Tags » Biocentrism

Beyond Biocentrism by Robert Lanza

Beyond biocentrism is a partner to Robert Lanza’s Biocentrism (it is not designed as a sequel, so it can be read first). Simply put, the book is an example of a paradigm shift. 265 more words

Death Dreams, Memory Compression, Could we live out alternet lives in our sleep without even knowing? The Narnia Effect

Recently, I had a vivid dream of dying. But the most important part of this dream is what preceded the experience of dying.  It was as if I had experienced a years worth of life events, like a year’s worth of experience flashing before my eyes in a dream.  497 more words

وجود ۽ سچائي ـ احسان احمد عرساڻي

هيءُ مضمون لکندي وقت آئون مضمون جي عنوان جو فيصلو ڪري نہ پئي سگھيس. شروع کان آخر تائين اهو ئي سوچيندو رهيس تہ ان مضمون جو عنوان ”وجود جي سچائي“ رکان يا ”سچائيءَ جو وجود“؟ نيٺ فيصلو نہ ڪري سگھڻ کان پوءِ وچٿرو رستو اختيار ڪيم. ڇاڪاڻ تہ هن مضمون ۾ وجود جي سچائي بہ بحث هيٺ اچي ٿي تہ سچائيءَ جو وجود بہ. سائنس جون تازيون دريافتون ايتريون تہ ناقابل يقين آهن جو انهن سچائيءَ جي وجود تي بہ سوال اٿاريا آهن تہ وجود جي سچائيءَ تي بہ. اهڙيون ئي ڪي دريافتون ۽ مشاهدا هن مضمون جو موضوع آهن. انهن سائنسي تجربن جو مقصد صرف ۽ صرف انهن سوالن جو جواب ڳولڻ آهي، جيڪي ازل کان ئي انساني شعور کي للڪاريندا اچن؛ جهڙوڪ پاڻ ڪير آهيون؟ ڪٿان آيا آهيون؟ پنهنجي چوڌاري ڪائنات ڪٿان آئي آهي؟ ڪائنات ايئن ڇو آهي، جيئن آهي؟ ان جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ ڇا اها ڪنهن انجام کي بہ رسندي؟
اسٽيوِن هاڪڱ پنهنجي ڪتاب (وقت جي مختصر تاريخ) جي پهرين باب ۾ ڪائنات بابت انسان جي تصورات جي اوسر جو خلاصو ڪري ٿو. ڪائنات بابت انسان جي اوائلي ترين تصورات مان هڪ تصور موجب دنيا هڪ تاسري ٿالهي آهي، جيڪا ڪنهن تمام وڏي ڪميءَ جي پٺ تي ٽيڪيل آهي. ان خيال موجب اها ڪمي پاڻ کان وڏي ڪميءَ مٿان بيٺل آهي، جيڪا وري اڃا وڏي ڪميءَ مٿان بيٺل آهي… اهڙيءَ ريت دنيا جي ٿالهي ڪمين جي اڻکٽ سلسلي تي ٽيڪيل آهي. اهڙيون ڏندڪٿائون دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ پختي اعتقاد جي صورت ۾ موجود رهيون آهن ـ
ڪائنات جي اهڙي تشريح تي اعتقاد پوين صدين ۾ ڪمزور ٿيندو رهيو ۽ ڪوپرنيڪي خيالات جي تسليمي عام ٿيندي وئي، جنهن موجب دنيا هڪ گولو آهي، جيڪو سج کي مداري رهيو آهي، ۽ سج وري اربن تارن مان هڪ درميانو تارو آهي، جيڪو کيرائين واٽ نالي ڪهڪشان اندر ڪنهن ٻي مرڪز کي مداري رهيو آهي… ۽ ڪائنات ۾ اهڙيون اربين ڪهڪشائون آهن. پوئين صديءَ ۾ ڪائنات جي اهڙي تشريح کي عام تسليمي ملي وئي. پر ڪائنات کي جيترو سمجھيو ويو، ان بابت سوال اوترا ئي گھڻا ۽ پيچيده ٿيندا ويا. فلسفِي ۽ سائنسدانَ انهن سوالن جا جواب لهڻ ۾ اڄ اڳ کان بہ شدت سان جنبيل آهن. جهڙوڪ، ڪائنات جي ابتدا ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو ٿي؟ ڪائنات وجود ڇو ٿي رکي، پاڻ پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهيون (آزاد منشا) يا پنهنجا سمورا فعل ڪنهن طبعياتي قانون جا محتاج آهن (تعين‌مت)؟ ۽ انهن سڀني کان اهم سوال تہ پاڻ وجود رکون بہ ٿا يا نہ؟ انهن مان ڪِن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تازو ئي سائنسدانن گھڻنات جو تصور ڏنو آهي، جنهن موجب پنهنجي ڪائنات لامحدود ڪائناتن جي مجموعي يعني گھڻنات اندر فقط هڪ ڪائنات آهي. ان نظريي کي عام تسليمي ملي ٿي يا نہ، اهو تہ ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو، پر انهن سمورن سوالن جا جواب ڳوليندي ڳوليندي پاڻ جنهن تجرباتي راهہ تي هلي پياسين، تنهن کي اڄ سائنس سڏيو وڃي ٿو. صدين جي لوچ کان پوءِ سائنس نالي ان واٽ پاڻ کي هڪ ڀيرو وري ان نڪتي تي اچي بيهاريو آهي، جتان هڪ ٻي پٺيان ڪمين جو اڻکٽ سلسلو نظر اچي رهيو آهي.
قديم يونانين ئي هاڻوڪن سائنسي علمن جو بنياد هزارين سال اڳ تڏهن وڌو هو، جڏهن افلاطون جي سکيا هيٺ ارسطو تعليم پرائي رهيو هو. افلاطون جو خيال هو تہ سچائيءَ جو هڪ ئي وجود آهي، جڏهن تہ مادو، وقت، ۽ پولار جهڙا اسرار ان سچائيءَ جا مظهر آهن. سندس موجب سچائي اڻمٽ، ڪامل آهي، ۽ ابدي آهي، جڏهن تہ اسرار جھُرندڙ، مرندڙ ۽ دوکو آهن. سچائيءَ کي پاڻ فِڪِر سان پروڙي سگھون ٿا، جڏهن تہ ان جي اسرارن ۽ مظهرن کي پنهنجي حواسن سان. حواسن ساڻ مشاهدا ڪندي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کي اڄ پاڻ سائنس سڏيون ٿا. مطلب تہ افلاطون جي نظر ۾ سائنسي ڄاڻ فقط سچائيءَ جي انهن اسرارن ۽ مظهرن جو احاطو ڪري ٿي، جڏهن تہ فِڪِر (فلسفو) عين سچائيءَ جو علم آهي. افلاطون ۽ ارسطو ان وقت فلسفي جي صورت ۾ ڪائنات بابت اهي تصورات سرجي رهيا هئا، جيڪي اڄوڪي جديد ٽيڪنيڀياس جي مدد سان پيش رفت ڪندڙ سائنس جي بحث جو موضوع بڻيل آهن. گذرندڙ سمي ساڻ وقت، پولار ۽ مادي جي علم، يعني طبعيات ۾ ٿيندڙ پيش رفت سائنس ۽ فلسفي جون راهون ڌار ڌار ڪري ڇڏيون آهن. جيتوڻيڪ سائنس جو سڀ کان وڏو ثمر جنهن مان پاڻ سڀ مستفيض ٿيون ٿا، سو ٽيڪنيڀياس آهي، پر سائنس جو حتمي مقصد بہ انهن ئي سوالن جا جواب ڳولڻ آهي، جن جا جواب فلسفو لهڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ـ
مفعولي سچائي وجود نہ ٿي رکي
ڇا توهان اهو ٿا ڀانيو تہ پاڻ سڀ دنيا جو مشاهدو هڪ ئي نظر سان ڪريون ٿا؟ اها ڳالهہ جيئن پوءِ تيئن چِٽِي ٿيندي وڃي تہ ايئن هرگز بہ نہ آهي. جيامرڪزيت پٽاندر، پنهنجو شعور ئي پنهنجو وجود آهي. پاڻ اهو ڪُل آهيون، جنهن جو حصو پنهنجي جسم کان سواءِ اهي سمورا رنگ روپ، احساسات، اها هر شَي آهي جنهن جو پاڻ مشاهدو ڪريون ٿا. انهن مان ڪا هڪ بہ شَي نہ آهي تہ پنهنجو وجود بہ نہ آهي. مطلب تہ پنهنجو شعور پنهنجي ڪُل وجود جو ڪو ڀاڱو نہ، بلڪہ خود ڪُل وجود آهي. ڪائنات جو مشاهدو ۽ تفهيم ان سوال جو مرڪزي نڪتو آهي، جيڪو سترهين صديءَ جي مفڪر وليئم مولِينيوڪس اٿاريو. اهو سوال هڪ فڪري تجربي جي نتيجن بابت آهي ـ
فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو پيدائشي نابين آهي، ۽ ڇهڻ وارو حواس استعمال ڪندي کيس ڪعب  ۽ گولي ۾ فرق ڪرڻ سيکاريو ويو آهي تہ جيئن هُو ساڳي ساخت ۽ جسامت جي ڪعب ۽ گولي کي ڇُهي سڃاڻي ٻڌائي تہ ڪهڙو ڪعب آهي ۽ ڪهڙو گولو آهي. پوءِ فرض ڪريو تہ ساڳيا ڪعب ۽ گولا ميز تي رکيا آهن، ۽ نابين ماڻهوءَ کي بينائي ڏني وئي آهي: سوال اهو آهي تہ ڇا هُو ڇهڻ کان سواءِ ئي رڳو ڏسي اهو ٻڌائي سگھندو تہ ڪهڙو ڪعب آهي ۽ ڪهڙو گولو؟ ٻين لفظن ۾، ڇا هڪ حواس ۾ حاصل ڪيل معلومات پاڻمرادو ٻي حواس واري معلومات ۾ بدلجي ٿي؟ صديون اڳ اٿاريل ان سوال تي تمام ڇتو بحث هلندو رهيو آهي. پر طب جي ميدان ۾ ٿيل تازي پيش رفت سبب پاڻ ڪِن ماڻهن کي بينائي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ تنهن ڪري اڄ پاڻ ان سوال جو جواب ڄاڻون ٿا، جيڪو ”نہ“ ۾ آهي. ماڻهو ڇهڻ جي حواس مان حاصل ڪيل معلومات کي بصري معلومات ۾ بدلائي نہ ٿا سگھن. ان تجربي جي نتيجن مان ثابت اهو ٿيو تہ پاڻ مان هرڪو ڪائنات جي سچائيءَ کي مختلف طريقي سان محسوس ڪري ٿو ۽ هر ڪنهن جو مشاهدو مختلف ٿئي ٿو. ڪِن جو خيال آهي تہ ان مان اهو بہ ثابت ٿيو تہ ڪا بہ مفعولي سچائي وجود نہ ٿي رکي. ان مثال مان فڪري تجربن جي اهميت جو بہ اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيڪڏهن صديون اڳ فلسفِي اهو سوال اٿارين ئي نہ هئا تہ اڄوڪا تجرباتڪار اهو تجربو ڪرڻ جو سوچين بہ نہ هئا. ان کان سواءِ آئين‌اسٽائين جا نظريا ۽ ان کي ثابت ڪندڙ ڪيترا ئي تجربا پڻ اهو ڏيکاري چڪا آهن تہ مادي، پولار ۽ وقت جون خاصيتون فاعلي آهن، مطلب تہ اهي مشاهديڪار تي دارومدار رکن ٿيون ـ
چند سال اڳ نالياري سائنس مقبولڪار سٽِيوِن هاڪڱ  پنهنجي ڪتاب (العظيم جنسار) ۾ فلسفي مٿان ٽوڪَ ڪندي لکيو آهي تہ فلسفو مري چڪو آهي ۽ هاڻي ڪائنات متعلق سمورن سوالن جا جواب سائنسدان ئي ڏئي سگھن ٿا. سندس اهڙي دعويٰ جي درستگي ڌار بحث آهي، پر سچائيءَ جي وجود ۽ وجود جي سچائيءَ وارو سوال هڪ ڀيرو ٻيهر سائنس جي احاطي ۾ تڏهن اچي بيٺو، جڏهن پاڻ کي سائنسي تجربن مان اهڙا مشاهدا ٿيا جن پنهنجي حواسن تي پنهنجي اعتبار کي لوڏي ڇڏيو ۽ خود پنهنجي وجود جي سچائيءَ تي سوال اٿاري ڇڏيا ـ
ذرڙاتي طبعيات
جيتوڻيڪ سڀ کان اهم ترين تازي دريافت ثقلي لهرن جي آهي، پر اها ڇرڪائيندڙ نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ ان دريافت سان آئين‌اسٽائين جي ڪُل نسبتيت واري نظريي جي توثيق ٿي آهي، جنهن اهڙي اڳڪٿي ڪئي هئي. سڀ کان ڇرڪائيندڙ نتيجا ان تجربي جا آهن، جيڪو گھڻو اڳ ڪيو ويو هو. ان تجربي ڏيکاريو تہ مادي جا ننڍڙا ذرڙا جهڙوڪ جُز اڻوي ذرڙا، اڻا ۽ ويندي پرماڻا  ڪهڙيءَ ريت مادي جي لپَن کان مختلف هلت هلن ٿا ۽ حيرت‌‌انگيز طريقي سان نيوٽن ۽ آئين‌اسٽائين جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي نظر اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ نيوٽن جا حرڪت وارا قاعدا رڳو مادي جي لَپَن تي لاڳو ٿين ٿا، جڏهن تہ مادي جا ننڍڙا ذرڙا انهن قاعدن جي بندشن کان آزاد آهن. ان مشهور تجربي کي ٻٽو چاڪُ تجربو سڏيو وڃي ٿو. ان تجربي ۾ روشنيءَ جو هڪ ذرڙو، يعني هڪ تجليو ڇوڙيو وڃي ٿو، ۽ ان جي راهہ ۾ هڪ اهڙو پردو رکجي ٿو، جنهن ۾ ٻہ چاڪَ ڪيل آهن. پنهنجي عام فهم موجب جيئن تہ روشنيءَ جو تجليو هڪڙو ئي ذرڙو آهي، تنهنڪري اهو يا تہ ساڄي پاسي واري چاڪَ مان گذرندو يا کاٻي پاسي واري چاڪَ مان لنگھندو. ڪنهن هڪ چاڪَ مان گذرڻ کان پوءِ ساڳيو تجليو پويان رکيل پردي سان وڃي لڳندو، جتي پاڻ کي روشنيءَ جو چِٽو نظر ايندو. پر حيرت‌انگيز طور هڪڙو ئي تجليو ساڳي ئي وقت ٻنهي چاڪن مان گذري ٿو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ سان ايئن ٽڪرائجي ٿو ڄڻ ٻہ لهرُون پاڻ ۾ ٽڪرايون هُجن. ان جو ثبوت پويان رکيل پردي تي رُخنِي اسلوب جو ظاهر ٿيڻ آهي. پر ان تجربي جو حيرانڪُن پهلو هڪ ٻيو بہ آهي. جڏهن اوزارن جي مدد سان تجليي کي چاڪن مان گذرندي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي تہ اهو ٻنهي چاڪَن مان گذرڻ بدران هڪ ئي چاڪَ مان گذري ٿو ۽ پوئين پردي تان رُخنِي اسلوب غائب ٿيو وڃي. مطلب تہ چاڪن جو مشاهدو ڪرڻ سان تجليي جي هلت خالصتاً ذرڙي واري ٿيو وڃي. ٻٽي چاڪَ وارو اهو تجربو ڪو نئون نہ آهي. اهڙو تجربو پهريون ڀيرو يڱ 1801ع ۾ ڪيو هو. پر تڏڻي کان سائنسدان ان تجربي کي ورائي ورائي ڪندا رهيا آهن، مختلف طريقن سان ڪندا رهيا آهن، ۽ هر ڀيري ان جا نتيجا ساڳيا ئي حيران‌ڪُن ملندا رهيا آهن ـ
فرانسيسي سائنسدان لُوئي دُ بغوئي 1924ع ڌاري دعويٰ ڪئي تہ برقين ۽ سموري مادي کي پڻ لهري خاصيتون ٿينديون آهن. 1927ع ڌاري هڪ سائنسي تجربي جي نتيجن مان سندس دعويٰ سچ ثابت ٿي ۽ 1929ع ۾ کيس طبعيات جي نوبل انعام سان نوازيو ويو. ان سان ئي ذرڙاتي طبعيات جو بنياد پيو. برقين کان پوءِ اهي تجربا سڄن سارن اڻن، ۽ پوءِ پرماڻنتي ڪيا ويا، ۽ انهن ۾ بہ لهري خاصيتون لڌيون ويون. اهو ساڳيو تجربو 1999ع ۾ بڪِي بال نالي پرماڻي تي پڻ ڪري ڏٺو ويو، جيڪو ڪاربان جي 60 اڻن تي ٻڌل آهي. نتيجا وري بہ ساڳيا ئي نڪتا. پر وڌيڪ تجربا ڪرڻ سان اڃا حيرتناڪ نتيجا سامهون آيا. مادي جي ذرڙن کي چاڪن منجھان گذرندي ڏسڻ لاءِ اوزار لڳائڻ سان انهن جون لهري خاصيتون ختم ٿيو وڃن ۽ پردي تان رُخني اسلوب غائب ٿيو وڃي. ان تجربي جي نتيجن مان مختلف سوال اٿيا، جهڙوڪ:
ـ 1. تجليو يا مادي جو ذرڙو اهو ڪيئن ٿو ڄاڻي وٺي تہ کيس چاڪن مان نڪرندي ڏٺو پيو وڃي؟
ـ 2. هڪ چاڪ ڏانهن ويندڙ تجليو يا مادي جو ذرڙو ڪيئن ٿو ڄاڻي وٺي تہ ڀرسان ٻيو چاڪ بہ آهي؟
”ڪارو ڪُن“ جو اصطلاح گھڙيندڙ، جان ويلر نالي ناموَر انگريز طبعياتدان انهن سوالن جا جواب لهڻ لاءِ ۽ لهري-ذرڙاتي ٻٽي خصلت کي گهرائيءَ ۾ سمجھڻ لاءِ هڪ فِڪِرِي تجربو بيان ڪيو، جنهن کي ديريل فيصلاتي تجربو سڏيو وڃي ٿو. ان تجربي مطابق تجليي کي ”ڏسڻ“ يا ”نہ ڏسڻ“ جو فيصلو پوئين پردي تي رسڻ کان ٺيڪ ٿورو پهرين ڪجي، يعني تڏهن جڏهن اهو ڪنهن هڪ چاڪ يا ٻنهي چاڪن مان گذري چڪو هجي، ۽ پوءِ ڏسجي تہ اهو لهر واريون خاصيتون ٿو رکي يا ذرڙي واريون؟ هن اهڙي تجربي جي تجويز 1978ع ڌاري ڏني. هن خاص طور هڪ انتهائي دلچسپ فِڪِري تجربو ڏسيو، جنهن ۾ آفاقي رُخنوپيما استعمال ٿيل آهي ۽ ٻٽي چاڪ واري پردي مان گذرڻ کان پوءِ تجليو اربن نوري سالن جو سفر طَي ڪري پاڻ وٽ پهچي ٿو ڄ
جان ويلر موجب، “اهو اسرار اسرار نہ آهي، جيڪو مشاهدي هيٺ نہ آهي”، مارٽِن ريڊفرن کي انٽرويو ڏيندي جان ويلر راءِ ڏني تہ ڪو بہ هڪڙو ماضي وجود نہ ٿو رکي. نہ رڳو ”حال“، پر ”ماضي“ بہ شعوري مشاهدي جو محتاج آهي. مطلب تہ پاڻ هڪ ڀاڱيدارائي ڪائنات ۾ جيئي رهيا آهيون، جنهن کي پنهنجو شعوري مشاهدو ئي ڪا يقيني صورت ڏي ٿو. هن پنهنجي نظريي کي ”ڀاڱيدارائي بشري قاعدو“ جو نالو ڏنو. سندس تُز لفظ هن ريت هئا، ”پاڻ نہ رڳو هتي ۽ هاڻ کي وجود ڏيڻ ۾ ڀاڱيدار آهيون، بلڪہ پري ڏُور ۽ جام پُراڻ کي پڻ“. سندس اهڙن خيالن کي انتهائي عجيب سمجھيو ويو، پر 1984ع ڌاري سندس تجويز ڪيل ديريل فيصلاتي تجربو تجربيگاهہ ۾ ڪري ڏٺو ويو تہ نتيجا سندس نظريي جي پٺڀرائي ڪندا محسوس ٿيا ـ
جيتوڻيڪ سندس تجويز ڪيل آفاقي رُخنوپيما واري تجربي تي عمل ڪرڻ ٽيڪنيڀياساً ممڪن نہ بڻجي سگھيو آهي، پر تجربيگاهہ اندر ديريل فيصلاتي تجربو ڪيترين ئي مختلف صورتن ۾ بار بار ڪري ڏٺو ويو ۽ نتيجا اڃا بہ حيرانڪُن نڪتا. اهو تجليو، جيڪو يقيناً هڪ يا ٻن چاڪن مان گذري چڪو هو، تنهن کي جڏهن ”پَسيو“ ٿئي ويو تہ اهو ذرڙو ٿئي ٿي ويو ۽ ان جون لهري خاصيتون غائب ٿئي ٿي ويون؛ مطلب تہ اهو هڪ ئي چاڪ مان گذرندو محسوس ٿيو. پر جڏهن ان کي نہ ٿئي پَسيو ويو تہ اهو لهر ٿئي ٿي ويو، ان جون ذرڙاتي خاصيتون غائب ٿئي ٿي ويون ۽ اهو هڪ ئي وقت ٻنهي چاڪن مان گذري آيل محسوس ٿئي ٿيو. مطلب تہ تجليي جو مشاهدو ”ڪرڻ“ يا ”نہ ڪرڻ“ واري ”حال“ جي فيصلي جا اثر تجليي جي ”ماضيءَ“ تي پَوَنِ ٿا، ڀلي اهو چاڪن مان ڪيترو ئي ڊگھو عرصو اڳ ڇو نہ لنگھي آيو هجي ـ
مختلف ملڪن جا خلاباز چنڊ جو چڪر لڳائي آيا آهن. هُو چنڊ تي مختلف جايُن تي آرسيون رکي آيا آهن. ڪو تجليو انهن آئينن مان ڪنهن هڪ يا ٻن سان ٽڪرائجندي ڌرتيءَ تي پهچندو. پر ڌرتيءَ تي رسڻ ۾ ان تجليي کي اٽڪل 1.3 سيڪنڊ لڳندا. جيڪڏهن تجليي جو مشاهدو نہ ٿو ڪيو وڃي تہ اهو پردي تي رُخني اسلوب يعني لهر جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن تہ پردي تي رسڻ کان ٺيڪ ٿورو پهرين ان جو مشاهدو ڪجي ٿو تہ اهو ذرڙو ٿيو وڃي ۽ پردي تان رُخني اسلوب غائب ٿيو وڃي. مطلب تہ حال ۾ ڪيل مشاهدي جو اثر تجليي جي ان فيصلي تي پوي ٿو جيڪو اُنَ 1.3 سيڪنڊ اڳ ڪيو، يعني تہ اهو ذرڙو بڻجي هڪ ئي چاڪ (ان تجربي ۾ آرسي) مان گذرندو يا لهر بڻجي ٻنهي چاڪن مان گذرندو! انهن تجربن جي نتيجن مان جان ويلر جا اهي خيالات درست ثابت ٿيا تہ ڪائنات کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ شعوري مشاهدو درڪار آهي. مطلب تہ قبل حياتي دنيا غير معيانہ حالت ۾ موجود رهي هوندي يا ايئن کڻي چئجي تہ قبل حياتي دور واري ڪائنات رڳو حاليہ مشاهدي سبب ئي وجود رکي ٿي ـ
ڇا اسان جو وجود سچو آهي؟
جان ويلر پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهہ سال هڪ ئي سوال تي ڌيان ڏنو: ”وجود ڪيئن ممڪن آهي؟“. 1989ع ۾ ڇپايل سندس تحقيقي مقالو بعنوان تمام گھڻو مقبول ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڀاڱيدارائي بشري نظريي جي اڃا گهري وضاحت ڪندي چيو تہ سموري طبعي ڪائنات يا گھڻنات جو مصدر اطلاع آهي. ٻين لفظن ۾، طبعي سچائيءَ يعني اسان جي ”وجود“ جو بنياد بہ محض اطلاع آهي. ان ساڳي خيال کي اڳيان وڌائيندي سربي برطانوي سائنسدان ولاتيڪو ويدرال هڪ ڪتاب بعنوان لکيو آهي، جنهن تمام گھڻي مقبوليت ماڻي آهي. ان ڪتاب ۾ ولاتيڪو ٻڌائي ٿو تہ ڪهڙيءَ ريت سموري طبعي دنيا جو بنياد اطلاع آهي، ۽ اطلاعت نظريو ڪهڙيءَ ريت ڪُل نسبتيت توڙي ذرڙاتي طبعيات جهڙن متضاد نظرين وچ ۾ هم‌آهنگي پيدا ڪندي هر شَي جو گڏيل نظريو ڏئي سگھي ٿو. سندن خيال آهي تہ مادو، توانائي، ثقل، پولار، ۽ وقت، سڀ جا سڀ سواءِ اطلاع جي ٻيو ڪجھہ بہ نہ آهن.
ٻين ڪيترن ئي سائنسدانن وانگي ٿامس ڪيمپبيل نالي سائنسدان پنهنجي ڪتاب بعنوان ۾ دليلي ٿو تہ سچائي تاثري  بہ آهي تہ فاعلي بہ. هُو دعويٰ ڪري ٿو تہ اطلاعت نظريو ئي ذرڙاتي طبعيات ۽ ڪُل نسبتيت ۾ هم‌آهنگي پيدا ڪندي هر شَي جو گڏيل نظريو ڏي ٿو. ٿامس ڪيمپبيل ۽ ٻيا ڪيترا ئي فلسفِي توڙي سائنسدان اها راءِ رکن ٿا تہ پنهنجو وجود دراصل هڪ ڳڻپيوڪر اهلبازي آهي، جنهن جو آغاز عددي ڌُم ڌماڪي سان ٿيو آهي. سندن موجب، طبعي طور ڪا بہ شَي وجود نہ ٿي رکي، بلڪہ پاڻ کي نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ شيون ان ڳڻپيوڪر مان ايندڙ اعداد آهن، جنهن جي اهلبازيءَ جا پاڻ ڪردار آهيون. سندن موجب اها اهلبازي بختي بہ ٿي سگھي ٿي تہ تعيني بہ. پر نوبل انعام يافتہ نادري سائنسدان جي راءِ آهي تہ اها تعيني اهلبازي ٿي سگھي ٿي، ۽ ذرڙاتي طبعيات جا قاعدا بہ متعين ڪري سگھجن ٿا ـ
ڳڻپيوڪر اهلبازيءَ واري ان دعويٰ جي حق ۾ هڪ وزندار دليل اهو بہ آهي تہ پنهنجون ڳڻپيوڪري صلاحيتون جنهن تڪڙي وِک سان اڳيان وڌي رهيون آهن، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ ايندڙ 50 يا 100 سالن ۾ اسان پاڻ ان قابل ٿي وينداسين جو پنهنجي مشاهدي ۾ ايندڙ ڪائنات کان بہ پيچيده سرشتن جي اهلبازي ڪرڻ لائق ڳڻپيوگري ۽ منطقگري جوڙي وٺنداسين. تنهنڪري ان ڳالهہ جو قوي امڪان آهي تہ اسان پاڻ بہ ڳڻپيوڪر اهلبازيءَ جو حصو آهيون ۽ ڪنهن مفعولي سچائيءَ بجاءِ تاثري سچائيءَ ۾ جيئي رهيا آهيون. اهو سائنسي دليل بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن ارڙهين صديءَ جي فلاسافر جارج برڪلي جي دعويٰ، جنهن چيو تہ هيءَ دنيا هڪ فريب آهي ـ
نِڪ بوسٽروم نالي جامعہ آڪسفورڊ جي پروفيسر ٽِماهِي فلاسافيڪل ۾ 2003ع ڌاري هڪ مقالو ڇپايو جنهن ۾ هن رياضياتي ۽ منطقي دليل ڏنا تہ هيٺين ٽن نڪتن مان ڪو بہ هڪ ضرور درست آهي: ـ
پاڻ بعدبشري مرحلي  ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ فنا ٿي وينداسين ـ
اخلاقي سببن ڪاڻ بعدبشري تهذيب ڌم ڌماڪي کان وٺي هيستائين ٿيندڙ پنهنجي پُرکن جي ارتقاوَ جي ڳڻپيوڪر اهلبازي ڪڏهن بہ نہ هلائيندي ـ
پاڻ يقيناً ڪنهن اهڙي ڳڻپيوڪر اهلبازيءَ ۾ رهون پيا جيڪا پاڻ کان گھڻو وڌيڪ اسريل تهذيب پنهنجي ڳڻپيوڪر ۾ هلائي رهي آهي ـ
نجموطبعيات جو ماهر ۽ نوبل انعام‌يافتہ سائنسدان جارج سمُوٽ موجب، پهرين ۽ ٻين نقطي ۾ يقين ڪرڻ جو ڪو خاص سبب نہ آهي. ان کان سواءِ، سندس راءِ مطابق ان ڳالهہ جو بہ ڪو زوردار دليل نہ آهي تہ اهڙيون ڳوڙهيون اهلبازيون ٺاهڻ اصولي طور ناممڪن آهي، جنهن جا ڪردار پنهنجو پاڻ کي آزاد ۽ سچو پچو ڀانئين. پر نِڪ بوسٽروم دليلي ٿو تہ اهلبازيءَ واري ڳالهہ، يعني (3) جي درست هجڻ سان پنهنجي روزمرهہ جي زندگيءَ تي يا سڀاڻي واري رٿابنديءَ تي ڪو بہ اثر پوڻ نہ گھرجي. بلڪہ پاڻ کي (3) درست هجڻ جي اميد ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ان سان (1) جو انديشو گھٽجي ٿو ـ
اهلبازي در اهلبازي
پر سوال اهو آهي تہ جيڪڏهن پنهنجي سچائي ڪا ڳڻپيوڪر اهلبازي آهي تہ اسان کي ڳڻپيوڪر ۾ هلائڻ وارو ڇا پاڻ مفعولي سچائيءَ ۾ رهي ٿو يا اهو پاڻ بہ ڳڻپيوڪر اهلبازيءَ ۾ رهي پيو؟ ٿورو غور ڪرڻ سان ئي اهلبازيءَ واري دعويٰ هڪ چڪرويو محسوس ٿئي ٿي. مطلب تہ جيڪڏهن پنهنجي وجود جي سچائي ڪا ”اهلبازي“ آهي تہ يقيناً اهلبازي در اهلبازي ۽ اهڙيءَ ريت اهلبازين جي اڻکٽ سلسلي کي بہ رد ڪري نہ ٿو سگھجي. مطلب تہ ڪائنات جي وجود بابت سائنسي تجربن مان ورتل اهلبازيءَ وارو دليل نيٺ اوائلي اعتقادن واري اڻکٽ سلسلي تي دنگ ڪري ٿو ـ
سائنسدانن ۾ اهو بحث بہ هلي رهيو آهي تہ ڇا پاڻ ڪڏهن ان ڳالهہ جي تصديق ڪري سگھنداسين تہ پاڻ اهلبازيءَ ۾ جيئي رهيا آهيون؟ ڪِن جو خيال آهي تہ اهو ممڪن آهي، پر ان جو دارومدار ان ڳالهہ تي آهي تہ اهلبازي ڪرڻ واري جو ڳڻپيوڪر ڪيترا تُز ليکا ڪري ٿو. عين ممڪن آهي تہ پاڻ اهلبازيءَ ۾ جيئي رهيا هجون پر پاڻ کي ان جي ڪڏهن بہ پختي ثابتي نہ ملي سگھي. ساڳيءَ ريت اهو بہ دليل آهي تہ اهلبازيءَ ۾ سڄيون ساريون ڪائناتون هلائيندڙ جيڪا بعدبشري تهذيب مفعولي سچائيءَ واري طبعي ڪائنات ۾ جيئي رهي هوندي ان وٽ بہ ان ڳالهہ جي پختي ثابتي نہ هوندي تہ اها اهلبازيءَ ۾ نہ جيئي رهي آهي. تنهنڪري پاڻ اهلبازيءَ ۾ جيئي رهيا آهيون يا نہ، ان ڳالهہ سان ڪو بہ خاص فرق نہ ٿو پوي. سائنس جو ڪردار ساڳيو ئي رهندو، پاڻ جنهن ڪائنات يا گھڻنات ۾ جيئي رهيا آهيون، تنهن جي قاعدن کي پروڙڻ ۽ بشري زندگيءَ کي سهل بنائڻ ـ
ليکڪ انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ ڄامشورو جي جياطب انجنيئرڱ شعبي جو نشستمان ۽ پروفيسر آهي. هن وقت جامعہ لِمِرِڪ، آئرستان ۾ محقق طور ڪم ڪري رهيو آهي ـ

Columns

Mother/Father Earth: Toward a Reconciliation between Biocentrism and Anthropocentrism

Written by Margaret Burns

     God is always talking to us, as is the Earth. And the Earth is God’s acting agent, constantly waking us up to remember who is in charge. 1,624 more words

Academic Writing

Reverence For Life

This post relays objective and subjective knowledge of an essay by Albert Schweitzer on his theory of “reverence for life.” To view the essay, click  737 more words

Lifestyle

The UnLost Cause

Hinder all of this towards your way,
Not my way, but your way, but one’s way,
Have the time ready , 191 more words

The Nature

When I refer to nature, I don’t simply refer to nature as a whole, but from a perceptive point of view, as the only nature we’re most aware, and conscious of is most probably “The Human Nature”, as blatant as it sounds,  it’s quite true, since everything we’ve perceived, demonstrated , studied, invented, and imagined are all from the perspective of a human being, as we’re all blatantly ‘humans’. 434 more words