Tags » Free Education

Free Online Economics Education

Being in the age of the internet, we have the luxury of YouTube. Over time, university lecturers have recorded their lectures and posted them on the internet. 296 more words

Economics

Only 100 left

This chestnut-and-white-striped antelope is an eastern bongo. Fairly large in size, eastern bongos can weigh between 500 and 900 pounds with horns as long as 40 inches in length. 119 more words

Travel

Clap clap

checkers sa

Learn The Little Garden Song


Little Garden Song Lyrics

I put a little seed of hope in the ground…
And grew a little love today… 91 more words

Inspiration

free educational websites for older children (and adults) - 5 of my favorite picks

Now that my kiddos are older, here are five of my favorite educational websites.

This is a YouTube channel that teaches topics ranging from science to literature. 109 more words

Chronic Illness

മാതൃക എന്ന മാതൃക

36 വര്‍ഷം കഴിഞ്ഞിരിക്കുന്നു മാതൃക എന്ന സൗജന്യ വിദ്യാലയം നിലവില്‍ വന്നിട്ട്. തിരുവനന്തപുരത്ത് മുട്ടത്തറയിലെയും പരിസരങ്ങളിലെയും പാവപ്പെട്ട കുട്ടികള്‍ക്ക് പഠനപിന്തുണയ്ക്കായി ഇക്കാലമത്രയും മറ്റൊരിടത്തും പോകേണ്ടി വന്നിട്ടില്ല. ട്യൂഷന്‍ എന്നത് ചെലവേറിയ സംവിധാനമാകുമ്പോള്‍ സൗജന്യമായി അതു ലഭിക്കുക എന്നത് ചെറിയ കാര്യമല്ല.

എസ്.എസ്.എല്‍.സി. പരീക്ഷാഫലം വരുമ്പോള്‍ 100 ശതമാനം വിജയത്തിന്റെ മേനി അവകാശപ്പെടാവുന്ന ഒരുപാട് സ്ഥാപനങ്ങളുണ്ടാവും. പക്ഷേ ദാരിദ്ര്യത്തില്‍ പെട്ടുഴലുന്ന, പഠിക്കാനുള്ള സാഹചര്യമില്ലാത്ത കുട്ടികളെ കൈപിടിച്ചുയര്‍ത്തി 100 ശതമാനം വിജയം കൈവരിക്കുക എന്നു പറയുന്നത് വലിയ നേട്ടം തന്നെയാണ്. തീര്‍ച്ചയായും അത് ആഘോഷിക്കപ്പെടുക തന്നെ വേണം.
….read more

V S SYAMLAL

Reaction to progress towards free higher education

Cape Town, 24 April 2018 – Minister of Higher Education and Training, Naledi Pandor, earlier today gave feedback on government’s progress towards implementing free higher education. 18 more words

News

نياڻين جي تعيلم ملڪ ترقي لاءِ ضروري آهي ـ صاحب خان ڀٽي

 سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مختلف تنظيمن پاران جدوجهد ڪئي پئي وڃي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪيا پياوڃن پر افسوس جو هن وقت تائين سنڌ اندر ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنجيده جا نظر نه اچي رهيا آهن، جيئن ته معاشري جي ترقي جو راز تعليم آهي ۽ قومون تعليم ذريعي ترقي ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان قوم کان تعليم کسي وڃي ۽ اها قوم پاڻ ئي ختم ٿي ويندي، جنهن قوم وٽ تعليم ناهي هوندي، ان وٽ رڳوجهالت ئي جنم وٺندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ڪڌي رسم ڪارو ڪاري سميت قبيلائي جهيڙن ۾ ڦاٿل آهي،
جيڪڏهن سنڌ اندر تعليم کي هٿي وٺرائي وڃي ها ته اڄ سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن جو خاتمو اچي وڃي ها ۽ انساني حياتيون بچي وڃن ها، جيئن ته اسان جي سنڌ اندر به تعليم کي هٿي ڏيارڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، چوندا آهن ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي ۽ عورت کي پڙهائڻ جو مطلب هڪ خاندان کي پڙهائڻ برابر آهي، جتي نياڻين کي تعليم ڏياري ويندي آهي، ان معاشري ترقي کي هٿي ملندي آهي پر افسوس جو اسان جي سنڌ اندر نه ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ وسيلا آهن ۽ نه ئي سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجي نياڻين جي تعليم ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن، ان جا به ڪيترا ڪارڻ آهي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي سبب ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ کان لاچار آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنجيده هجي ته اڄ ملڪ اندر اهڙي صورتحال نه هجي، هڪ ٻيو ڪارڻ نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ جو اهو به آهي ته ڪجهه ماڻهو رڳو پنهنجي پٽن کي تعليم ڏياريندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهندا آهن ته پٽ وڏو ٿي سندن سهارو بڻبو ۽ نياڻي ته پرائي گهر هلي ويندي، جيڪڏهن اها سوچ تبديل ٿي وڃي ته پوءِ اسان جي معاشري ۾ به نياڻيون ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون ـ
جيتوڻيڪ سنڌ اندر ڪيترائي اسڪول بند آهن ۽ خانگي اسڪولن به تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي پر اها صورتحال نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ جو ڪارڻ نه آهي. انهيءَ صورتحال جو ذميوار اسان پاڻ ۽ گهٽ علمي آهي، شهرن ۾ ته نياڻين کي تعليم ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ هر هڪ گهر ماڻ نياڻيون اسڪول پڙهڻ وينديون آهن ۽ اتي نياڻين جي لاءِ الڳ الڳ اسڪول به هوندا آهن، جنهن سبب والدين پنهنجي نياڻين کي تعليم لاءِ موڪليندا آهن پر ان ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نه ته اسڪول هوندا آهن ۽ نه ئي وري والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول ڇڏيندا آهن، ايتري قدر جو ڳوٺاڻا پنهنجي پٽن جي تعليم ڏانهن به گهٽ ڏيندا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هوندو آهي ته جيڪي ٻار پڙهيا انهن کي نوڪريون نه مليون آهن ۽ بيروزگار آهن ۽ ساڳيو ٻني ٻاري جو ڪم ڪري رهيا آهن، اها سوچ به ان ڪري جنم ورتو آهي، جو اسان جا حڪمران پئسن جي لالچ ۾ غير ملڪين کي سنڌ ۾ ترسائي سنڌ جي وسيلن تي قابض ڪري رهيا آهن ـ
جيڪڏهن حڪمرانن مان پئسن جي هوس ختم ٿي وڃي ته سنڌ اندر رڳو سنڌين کي نوڪريون ملن ۽ اهو به ميرٽ تي ملن ته سنڌ اندر کوڙ سارا مسئلا حل ٿي ويندا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن حڪمرانن جي اکين اڳيان پئسن جي هوس جو پردو ختم ٿي وڃي. بهرحال اسان ڳالهائي رهيا هئاسين نياڻين جي تعليم بابت، اسان کي گهرجي ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻون. فلاحي تنظيمون ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙا قدم کڻن جو سنڌ جون سموريون نياڻيون تعليم واري زيور کان محروم نه رهن. جيئن ته سنڌ اندر نياڻين جي تعليم تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ سنڌ جي عورت هر شعبي ۾ پٺ تي آهي، مطلب ته آهي ئي نه، جنهن سبب سنڌ پوليس کان ويندي ٻين سرڪاري کاتن ۾ ٻين صوبن جي عورتن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن ۽ اسان جي سنڌ جي عورتن جو حق ٻين صوبن جي عورتن کي ڏنو پيو وڃي،
اڄ جيڪڏهن اسان جون نياڻيون پڙهيل لکيل هجن ها ته ڪنهن ٻئي صوبي جي عورتن کي سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڀرتي نه ڪيو وڃي ها. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي سنڌ جون عورتون ۽ مرد ڄڻ ته تمام گهڻو پوئتي رهيل آهن. هن جديد سائنسي دور ۾ به سنڌ جون نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان تمام گهڻو پري آهن. ان ڪري ضروري آهي ته اسان سنڌجي نياڻين کي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، جيئن اهي جديد دور ۾ تعليم زيور کان محروم نه رهن. هونئن ته سنڌ اسيمبلي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا آهن پر انهن تي عملي طور ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ايتري قدر جو سياسي پارٽيون به نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ وڏا اعلان ڪنديون آهن پر افسوس جو اهي اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويندا آهن ـ
جيڪڏهن سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي ۽ نياڻين جي تعليم سڄي سنڌ ۾ مفت ڪئي وڃي ته والدين کي به اها سهولت فراهم ٿيندي جو اهي انهن کي نياڻين جي تعليم تي پئسا خرچ نه ڪرڻا پوندا، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن سنڌ سرڪار چاهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار واقعي نياڻين جي تعليم لاءِ سنجيده آهي ته پوءِ سرڪار کي سڄي سنڌ ۾ هڪ مهم شروع ڪرڻي پوندي، جنهن جي ذريعي سنڌجي نياڻين کي مفت ڪتاب ۽ مفت تعليم ڏيڻي پوندي ۽ ايتري قدر جيئن پوليو مهم دوران پوليس ۽ فوج کي گڏ کڻي گهر گهر پڇيو ويندو ته پوليو جا ڦرا پياريا ويا آهن يا نه، اهڙي طرح گهر گهر پڇڻو پوندو ته اوهان پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري رهيا آهيو يا نه؟ جيڪو شخص پنهنجي نياڻين کي نٿو پياري اڳ ۾ ان جو ڪارڻ معلوم ڪيو وڃي ۽ اهو مسئلو حل ڪيو وڃي، جيڪڏهن پوءِ به اهو پنهنجي نياڻي کي نٿو پڙهائي ته پوءِ ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن حڪومت ايئن نٿي ڪري ته پوءِ اهو اسان پڪ سان چئي سگهون ٿا ته حڪومت به نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکڻ چاهي ٿي ـ

Sindh