Tags » Mahram

How a YouTube Video stroke a chord….Part III

As a result of my first comment, I was accused of victim-blaming by another commentator:

“Once again complete DISREGARD OF THE FACT women are being violated and manipulated! 349 more words

Wanita Sempurna

Pemuda: Awak bukan untuk saya. Bagi saya, awak tidak sempurna. Maafkan saya. Saya ingin wanita yang sempurna.

Gadis: Saya faham. Awak perlukan sesempurna seperti mereka. Kerana awak sempurna bagi saya. 234 more words

ڳوٺ لغاري بجراڻي جون مذهبي رسمون

ڳوٺ ۾ ٽي مشهور مسجدون هونديون هيون، هڪ مسجد فقيرن واري پاڙي ۾ انتهائي اتر طرف، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُها اصل ۾ جمعي ڪوري جي خالي ڪيل جاءِ ۾ جوڙائي ويئي هئي. سندس بنياد حاجي علي محمد ولد بخش علي لغاري وڌو. ان ۾ گهڻو ڪري فقيرن جو پاڙو، سهراباڻي ۽ ميراڻي نماز پڙهڻ ايندا هئا. ٻي مسجد مهراباڻي پاڙي ۾ سندن پاڙي جي اولھ طرف ڍوري جي ڪپ تي هوندي هئي. اتي مهراباڻي ۽ ٻيا سندن پاڙيوارا نماز پڙهڻ ايندا هئا. ٽئين مسجد بجراڻي پاڙي ۾ شهر جي ڏکڻ طرف هوندي هئي. ان ۾ بجراڻي پاڙي جا ماڻهو، هُليا، ڪاسائي، لانگاھ، ميراثي نماز ادا ڪندا هئا. مسجدون آباد هونديون هيون. انهن ۾ فجر جي آذان واضح طور تي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. اوائل ۾ جمعي جي نماز صرف ٻن مسجدن ۾ پڙهي ويندي هئي جتي شهر جا سڀ نمازي ڪٺا ٿيندا هئا. اهل تشيعه فرقي رکندڙ نمازي ڳوٺ جي اتر واري مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪندا هئا ۽ ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ رهندڙ جن مان گهڻو ڪري سُني فرقي وارا هئا، اُهي اتي جمع نماز ادا ڪندا هئا. جيتوڻيڪ لغاري بجراڻي ڳوٺ جي آخري ڏينهن ۾ جمع نماز کان سواءِ مسجدن ۾ نماز ضرور پڙهي ويندي هئي. هاڻي الاجي ڪهڙي سبب ڪري نوجوان طبقو مذهب کان دور ٿيندو ٿو وڃي. اهو رڳو لغاري نه پر جتي ڪٿي ائين آهي. جيئن ته مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته لغارين جو هڪ قبيلو جيڪو فقيرن جي نالي سان هو اهو ڪاڇي مان آخر ۾ لڏي آيو. فقير مراداڻي قبيلي مان هئا. جيڪي ميان نصير محمد کان وٺي ڪلهوڙن جا مريد هئا، کين ميان والي فقير چوندا هئا. ڪلهوڙن جا ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا آهن. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي مذهب اثنا عشري رکندڙ هئا. جنهن ڪري اسان جي لغاري فقيرن پڻ اهو مذهب اختيار ڪيو آهي. هو حضرت علي عليه السلام جا عقيدت مند هوندا هئا ۽ کيس رسول الله صه جو صحيح جانشين ڄاڻندا هئا. انهن فقيرن ۾ حاصل فقير ولد مقصودو فقير ڪجھ علم وارو هو، جنهن جي تقريرن ۽ تدبيرن ڪري لغاري بجراڻي جا گهڻا ماڻهو شيعا ٿي ويا هئا ۽ امام حسين عليه السلام جي عزاداري ڪرڻ لڳا. ان کان علاوه سيد لعل محمد شاھ وارا به شيعا اثنا عشري هئا. جنهن جو اثر ڳوٺ تي گهڻو هو. جنهن ڪري مختلف پاڙا جهڙوڪ: مهراباڻي، سهراباڻي، باگاڻي ۽ ڪجھ حصو بجراڻين جو شيعه ٿي ويا. فقير گهراڻي ته هنن کان اڳ مذهب اماميه اختيار ڪيو هو. محرم جي مهيني ۾ پهريان ڏھ ئي ڏينهن مجلسون برپا ٿينديون هيون. پهرين تاريخ کان وٺي به بتدريج آهسته آهسته ڏهين تائين رات سڄي جاڳي گذاري ويندي هئي، جنهن ۾ مجلس کان سواءِ ماتم ۽ نماز عاشورا پڻ پڙهي ويندي هئي. ڏهين جي ڏينهن هڪ ماتمي تعزيه برداري جلوس ڳوٺ خدا بخش لغاري کان نڪرندو هو جيڪو شهر جي چوڌاري مختلف امام بارگاهن کان گشت ڪندو شام جو ٽپهري جو واپس ڳوٺ خدابخش ۾ختم ٿيندو هو ۽ اتي مجلس “شام غريبان” پڙهي آخري سلام پڙهيا ويندا هئا ۽ ماتم ڪيو ويندو هو. ڏهين جي ڏينهن شام جو گهڻو ڪري سڀني امام بارگاهن ۾ هر ڪنهن جي حيثيت آهر نذر نياز ٿيندو هو. اهڙي طرح ڏهين جي ڏينهن جي پڄاڻي ٿيندي هئي. يارهين تاريخ صبح جو هڪ ماتمي جلوس لغاري بجراڻي مان بُگائن سيدن ڏانهن به ويندو هو. جنهن جي پذيرائي سيد باقر شاھ بگائي ڪندو هو. اتي مجلس ۽ ماتم ٿيندو هو ۽ نياز تقسيم ڪيو ويندو هو. جڏهن مجلسن جو ذڪر آيو آهي ته ڪن مشهور ذاڪرن جو احوال نه ڏيڻ انهن سان بي انصافي ٿيندي، اسان جي يادگيري ۾ مرحوم الھ رکيو مهراباڻي هڪ سٺو ذاڪر ٿي گذريو، ان سان گڏ کيس سُر جهلائڻ لاءِ صحبت علي ۽ علي بخش قيصراڻي ٻئي ڀائر هوندا هئا. مرحوم الله رکيو نيڪ سيرت ۽ سادو انسان هو. مجلسون ڪرائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. ديندار شخص هو نه ڪنهن سان دشمني نه عداوت، ساڻس ٻئي سُر جهلائڻ وارا به مٺي آواز جا مالڪ هئا. هر هفتي جي جمع رات يا جڏهن رات جو مجلس جو پروگرام ٿيندو هو ته سيد لعل محمد شاھ جي پڙ تي اڳواٽ اعلان لاءِ مغرب جي نماز کان پوءِ صحبت علي ۽ علي بخش گڏجي وڏي آواز سان صلوات سڳوري پڙهندا هئا. سندن وڏو آواز سڄي ڳوٺ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوءِ سومهڻي مهل ڳوٺ جا ماڻهو مجلس ٻڌڻ لاءِ لعل محمد شاھ جي پڙ ۾ پهچي ويندا هئا. مرحوم غلام عباس فقير پڻ سٺي مجلس پڙهندو هو. سندس درد ڀريو آواز ماڻهن کي رئاري ڇڏيندو هو. هو گهڻو ڪري مرثين جا ڪتاب کڻي پڙهندو هو. سندس رڪارڊ ٿيل مجلسون اڄ به ماستر الله بچائي وٽ محفوظ آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ذاڪر ۽ مقرر هئا. جيڪي ڪتابن مان مجلس پڙهندا هئا. جن مان محمد اسماعيل لانگاھ، ٻڍو خان ۽ دين محمد قابل ذڪر آهن ـ
ڳوٺ ۾ مقرر ٿيل عيدگاھ ڪونه هوندو هو، تنهنڪري عيد جي نماز ڪنهن صاف پٽ تي پڙهي ويندي هئي. عيد نماز لاءِ صبح جو اٺين وڳي ڌاري دهل وڃڻ شروع ٿيندو هو اهو هڪڙي قسم جو اعلان هو ته نماز لاءِ گڏ ٿجي. نماز لاءِ مختلف ٽولا خوبصورت لباس ۽ خوشبو سان ٽٻٽار ٿي گهرن کان ٻاهر نڪرندا هئا. کل خوشي ڀوڳ چرچو عام جام هوندو هو. نمازي عارضي مقرر ٿيل عيد گاھ ۾ گڏ ٿي باقي رهيلن جو انتظار ڪندا هئا. جيسين سمورن پاڙن جا ماڻهو نه پهچندا هئا، تيسين نماز شروع ڪونه ڪندا هئا. اوائلي وقت ۾ عيد جي نماز سيد حسن علي شاھ ولد سيد مست علي شاھ جيڪو اصل ڪورائن جو ويٺل هو اهو نماز پڙهائيندو هو. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ شيعه فرقو رکندڙ هو ۽ لغاري به ڪافي تعداد ۾ شيعه ٿي ويا هئا. حسن علي شاھ کان علاوه سندس پٽ لعل محمد شاھ به نماز پڙهائيندو هو. اسان جي يادگيري ۾ خانڻ فقير ۽ پوءِ حاجي خان نماز پڙهائيندا هئا. نمازين جو گهٽ ۾ گهٽ چار صفون ٻڌجي وينديون هيون. سيارو هجي توڙي اونهارو وڏي اطمينان سان نماز ادا ڪئي ويندي هئي. نماز کان پوءِ خطبو سڀڪو ويهي ٻڌندو هو. عيد تي سيد جو ذڪر نه ڪجي ته اها انهن سان ڏاڍائي ٿيندي. نماز کان پوءِ گهر وڃي سين تي مارڪو ٿيندو هو. هر هڪ گهر ۾ سيون ته ضرور جوڙيون وينديون هيون. ان زماني ۾ سين جوڙڻ جي مشين عام جام ڪونه هوندي هئي ۽ نه وري اڄڪلھ وانگر ٺهيل جڙيل سيون ملنديون هيون. هر گهر ۾ واري سان پاڙي جون عورتون گڏ ويهي، پارڙا اونڌا ڪري انهن جي مٿان هٿن سان سيون جوڙينديون هيون. صبح کان شام تائين سندن خوب ڪچهري ٿيندي هئي ۽ گهر لاءِ ٻن ٽن ويلن جون سيون تيار ٿي وينديون هيون. دراصل انهن سين جي کائڻ ۾ جيڪا شيرين هوندي هئي سا اڄڪلھ جي مشين جي ٺاهيل سين ۾ ڪٿي آهي. اهي سيون سادي پاڻي ۾ اٻاري، پاڻي هاري، اٻاريل سين ۾ سچو گيھ يا مکڻ وجهڻ ۾ ايندو هو. جنهن جي مٿان کنڊ يا مٺائي ٻُرڪي کائبي هئي. هاڻي انهي کاڌي کائڻ لاءِ دل سڪي رهي آهي. نڪي آهن اُهي هٿ جون ٺهيل سيون ۽ نڪي سچا گيھ، وري جڏهن عيد قرباني ايندي هئي ته نماز کان پوءِ هرڪو وقت آهر قرباني ڪندو هو. گهڻو ڪري هڪ جانور ۾ ست ڄڻا ڀائيوار هوندا هئا. قرباني جو گوشت تيار ڪري انهي جا ننڍا ننڍا حصا ٺاهيندا هئا، جن کي “واٽا“ ڪري چوندا هئا. اهو واٽو هر هڪ شادي شده جوڙي جي حساب سان ڏنو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن گهر جا ڀاتي گهڻا هوندا هئا ته ان کي ٻه يا ٽي واٽا به ملندا هئا. اهڙي طرح ورهاست ٿيندي هئي جو ڳوٺ ۾ ڪو به گهر رهجي ڪونه ويندو هو. عيد بعد ايندڙ رات گهڻو ڪري هر ڪنهن جي گهر ۾ قرباني جو گوشت ضرور پچندو هو. هر ڪنهن عيد جي شام جو نوجوان ڇوڪرن جا ٽولا شهر مورو گهمڻ ضروري سمجهندا هئا. مورو شهر ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ويجهو يعني تقريبا 5 يا 6 ميلن تي هو. موري ۾ ملاکڙو، ڪٻٽي راند يا رڇ جي ويڙھ ضرور ٿيندي هئي ۽ شهر ۾ ميلي جو سامان ٿي ويندو هو. اڄ به موري شهر ۾ عيد جي ڏينهن کان وٺي ٽن ڏينهن تائين رڇ ۽ ڪُتن جي ويڙھ ڪرائي ويندي آهي، جيئن مٿي محرم جي مهيني ۾ مجلس ۽ ماتم جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ وڌيڪ ائين به هو ته مردن جي لاءِ ٺهيل پڙ کان علاوه هر هڪ پاڙي ۾ عورتن جو پڙ به ٿيندو هو. جتي روزانو رات جو امام حسين عليه السلام جو ذڪر ۽ مرثيه وغيره پڙهنديون هيون. اتي به عورتن پاران نياز نذر وغيره تقسيم ڪيو ويندو هو ـ
هن ڳوٺ ۾ هندن جو ڪردار به بنا مذهبي تعصب، بلڪ ڀائيچاري وارو هوندو هو. جڏهن عيد برات ٿيندي هئي ته هندو برادري جا ماڻهو به ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا. محرم جي ڏهين تاريخ جڏهن تعزيه جو جلوس نڪرندو هو ته ٻين مسلمانن وانگر هندو به پنهنجا ننڍا ننڍا ٻار کڻي تعزيه جي هيٺيان لنگهندا هئا. محرم جي ڏهين جيئن مسلمان نياز ڪندا هئا. تيئن هندو پڻ محرم جي ڏينهن شام جو چڻا رڌي ورهائيندا هئا. پنهنجي ٻولي ۾ ان کي “سِيسَا ” چوندا هئا. ڪڏهن به جلوس تي ٺٺولي يا ڪا ٻي بدتميزي جو مظاهرو ڪونه ڪندا هئا. عيد جي موقعي تي ڪافي گهماگهمي ٿيندي هئي. هندن جا وري پنهنجا پنهنجا وڏا ڏينهن هوندا هئا. جيئن ڏياري جو ڏينهن، دسهڙي جو ڏينهن وغيره، ڏياري جي موقعي تي هندن جي گهرن ۾ چراغان ڪيو ويندو هو. ان زماني ۾ بجلي ته ڪونه هوندي هئي تنهنڪري هندو پنهنجي گهرن جي اندر توڙي ٻاهر دروازي، درين ۽ جاين جي ڪانس تي ٺڪر جا ڏيا ٻاريندا هئا، جيڪي هر گهر ۾ سَون جي تعداد ۾ هوندا هئا. ڳوٺ جا شرارتي مسلمان ٻار جيئن ڪو در جي ٻاهران ڏيئو ٻرندو ڏسن تيئن اهو وسائي تيل هاري خالي ڏيئو کڻي ڊوڙ پائي ڀڃي ويندا هئا ۽ واڻيا ڏسندا رهجي ويندا هئا ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، ساڳي جاءِ تي ٻيو ڏيئو ٻاريندا هئا پر ڪڏهن به ڪنهن هندو هن بدتميزي جو برو نه منائيندا هئا ۽ نه وري وڏن کي ٻارن جي اهڙي حرڪت جي شڪايت ڪندا هئا. اهو به هڪ خوشي جو حصو هو. جنهن ۾ هڪ ڌُر ڏيا ٻاريندي هئي ۽ ٻي وسائيندي هئي. ٻئي ڌريون انهي ۾ خوش هيون. انهي سبب ڪري ڪابه دشمني وغيره پيدا ڪونه ٿيندي هئي. هندن جا ٻيا به ڪيترائي خوشي جا ڏڻ هوندا هئا. هڪ وڏي ٽري يا ڪاٺ وغيره جو ٺهيل چوڪنڊو برتن ٺاهي ان کي چوڌاري شفاف پنن يا شيشن سان بند ڪندا هئا. پوءِ ان ۾ مٺائي، مصري، ڏونگهيون، چانورن يا ٻئي اناج جا داڻا وجهي ٻاهران رنگ دار ڪاغذن جي جهالر ٻڌندا هئا. پوءِ ان جو جلوس سڄي بازار ۾ گهمايو ويندو هو. آخر ۾ ان کي ڦيري درياھ بادشاھ جي حوالي ڪيو ويندو هو. ياد رهي ته اهو ڏڻ هميشه گرمي جي موسم ۾ ٿيندو هو ۽ جڏهن پاڻي ڍنڍن ڍورن ۾ ڀرجي ايندو هو. ڳوٺ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪڏهن به مذهبي جهيڙو يا فساد ڪونه ٿيو، ٻئي قومون هڪ ٻئي جون مددگار ۽ کير کنڊ هئا ـ

Bukan Muhrim

Aku sering mendengar istilah Bukan Muhrim. Sebenarnya bukan muhrim itu apa sih? Istilah Bukan Muhrim biasa kita dengar dengan pengertian lawan jenis yang sedang suka sama seseorang. 570 more words

Mix

Before I met you

I have a secret that I am going to share with everyone here. So this is the story:

It was raining and I felt I am being umbrella. 200 more words