Tags » Education » Page 2

سترنهن آڪٽوبر غربت گهٽائڻ جو عالمي ڏينهن ـ اياز لطيف راڄپر


اڄ غربت کي گهٽائڻ جو عالمي ڏينهن آهي، دنيا اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان سيمينار، پروگرام گڏجاڻيون ڪوٺائي اهل علم، سماج تي نظر رکندڙ، جاکوڙيندڙ ۽ انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ ماڻهن توڙي تنظيمن کان سندن ماهرانا تجويزون وٺندا ته جيئن غربت کي ختم ڪري سگهجي. پر اسان جي ٽين دنيا جا ماڻهو يا ملڪن جا رهاڪو آهيون اسان وٽ وسيلا وسائل به جام آهن تنهن جي باوجود غربت جو روز بروز وڌندڙ سلسلو ڪنهن جي نااهلي ٿو ظاهر ڪري ـ
اسان وٽ ته آدمشماري جي اهميت به ايتري آهي جيتري ڪا خانا پوري ڪرڻ هجي نه ته سڌريل ملڪن ۾ آدمشماري جي آڌار تي گهربل شين تي ڪم ڪيو ويندو آهي، آدمشماري جي انگن اکرن مطابق غربت کي گهٽائڻ لاء پروگرام تشڪيل ڏنا ويندا آهن اميدار آدمشماري جي آڌار تي ماڻهن سان پنهنجو پروگرام شيئر ڪندا آهن پوء اها غربت هجي، تعليم جي تباهي هجي، صحت جا مسئلا هجن مطلب هر شي هر ڪم انگن اکرن تي طئي ڪيو ويندو آهي، اهڙي قسم جي مشق اسان وٽ ٿيڻ هڪ خواب نگر وانگي لڳي ٿو ـ
جتي ووٽن جي اهميت ايتري هجي جتي وڏيرا انهن جي مٿان مٽڻ جو ڳالهيون ڪندا هجن ته پوء ان صورتحال ۾ ڪهڙي توقعات رکي سگهجي ٿي ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دنيا ۽ انسانن جي فلاح بهبود لاء ڪم ڪري سگهجي ٿو…؟؟؟؟؟؟؟
اسان وٽ 2 سيڪڙو ايليٽ طبقو 98 سيڪڙو عوام مٿان قابض آهي جيڪو چاهي هي نٿو ته جهالت ۽ غربت ختم ٿي اسان جي ملڪ مان…؟؟؟؟؟
پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي جي ملڪ مان سڌي ريت ٽيڪس ڀرڻ وارا صرف 39 سيڪڙو ماڻهو آهن، جڏهن ته غريب اڻ سڌي ٽيڪس ڀري سڄي ملڪ جو 70 سيڪڙو خزانو ڀري ٿو ۽ موٽ ۾ انهن غريب ماڻهن کي جيڪي ستر سيڪڙو ملڪ کي ناڻو ٽيڪس جي صورت ۾ ڏين ٿا بدلي ۾ انهن کي غربت، بک، بدحالي، ٿري ٻارن جو موت، وبائي بيماريون، ووٽن ۽ ووٽرن جي تذليل، ڪارو ڪاري، جرڳا، بيروزگاري، جهالت، تعليم دشمني نام نهاد سياسي، سماجي سرشتا، غربت جي وگهي خودڪشيون نصيب ۾ ٿيون آهن ـ
مجموعي طور اسان جي ملڪ کي آزاد ٿئي 70 سال ٿي ويا آهن ان جي ڀيٽ ۾ جرمني، جاپان ۽ چين اسان کان پوء ۽ اسانجي رحم و ڪرم تي ڪجه وقت رهيا، جاپان ناگاساڪي ۽ هيروشيما جي ائٽم جي تباهي کان پوء اڄ دنيا جي ترقي آفتا ملڪن ۾ شمار ٿي ٿو، جرمني يورپ جي ٽاپ انڊسٽريل ملڪ آهي جتي تعليم ۽ صحت بلڪل مفت فراهم ڪئي وڃي پئي ۽ چين ته دنيا سان ٽڪر کائي پيو ترقي جي اوچي مورال جي آڌار تي ـ
ان سڄي صورتحال ۾ اسان ڪاٿي بيٺا آهيون ۽ خاص ڪري سنڌ سان ڪهڙي ويڌن پئي ٿئي ، تيل، گئس، ڪوئلو ، درياء, ٻولي ، 5 هزار سالا تاريخي ثقافتي حيثيت آهي پوء غربت وگهي مارئوڙا بک مرن، نوجوان بيروزگاري وگهي خودڪشيون ڪن،!! ڇا اسان جا حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آهن جو ناهل ماڻهو هي اسان مٿان حڪمراني ڪن ـ
اسان جي معاشري ۾ به هزارين اختلاف آهن پر اسان وٽ ڪجه ڳالهيون، ڪجه حل ته هڪ جهڙا آهن پوء ڇو نه انهن ڪجه نقطن تي گڏجي، وطن ۽ قوم لاء گڏيل جدوجهد ڪجي ـ

Columns

What’s Your Take? (Responsive Question)

Question: Does Money Buy Happiness…?

Our Take: “Most people will instantly think no but it’s a much harder question than that. We believe it really depends on who you really are. 62 more words

Millionaire's Digest

COO Education Quarterly Report 2017

Portfolio Holders/Alternates:

  • Deputy Grand Chief Derek Fox, Political Confederacy Education Portfolio Holder
  • Alternate – open

Chiefs Committee on Lifelong Learning (CCOLL):

Education

Rutgers cancels trip to Mecca despite executive ban appeal

By Chris Peraino and Skyler Gilbert

The Center of Islamic Life at Rutgers University has cancelled an upcoming hajj, citing airport discrimination anxieties despite a federal appeals court refusing to reinstate President Trump’s executive travel ban. 748 more words

Education

ADMISSION INTO 2017/2018 PRE-DEGREE PROGRAMME

Posted on October 17, 2017 by Oludare Ezekiel


Applications are invited from suitably qualified candidates for admission into one-year Pre-Degree Programme for the 2017/2018 Academic Session. 79 more words

Education

Visiting the 1950s

Last night, for music and history, we used our smart TV and did a time-warp to the 1950s.  Since we have the technology, why not use it right?  404 more words

Writings By Lynn K. Scott