Tags » Child Marriage

Child Marriage

Definitely, Most of us have heard about Child Marriage. It was very famous trend in old times. The child marriage in my opinion is the bonding of tow person at an age when they are not able to understand its meaning or to say when they are not physically, mentally or emotionally so well to take the responsibilities. 370 more words

سرجيس ته سُور سامائي ته سُک ويا ـ ماهم سنڌي

ست سورمين جي ساراهه ڪندڙ سنڌ صوبي اندر اسانکي عورتن جي روپ ۾ هر قسم جي بهادري وارا ڪردار نظر ايندا. هڪ عام عورت کان سورمي ٿيندي ٿيندي عورت ان ڌرتي نماء بڻجي ويندي آهي ، جيڪا انهن انسانن جا ٿُڏا به سهي ٿي جيڪي انهي ڌرتي جي سهاري هلن ٿا ، وري ڏسجي ته اها ڌرتي پاڻ مٿان هلندڙن کي به هر زلزلي کان بچائي ٿي. انهيء زمين جي ٿورڙي لرزش يا زلزلو به قد آور بُت جو جٽاءُ ناهي ڪري سگهندو. عورت کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته ان هر محاذ تي پاڻ مڃايو آهي ۽ جڏهن به کيس سور ڏنا ويا آهن ان سَر تي سَٺا آهن. اها ئي عورت سنڌ اندر اڄ به هيڻائي جو، انيڪ زيادتين جو شڪار آهي. اسانجو معاشرو ڪيترين مثبت تبديلين بعد اڄ به سجاڳ ڪونهي، تنهنڪري اڄ به مرداڻو معاشرو عورت جا جائز حق، ان کان آزادي سان جئيڻ جو ڏانءُ، بهتر تعليم تربيت  ۽ سار سنڀار جو حق پيرن هيٺيان ڇڪي ڇني رهيو آهي. سنڌ اندر عورت کي ڪمزور ڪرڻ لاء اڻ ڳڻيا حربا استمعال ڪيا وڃن ٿا جئين اهو اُڀري پنهنجي طاقت سان مردن جي سامراجي نظام کي شڪست نه ڏئي وجهي. عورتن سان پيش ايندڙ اهم مسئلن ۾ سر فهرست عورتن سان ٿيندڙ زيادتي، گهريلو تشدد، ڪاري ڪري مارڻ، نوڪري جي هنڌن تي هراسمينٽ، ننڍي عمر ۾ شادي، سڱ چٽي ڏيڻ، ڏاج جي نالي تي ظلم ڪرڻ ، ڌي نه ڄمڻ يا اولاد نه ٿيڻ تي کيس اڪيلو ذميوار ڪرڻ، کيس تعليم کان دور رکڻ وغيره آهن. انهن سنجيده مسئلن لاء سنڌ حڪومت قانون ٺاهيا، سزائون پڻ مقرر ڪيون آهن پر عمل کان سواء علم رهندو ته به ڪهڙي ڪم جو رهندو؟ عورتن لاء ٺهندڙ قانون صرف ڪاغذن جي پنن تي ئي لکيل رهجي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي عورت اڄ به انهن مان ڪو به لاڀ حاصل ناهي ڪري سگهي. شايد ان جو ممڪن سبب اهو به آهي ته اسانجو سماج اڄ به عورت جي آزادي کان انڪري ايترو ڊڄي ٿو ته ، اها جيڪر ٻاهر نڪتي ته کيس مرداڻي سماج کي چئلينج ڪرڻ خاص مشڪل نه هوندو. نه صرف هڪ اڻ پڙهيل عورت پر وڏن تعليمي ادارن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪريون پڻ پنهنجي استادن هٿان يرغمال ٿين ٿيون. سنڌ اندر پري گهر هجڻ سبب هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي هڪ رپورٽ موجب، استاد توڙي هم ڪلاس ڇوڪرا ۽ ٻيو عملو پڻ ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو سڀ انهيء ڪري جو اسان وٽ اڄ به اها ذهنيت موجود آهي ته هڪ عورت جي پٺتي پوڻ سان ئي مرد پاڻ کي ڪاميابي جي ويجهو ڪري سگهي ٿو. ظلم جي چڪي ۾ پيسجڻ بعد جڏهن به سنڌ اندر عورت خلاف ٿيندڙ ڪنهن ڏاڍ ، جبر ۽ ظلم خلاف ڪو بل اسيمبلي اندران پاس ٿئي ٿو ته عورتن جو حقن واريون تنظيمون ۽ سڌريل طبقو ان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو . قانون ٺهڻ سان گڏ سجاڳ عورتن ۾ پڻ سرهائي اچي ٿي ته متان هاڻي قانون ٺهڻ سان ڪا ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي ۽ ڪٿي ڪا مظلوم بڻيل عورت هاڻي محفوظ مقام ماڻي سگهي ، جٿان هو پاڻ خلاف ٿيندڙ نا انصافي خلاف جنگ جوٽي . نئون ٺهندڙ قانون ان سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ڪو ازالو ڪري سگهي ، پر اهي سڀ قانون ، سڀ واعدا ، ٺاھ ۽ ڏوهن جون سزائون ڪاغذ تي لکيل ئي رهجي وڃن ٿيون . اهي قانون صرف سفيد ڪاغذ ڪارا ڪرڻ لاء ٺهن ٿا پر اصل زندگي ۾ ڪو فائدو ان عورت کي ناهن ڏئي سگهندا ، جنهنجي مٿان تيزاب هاري کيس سڄي عمر لاء عذاب ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو . انصاف ڳوٺن جي سنهين گهٽين مان ته نٿو گزري پر شهري افراتفري ۾ به ڪنهن مظلوم عورت جي دانهن عدالتي دروازن تائين پهچندي پهچندي گوڙ جي گدلاڻ ۾ گم ٿيو وڃي . اڄ به ڪا نياڻي ڪنهن پوڙهي کي سڱ چٽي ڏني وڃي ٿي ، يا دشمنن جي در تي قرض لاهڻ لاء نام نهاد شادي ڪري موڪلي وڃي ٿي ته ، اهو ان جي نصيب تي ڇڏيو وڃي ٿو ته رهزنن جي گهر ۾ هو عورت ڪهڙو سلوڪ سان باقي وقت گزاريندي. هن جي جان جو جوکم کڻي کيس ڪنهن پوڙهي يا نشائي حوالي صرف ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته ، اهو ڏنڊ سندس گهر جي ڪنهن مرد مٿان ٿيل قتل ڪرڻ بعد عائد ڪيو وڃي ٿو ۽ عيوضي طور عورت کي سزا ادا ڪرڻي هجي ٿي . جڏهن ڪنهن جرڳي اندر مردن جي غيرت بچائيندي ڪيس ماريو وڃي ٿو ، ڪاري جو الزام لڳائي کيس مارڻ جي فتوائون جاري ٿين ٿيون ۽ سندس جسم ڪهاڙين جي وارن سان ته ڪڏهن بندوق جي گولين سان رتو رت ڪيو وڃي ٿو، ته پوء اهي عورتن جي تحفظ جا قانون هڪ مزاڪ کان سواء ڪجھ ناهن لڳندا. ڏاج جو بهانو هجي ته به عورت ڏوهاري ، مڙس تشدد ڪري تڏهن بہ عورت تي ئي الزام عائد ٿئي ٿو . ايتري حد تائين جو چانھ پاڻي ۾ دير ڪرڻ سبب به هڪ عورت سنگين نتيجا ڀوڳي ٿي. ڪوبه قانون انساني بهتري لاء ، انساني زندگي ۾ نظم ضبط سان گڏ ڏوهن جي روڪٿام ۽ گناهگارن کي سزا ڏيڻ لاء هجي ٿو، پر سنڌ جي عورت جٿي اڄ سڌري دنيا ۾ اڳيان اچي رهي آهي اُتي ڪيتريون ئي سنڌياڻيون اڄ به ظلم جون ماريل ۽ هيسيل آهي ـ
سنڌ صوبي اندر عورت سان هر قسم جو ڏاڍ ، ظلم ۽ نا انصافي اڄ به رڪجڻ بدران وڏي تعداد سان وڌي رهي آهي. پوين هڪ ڏيڍ سال اندر 600 عورتون مختلف سببن ڪري قتل ٿيون آهن. جنهن ۾ 200 عورتون صرف ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم هيٺ قتل ڪيون ويون آهن، جن ۾ ڪجھ راڄوڻي جرڳن جي فيصلن بعد ۽ ڪي انفرادي سطح تي قتل ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه 250 کان مٿي عورتون ريپ ۽ جنسي تشدد جو شڪار ٿيون آهن . انهي عرصي ۾ تشدد ۽ مارڪُٽ ۾ سنڌ صوبي اندر 800 عورتون اجل جو شڪار ٿيون آهن. جڏهن ته 1500 کان مٿي معصوم نينگريون وحشي درندن جي حوس جون شڪار ٿيون آهن . اهي ٻارڙيون جيڪي اڃا نابالغ هيون ۽ سمجھ ۽ بلوغت جيتري ئي عمر به نه رکندڙ هيون. پوين سال دوران ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي سنڌ ۾ 400 کان مٿي ڇوڪرين آپگهات جي ڪوشش ڪئي جن ۾ 350 ڄڻيون زندگي جو ڏيئو وسائي ويٺيون. ياد رهي ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڦاهو کائي انت آڻيندڙ نائلا رند ۽ قتل ڪيل تانيه خاصيخلي به انهن ئي مظلوم عورتن ۾ شامل آهن ، جنهنن جا خون لڳ ڀڳ لڙهي ويا آهن. ان کان علاوه مجبوري سبب ۽ ظالمن جي هٿان وڪامڻ بعد هڪ رپورٽ موجب پوري پاڪستان اندر 40 لک عورتن جسم فروشي کي پنهنجو پيشو ۽ روزگار بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر پڻ ”ڪال گرل“ جي ڪهاڻي ۽ فحاشي جي اڏن جي جڳھ جڳھ هئڻ جو ڪارو ڌنڌو ڪو لڪل ناهي، بلڪه ان ڌنڌي مان ڪيترا ئي درندا صفت مرد ڪمائي پڻ ڪن ٿا . سنڌ اندر اڍائي سئو عورتون جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد آهن ، جن مان ڪي مجبوري ۽ ڏاڍ سهي خون ڪري وجهن ٿيون ته ڪي انتقامي ڪارواين ۾ قاتل ٿيو وڃن. قيدي عورتن کي جيلن اندر ڪا سهولت ناهي هوندي بلڪه هو پاڻ جيل جي عملي هٿان هيسيل ۽ انهن جون غلام هونديون آهن . کين وڪيل تائين ڪا رسائي پڻ ناهي ملندي ۽ هو بنا رحم جي اپيل جي سزا ڀوڳينديون رهن ٿيون. جبري شادين ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ اضافو آيو آهي. هڪ پاسي والدين پاران پنهنجا رشتن ناتن ۾ مجبوري جو سبب ڄاڻائي ڇوڪريون پرڻايون وڃن ٿيون ، ۽ وري گهڻي تعداد ۾ مدرسي جي مولوين پاران اقليتن جي معصوم ڇوڪرين کي اغوا ڪري کين جبري مذهب بدلائي شاديون ڪيون وڃن ٿيون . ايڌي سينٽر ڏي نظر ڪجي ته سوين بي گهر عورتون ترسڻ باوجود هر مهيني 100 کان مٿي عورتون اچي پناھ گاھ لاء در کڙڪائين ٿيون . سنڌ ۾ موجود 3 وڏا دارالامان ، جيڪي حيدرآباد ، سکر ۽ ڪراچي ۾ موجود آهن تن ۾ سهولتن جي اڻهوند سان گڏ عزت ۽ آبرو واري زندگي به سلامت ناهي. اتي پڻ عورتون کي زوري ڪجھ پئسن عيوض وڪڻيو وڃي ٿو ۽ انهن جي زندگي بدترين بڻائي وڃي ٿي. سنڌ اندر عورت ڊپريشن جو حد کان وڌيڪ شڪار آهي ۽ نفسياتي طور بيمار پڻ گهڻي ٿئي ٿي . حيدرآباد ۽ سکر جي وڏين نفسياتي اسپتالن موجب ته روز ايندڙ مختلف دماغي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ 80 سيڪڙو تعداد عورتن جو هوندو آهي جيڪي گهريلو ۽ ٻاهر جي دنيا جي مسئلن جو شڪار ٿي پنهنجي ذهني صحت وڃائي ويهن ٿيون. ڪيڏي نه حيرت جي ڳالھ چئبي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل 30 عورت ميمبرياڻيون به بظاهر خاموش آهن. سياست اندر ۽ ننڍن وڏن سياسي عهدن تي فائز عورت پڻ وڏي پيماني تي ذهني تشدد ۽ هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون . هي اُهي عورتون آهن جيڪي سياست ذريعي تبديلي آڻڻ لاء نڪتيون آهن پر واٽ هلندي ويرين جي هٿان شڪار ٿي وڃن ٿيون. تازو ئي مثال وٺجي ته فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي چيمبر ۾ اچڻ جو چئي ڪيڏي نه بدتميزي سان ڳالهايو ويو هيو. اها ڳالھ ميڊيا تي اچڻ بعد به کيس مزاق ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو. غير ملڪي ڊگريون ماڻيندڙ تعليم يافته صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي پڻ پنهنجي شڪ جي ۽ گهريلو مسئلن جي بنياد تي زال جو خون ڪري ڇڏيو. جنهن کي ميڊيا پڻ دٻائي ڇڏيو ۽ ان جي بي گناھ زال جو خون سندس مڙھ سان گڏ مٽي اندر دٻجي ويو. هاڻي ته سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ بعد ان جا منفي اثر پڻ عورتن تي ئي وڌيڪ پئجي رهيا آهن . فيس بُڪ سميت ٻين هنڌن تي جيڪر ڪا ڇوڪري پاڻ مڃائڻ لاء اڳيان اچي ٿي ته اها فيس بُڪ گاھ به عورت لاء حراسان ٿيڻ جو هنڌ بڻجي ويندي آهي. سوشل ويب سائيٽن تي پڻ ڪو نه ڪو سبب ڳولي عورت کي ڦاسايو وڃي ٿو. اهي ڏوھ سائبر ڪرائم ۾ اچي وڃن ٿا پر پوء به ان سان ڏوھ جي خاتمي جي خاطري نٿي ملي . سال 2010ع ۾ وومين هراسمينٽ قانون ٺاهيو ويو ، جنهن جو مقصد عورت کي تعليمي ادارن ۽ ڪم ڪار جي جڳهين تي تحفظ ڏيڻ هو. عورتن کي هراسان ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڏنڊ ۽ سزائون پڻ مقرر ڪيل هيون پر ايترا سال گزرڻ باوجود هراسمينٽ ڪيسن ۾ گهٽتائي باوجود گهڻائي ٿي آهي . عورت جڏهن به ٻاهر نڪري ٿي ته ان جي چؤطرف موجود مردن جو عملو کيس حراسان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي . نتيجي ۾ يا ته عورت بليڪ ميل ٿي وڃي ٿي يا ان نوڪري تان هٿ کڻي ٿي . عورتن تي ٿيندڙ مارڪُٽ کي روڪڻ لاء ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2013 منظور ٿيل آهي ، پر ظاهري ڄڻ ته رديءَ جي ٽوڪري حوالي ٿيو پيو آهي . سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2013ع پڻ قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ ننڍي عمر ۾ ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي تي پابندي لڳل آهي ، پر تنهن هوندي به اڄ عام جام ٻارڙين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪيون پيون وڃن. اُهي ڇوڪريون جيڪي ڏاج نه کڻي وڃڻ ڪري ساهرن طرفان ظلم جو شڪار ٿين ٿيون کين تيزاب هاريو وڃي ٿو، ساهرن جي خاندانن ۾ کين طعنا ڏئي زندگي مشڪل بڻائي وڃ انهي لاء به سنڌ حڪومت ڏاج جو بل تيار ڪيو آهي، جنهن موجب نياڻي جا مائٽ ان کي 50 هزار روپين جو ڏاج يا روڪ رقم ڏئي سگهن ٿا ۽ انهيء رقم تي حق صرف انهي ڇوڪري جو هوندو. سندس مڙس ۽ ساهرن کي حق نٿو پڄي ته زبردستي اهي پئسا يا ان مان ورتل ڪا شيء پنهنجي قبضي ۾ کڻن. جيڪر والدين پئسي وارا هجن ته مرضي موجب ڏاج جي رقم وڌائي سگهن ٿا پر گهٽ ۾ گهٽ اها رقم مقرر آهي ۽ غريب خاندان ان کان مٿي ڏاج ڏيڻ جا پابند هرگز ڪونهن. سنڌ ۾ صوبائي سطح عورتن جي لاء الڳ وزارتون ۽ حفاظتي شڪايتي سيل سان گڏ ، ڪيتريون ئي ملڪي، غير ملڪي خانگي توڙي سرڪاري تنظيمون ڪم رهيون آهن. سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين پڻ سنڌ گورنمينٽ پاران قائم ڪئي وئي آهي، جنهنجي چيئرپرسن نزهت شيرين آهي. ان کان علاوه عورتن جي نمائندگي لاء هر هنڌ عورتن جا فلاحي مرڪز قائم آهن پر ڄڻ ته ناڪاره بڻيل آهن  ـ
اڄ اسان جي سنڌ جي عورت هر هنڌ هر فورم تي پاڻ مڃائي ڪاميابي جو منزلون طئي ڪري رهي آهي. سول سوسائٽي کان وٺي سياست هجي ڊاڪٽري هجي، انجنئيرينگ جو شعبو هجي يا سوشل ورڪر ٿي ڪري به عورت هر مقام تي پاڻ مڃرائي رهي آهي . پر نظر سنڌڙي تي ڦيرائجي ته اڄ به سنڌ جي عورت کي ست قرآن ته ڇا پر هڪ عام انسان جيترو حق حاصل ناهي. اڄ به ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ اُها ئي عورت آهي، جنهن چڪي ۾ اَن داڻا پيهي پيهي پاڻ سميت سڄي گهر جو پيٽ پاليو آهي، اها دردن جي چڪي ۾ پاڻ پيسي پئي وڃي .
سنڌ جي عورت اهو نٿو گُهري ته کيس ست قرآن واري اهميت ملي، پر عورت گُهر ڪري ٿي ته مونکي انسان سمجهي انساني رويو رکيو وڃي. مونسان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون ٺاهيا ويا آهن ته انهن تائين منهنجي پهچ به ممڪن بڻائي وڃي . مونکي اُهي موقعا ميسر ڪيا وڃن جو آئون ڪنهن محڪوم ۽ قبضه ٿيل قوم جيان نه بلڪه هڪ خودمختياري واري زندگي گزاريان . سنڌ جي حقن جي لتاڙ خلاف اٿندڙ ۽ سنڌ کي آزاد ڪرائيندڙ ذهن پهرين اها ڳالھ سمجهي ڇڏين تہ  اها قوم جيڪا عورت سان ناروا ۽ امتيازي سلوڪ رکندي، اها ڪڏهن به ترقي يافته قوم جون منزلون طئي ڪري نه سگهندي. هڪ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي جو سڌو سنئون تعالق هڪ ماءُ جي گود سان آهي ، جيڪا جنگي جوان ۽ بهادر پٽ تڏهن نپائي وڏا ڪندي جڏهن هو پاڻ ظلم کان آزاد ۽ تعليم يافته هوندي ـ

Columns

Girl forced to marry speaks out against child marriage

When she was 10 years old, her parents were pressuring her to marry a 26-year-old. That marriage was never consummated, but a year later they were pressuring her again to marry an older man, so she ran away from home. 229 more words

Christianity

Girl Education

More than 21 percent of women aged between 20 and 24 years were married before the age of 18

The Wa East District Education Directorate and the Ghana Police service have rescued Gladys Bassah, a 17-year-old Junior High School graduate from being given out for early marriage. 456 more words

Education

Atrocities We Have Yet to Attach to the #MeToo Scream

… as our diluted, anemic fists briefly emerging from the dusty corners of our safe spaces.

This is the official trailer of a documentary about Warren Jeffs and FLDS. 23 more words

Reason

Lady Leaders To Give You Life

Every time I write a beautiful piece of scathing satire about our current political climate, something unbelievable always breaks, rendering my snark outdated. Be it #TimesUp or “ 896 more words

Humor Maybe

Child marriage in Tanzania (Pt 3)

This blog has been covering an ongoing case in the Court of Appeal of Tanzania: A campaigner named Rebecca Gyumi has taken on the government and is arguing that the country’s Law of Marriage Act which permits girls as young as 14 to get married should be repealed. 492 more words

Human Rights