چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ رات دير سان لانگ بوٽ رينجرز جي هاسٽل ۾ چڙهائي، انهن کي داعش يا القاعده جو ڪو ماڻهو نه مليو پر پوسٽ گريجوئيشن جي شاگردن سان 6 ڪلاڪن تان دهشتگردن کان وڌيڪ ٽارچر ڪندا رهيا، هاسٽل انچارج احسان ملڪ پڻ آپريشن ۾ رينجرز سان گڏ هو ـ
ان کان پوءِ رينجرز چانڊيا ميڊيڪل ڪاليج ٻاهران لڳل سنڌ جي نقشي کي هٿوڙن سان ٽوڙيو، انتظاميه کي سنڌ جي نقشي مسئلو هو يا ان مٿان لڳل ڪهاڙي واري جهنڊي سان انتظاميه چاهي ها ته انهيءَ کي بنا ڪنهن اشتعال جي تبديل ڪرائي پئي سگهي پر ان سنڌ جي نقشي کي ٽوڙڻ سمجھ حيرت جهڙي ڳالھ آهي ـ
اهڙي قسم جون تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تي هليون ته دوستن پاران اظهار يڪجهتي طور پروفائيل تصوير سنڌ جي نقشي واريون شيئر ڪيون ويون ـ