيءُ پورهيت سنڌي آهن، ان شاهد جي هڪ به ٻڌي وئي کيس پري ٿيڻ جو چيو ويو، سمورن پورهيتن کي قطار ۾ بيهاري شهيد ڪيو ويو. هيءُ دهشتگردي جو هڪ تمام وڏو مثال آهي. هي واقعو ڪو پهريون واقعو نه آهي ان کان پهرين ڪيترائي دفعا، مختلف وقتن تي پورهيتن سان ويساهه گهاتيون پئي ٿينديون رهيون آهن. 2015ع جي اپريل مهيني جي 11 تاريخ تي ساڳي ئي پٽي تربت ۾ 20 پورهيتن کي پڻ ساڳي ريت ڪارڊ چيڪ ڪري قتل ڪيو ويو. ٻنهي واقعي جي ذميداري ساڳي ئي دهشتگرد گروهه قبول ڪئي. جنهن اظهار بعد ۾ سماجي رابطي ذريعي ڪيو ويو. تاريخ ۾ جهاتي پائجي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٽن ورهين جو اندازو لڳائجي ته پتو پوي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ 44 پورهيت قتل ٿيا آهن، جن ۾ گهڻو ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي پورهيتن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته اهڙي صوبي جي پورهيتن کي ننڍڻڪو ڪري مارڻ جو هي عمل فقط دهشگردي جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. سنڌ صوبو تاريخي طور بلوچستان جي جاگرافي سان ڳنڍيل آهي. هتان جا ماڻهو بلوچي توڙي سنڌي ڳالهائڻ باوجود هڪ ٻئي جا مائٽ ۽ ساٿي رهيا آهن. سنڌ صوبو جيڪو هميشه بلوچستان جي قومي تحريڪ جو حمايتي رهيو آهي. سنڌ پورهيتن جو اهڙو قتل عام سنڌ جي عام پورهيت جي ذهنن ۾ کوڙ نون سوالن کي جنم ڏئي ٿو. مختلف سياسي ٽولن جا پاڻ ۾ ذاتي مفاد، جن کي سياسي چوڻ تي دل هاڻي هزار ڀيرا سوچي ٿي. اهڙي جنگ ۾ پورهيتن جو قتل عام وارو عمل مظلوم پورهيتن جي دل ۾ نفرت جو بنياد وجهڻ ۾ ڪابه دير نه ڪندو. جيتوڻيڪ هن عمل تي بلوچستان جي قومپرست ڌرين کي سوچڻ گهرجي ها، سخت رد عمل ظاهر ڪرڻ گهرجي ها. پر ائين ناهي ٿي سگهيو. بلوچستان جي وسيلن جي ويڙهه ۽ بلوچستان جو قومي سوال هڪ الڳ معني رکن ٿا. انهي ڪري دهشتگرد ٽولن جي اهڙن واقعن کان پوءِ قومي سوال جي به ڇنڊ ڇاڻ ٿين گهرجي ـ
هي بلوچستان جي سامونڊي پٽي آهي جتان جي ماڻهن جو گهڻو ڏيتي ليتي جو حساب ڪتاب به سامونڊي سرمايي تي هلي ٿو. جنهن جو بنياد مڇي جو ڪاروبار آهي. بلوچستان جو اهو علائقو جنهن جي سموري پاسي کان سامونڊي ڪنارا آهن، انهن تي ٺهندڙ بندرگاهون به هڪ وڏو موضوع رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو بلوچستان جيڪو ايراضي ۾سڀ کان وڏو ۽ محرومي ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي نظر اندازڪيل خطو آهي. اسان مڃون ٿا ته اتي ڪابه نڍي وڏي چرپر اتان جي پورهيتن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي جهنجهوڙي وجهي ٿي.گوادر بلوچستان جو اهو علائقو آهي جتي مختلف ملڪن جا سامونڊي علائقن جا مفاد جڙيل آهن. خود بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي رهندڙ مهاڻن جي بک جا ڳڀا به انهن بندرن تي بنياد رکن ٿا. ڇا ان جو حل ٻين صوبن جي پورهيتن کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ آهي ؟ نه ڪڏهن به ! ـ
مڃون ٿا ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي مارشلائون لڳيون جن بلوچستان جي ڏتڙيل عوام کي تشدد جو نشانو بڻايو. بلوچستان جي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڦاهيون ڏنيون ويون، بلوچ قوم سان سان رنگ نسل ۽ رهڻي ڪهڻي جي طور تي به ٻه اکيائي وارو رويو رکيو آهي. پر ان جو مقصد ڪنهن برداري جي پورهيت کي فقط نسل ۽ ٻولي جي بنيادن تي قتل ڪيو وڃي هي انصاف نه پر نسل پرستي آهي. انهي جي حمايت ڪڏهن به نه ڪبي ـ
بلوچستان ۾ جتي طبقاتي سوال موجود آهي اتي ان کان وڌيڪ قومي سوال پڻ طاقت سان نظر اچي ٿو. اتان جي ماڻهن ۽ سندن قومي سوال کي ڪنهن به قيمت تي نظر انداز ڪرڻ نظرياتي سياست سان غداري ليکبي، پر پورهيتن جي قتل وارو سوال پڻ اسان جي نظرياتي سگهه جو امتحان وٺي ٿو. ڇا پورهيتن جي اهڙي قتل تي سنڌ توڙي بلوچستان جي پورهيتن ۽ سياسي ڪارڪنن جي خاموشي پڻ پورهيتن جي حقن سان غداري ناهي؟
مڃون ٿا ته بلوچستان جي اصلوڪن ماڻهن جي حالت سنڌ کان ڪا مختلف نه آهي پوءِ به ڏٺو وڃي ته بلوچستان جا ڪيترائي شهر توڙي ڳوٺ ايڏو وڏوسرمايو پيدا ڪن ٿا ۽ پاڻي جي ڍُڪ لاءِ تڙپن ٿا. بلوچستان وسيلن جي حساب سان تمام اڳ ڀرو آهي پر اهي ڪنهن جي کيسي ۾ وڃن ٿا ان تي هتان جا حڪمران سامراجي ڪردار ادا ڪن ٿا. بلوچستان جي عوام کي ان جو حساب ڪتاب اتان جي نوابن ۽ سردارن جي ڳٺ جوڙ واري حڪومتن کان ڪرڻ گهرجي. نه ڪي ان تي انهي جو مطلب، ڪڏهن به اهو نه آهي ته ٻين صوبن جي پورهيتن کي قتل ڪري حساب ڪتاب ان ريت ڪيو وڃي. پورهيتن سان ويساهه گهاتي ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ڪين ڏبي. سياسي ورڪر جي طور اهڙي عمل کي دهشگردي جو عمل سڏبو. عوام دشمن ۽ بلوچستان جو حقيقي سامراج مخالف سياسي ورڪر، خاموش رهڻ بجاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ـ
وسيلن جي حوالي سان بلوچستان جي اهميت مختلف نمونن جي آهي، پٿريلي زمين وارو پاسو معدني طور امير سمجهو وڃي ٿو، کيڙي وارو علائقو جتي مختلف ميون جا باغ پڻ آهن، جتان سموري ملڪ ۾ ميوا موڪليا وڃن ٿا. ملڪ جون تمام وڏيون مارڪيٽون انهن منجهان ڳرو ناڻو ڪمائين ٿيون. پر انهن وسيلن جي مالڪي نه هجڻ ڪري بلوچستان کي ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو. ان جو پڇاڻو بلوچن کي بلوچ قيادت کان ڪرڻ گهرجي، نه ڪي گولين جو مينهن وسائي بُک جي ستايلن غريب پورهيتن کان سندن قتل جي صورت ۾ ڪرڻ گهرجي ـ
مڃون ٿا ته هتي تيل ۽ گيس سميت ٻيا کوڙ سارا معدني ذخيرا سندن مستقبل کان پري ڪيا وڃن ٿا. انهن وسيلن جي ڦرلٽ بلوچ قومي محرومي کي جنم ڏنو آهي بلوچستان جا وسيلا فقط بلوچن جي حوالي ٿيڻ گهرجن. ڄاڻون ٿا ته ان سان ڪنهن کي به اختلاف نه هجڻ گهرجي. پر ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور جڏهن پنهنجا سمورا ٻيڙا ساڙي بلوچستان جي علائقن جو رخ ڪري ٿو، نتيجي ۾ کيس گولين جو بَکَ بڻايو وڃي. اهڙو دهشتگردن جي ڪاررواين کي به روڪڻ لاءِ بلوچ عوام کي اڳ تي اچڻو پوندو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ٻاهرين ۾اڻهن جا ڪٽڪ ايندا رهيا آهن، توڙي هن وقت ڪراچي ۾ رهندڙ غيرقانوني افغانين جو سوال گردش ڪندي نظر اچي پيو. ان تي سنڌ جا ماڻهو پرامن احتجاج ڪندا رهن ٿا. جيڪو هڪ بهتر عمل آهي. سوال اهو ناهي بلوچستان ۾ ڪير ٿو اچي ڪم ڪري، پر سوال اهو آهي ته بلوچستان جي جابلو پٽين ۾ ڪير ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي يا ناهي؟
پورهيتن جو قتل برداشت کان ٻاهر آهي، قومپرست سياست ۾ نسل پرستي جي آخري شڪل چئجي ته گهٽ نه ٿيندو. بُک ۽ بدحالي جي تڪليفن جي هيڻن سان اهڙو رويو سياست نه پر چنگيزي آهي. پورهيت پنهنجي پورهئي جي تلاش ۾ ڪٿي به وڃي سگهي ٿو. بلوچستان وٽان اهو اهڙو رويو نفرت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. اهڙا واقعا حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان به سوال ڇڏين ٿا. پورهيتن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميداري آهي، جنهن ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي. سنڌ حڪومت بلوچستان جي حڪومت کان پڇاڻو ڪري. وفاق اهڙي قتل جي آزاد تحقيق ڪرائي قاتل کي سزا ڏياري ته جيئن پورهيتن سان ٿيل واقعي جو ازالو ٿئي. بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ مختلف صوبن جي پورهيتن کي بلوچستان حڪومت تحفظ ڏئي. شهيد ٿيندڙ هرهڪ پورهيت لاءِ 30 لک جڏهن ته زخمي مزدور کي 15 لک ڪمپنسيشن جي طور ادا ڪيا وڃن ـ
بلوچستان جي مسئلي تي کوڙ سارا نظرياتي قومپرست توڙي سوشلسٽ پڻ رومانويت جو شڪار آهن. اهي بلوچ سوال جو تنقيدي جائزو وٺڻ بجاءِ فقط پنهنجو پارٽي نقطو پيش ڪندا رهندا آهن. اسان سڀ هن ملڪ ۾ رهون ٿا، سماجي سائنس جا شاگرد آهيون اسان جو فرض ٿئي ٿو ته غلط تحريڪ ۽ ان ۾ ڇڙواڳي واري عنصر کي سخت موقف سان تنقيد جو نشانو بڻايون. جتي به قومي قومن جو سوال اٿي اتي هنن پورهيتن جي قتل جو پڇاڻو به ڪريون. نه رڳو پڇاڻو پر اهڙن دهشگرد ٽولن جي حمايت ڪندڙن کي سخت جواب ڏجي ۽ انهن جي سياسي عمل جو پڻ بائڪاٽ ڪجي. قومي تحريڪن جو تنقيدي جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. بلوچستان جتي انقلابي تحريڪن ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي اتي اهڙي عمل تي انهن کي به پڻ احتجاج ڪرڻ گهرجي ـ

Columns

سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن جو راڄ ـ صاحب خان ڀٽي

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف سربراهه چئي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر سچو ڪير آهي، نوازسرڪار سچي آهي يا وري پي ٽي آءِ جو موقف درست آهي، پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾ واقعي ڌاڙيل جو راڄ قائم آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، اهو صرف ان ڪري ئي ٿي رهي آهي جو هتي ڌاڙيل سنڌ وسيلن تي قابض آهن ان جي ڪري ئي اڄ سنڌ اندر گيس ۽ بجلي جو بحران تمام گهڻو وڌي ويو آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال هن ديس ۾ نه ته بجلي جي بهتر نموني فراهمي ڪئي پئي وڃي ۽ نه گيس فراهم ڪيو پيو وڃي، ان جي ڪري هتان جو عوام تمام گهڻو پريشان آهي پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي سرڪار ڪي به قدم نه کنيا آهن. هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما ليڪس تي نواز ليگ مٿان ڇتي تنقيد ڪندو رهيو آهي پر ڊان ليڪس معا ملي ته ٿورو هٿ هلڪو رکيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ وفاقي گهرو وزارت به ڊان ليڪس واري حساس معاملي تي چيو آهي ته قومي سلامتي واري معاملي تي هو ڪنهن به قسم جي تنقيد برداشت نه ڪندا، ان حوالي سان ايف آءِ اي کي به حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج جي تضحيڪ ڪري ته ان خلاف سخت قدم کنيو وڃي ان سان گڏ پاڪ فوج تي به تنقيد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڏٺو وڃي ته اهو عمل بهتر به آهي پر ان جي آڙ ۾ جيڪڏهن نواز سرڪار سمجهي ته ڊان ليڪس معاملي ۽ پاناماما ليڪس معاملي تي قوم کانئن سوال نه ڪندي ته اها سندن ڀُل آهي ـ
باقي رهي ڳالهه سوشل ميڊيا جي ته ان تي پابندي لڳائڻ جون ڪيتري ئي عرصي کان سازشون ٿي رهيون آهن جنهن جي ڪري ڪڏهن جذباتي بيانن کان ڪم ورتو پيو وڃي ته ڪڏهن وري مختلف بل پاس ڪيا پيا وڃن ته جئين سياستدانن ۽ غلط ڪم ڪندڙن خلاف ڪو به شخص سوشل ميڊيا تي آواز اٿاري نه سگهي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو اهڙن اشوز کي سوشل ميڊيا تي کڻي رهيا آهن جيڪي هتان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڏيکارڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي، ڪجهه اهڙا اشوز به سوشل ميڊيا تي اڀريا آهن جن جو سپريم ڪورٽ پاڻ به نوٽيس ورتو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ اسٽيج ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو جنهن جي خبر ڪنهن به ميڊيا تي نه هلي هئي پر اها خبر سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو پکڙجي وئي هئي پر ان باوجود ته اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ان کي نه هلايو هو پر جڏهن سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ۽ رپورٽ طلب ڪئي ته اها خبر مجبورن پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي نشر ڪرڻي پئجي وئي هئي ـ
بهرحال اڄ سوشل ميڊيا کي لغام وجهڻ سان غريب ماڻهن جا حق ئي غضب ٿيندا.. بهرحال وزيراعظم نوازشريف چيو هو ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ۽ اهڙي هدايت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي به ڪئي وئي ه ئي پر گذريل ڏينهن پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي رمضان ۾ بجلي بند ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته رمضان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي سگهي ٿي، ان مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته وفاقي سرڪار رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِڪي خاص قدم نه کنيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب پاناما ليڪس ۽ ڊان ليڪس معاملو به ٿي سگهي ٿو پر اهڙن معاملن سان عوام جو ڇا وڃي جيڪي واعده قوم سان ڪيا ويا آهن، انهن تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته بجلي جو خاتمو آندو ويندو، رمضان المبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ته مٿان وري پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي وزيراعظم نوازشريف جي ڏنل بيان جي ابتڙ ڳالهائي رهيو آهي. جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته وفاقي سرڪار صرف بيانبازي کان ئي ڪم وٺي رهي آهي ۽ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. ايتري قدر جو عابد شير علي اهو بيان به ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ چئني صوبن ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ اهو به چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي جنهن کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. عابد شير علي اهو به چيو ته ماضي ۾ 20 ڪلاڪ به لوڊشيڊنگ رهي پر هنن بجلي جي بحران تي ضابطو آندو آهي ـ
جيڪڏهن عابد شير علي جي سنڌ بابت ڏنل بيان تي غور ڪنداسين ته ان ۾واقعي ڪو شڪ به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جمهوري حڪومت هجي يا آمريت جو دور هجي، ٻنهي دورن ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي برابر ٿيندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ تمام گهڻو پوئتي آهي، سنڌ جي پاڻي تي به ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ به ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ مان نڪرندڙ گيس ۽ ڪوئلي مان بجلي تيار ڪري سنڌ کي ڏني وڃي ها ته اڄ هتي بجلي جو بحران پيدا نه هجي ها ۽ نه ئي هتان جا آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپن ها، جيتوڻيڪ اڄ وزيراعظم نوازشريف اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي پر ان باوجود اڄ به سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقن آهن جتي نه ته بجلي جي فراهمي بهتر نموني سان ڪئي پئي وڃي ۽ نه گيس فراهم ڪيو پيو وڃي پر ان باوجود سنڌ جا ماڻهو خاموش آهن ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گيس بحران تي صرف احتجاج ئي ڪري رهيا آهن پر ان باوجود حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ـ
هڪ طرف سرحد تي ڇڪتاڻ ته ٻي طرف وري بلوچستان حساس بڻجي ويو آهي، روز بلوچستان جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ڌماڪو ٿي رهيو آهي، ڪڏهن پورهيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪڏهن وري سڪيورٽي فورسز جي گاڏين ويجهو ڌماڪا ڪيا پيا وڃن پر ان باوجود حڪومت بلوچستان معاملي تي قوم کي آگاهه نه ڪري رهي آهي ۽ نه ئي بلوچستان ۾ تباهه ٿي ويل امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي، اهو سبب آهي جو اڄ سڄي دنيا جي سياحن پاڪستان اچڻ ڇڏي ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان اندر سڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ڪڏهن ڀارت سرحد تي ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن وري افعانستان سرحد تي فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون اهن پر ان باوجود نوازسرڪار صرف پاناما ۽ ڊان ليڪس واري معاملي تي پاڻ کي جند آجي ڪرائي فخر محسوس ڪري رهي آهي، باقي رهي ڳالهه ملڪ اندر امن امان جي صورتحال جي ته جيڪو به دهشتگردي جو شڪار ٿي رهيو آهي انهن جي وارثن سان صرف حڪومت ڏک جو اظهار ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران خاندان کي 60 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت مليل آهي، سياسي ۽ اخلاقي طور تي حڪمران ٽولي جي ساک ختم ٿي چڪي اهي، ان کان اڳ جماعت اسلامي جو امير سراج الحق وزيراعظم نوازشريفکان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪندو رهيو آهي پر حڪومت پنهنجي ضد تي قائم آهي، هونءَ ته باقي ڪجهه ڏينهن ئي نوازسرڪار کي بچيا آهن پر پاناما ليڪس ۽ ڊان ليڪس معاملي تي حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ اپوزيشن جماعتن جو مقصد بڻجي ويو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اپوزيشن جماعتون نوازسرڪار کي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون يا وري چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ـ

Columns