Tags » Mir Murtaza Bhutto

جڏھن مون مير مرتضئ ڀٽو شھيد جو ڪفن سبيو ـ ذوالفقار قادري


ـ 20 سيپٽمبر جي رات جڏھن مان مير مرتضئ ڀٽو جي هدايتن تحت قمبر شھر ۾ محض ٽن ڏينهن بعد ٿيندڙ سندس جلسي عام جي اسٽيج جو هلندڙ ڪم ڏسي واپس گهر پهتس تہ مون ڊش ٽي وي کولي ڪو انٽرٽينمنٽ ٽي وي چينل سرچ ڪرڻ شروع ڪيو تہ بي بي سي ٽي وي ورلڊ سروس بريڪنگ نيوز هلائي رهي هئي تہ ” پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ پاڪستاني وزير اعظم بينظير ڀٽو جو ڀاء مير مرتضئ ڀٽو پنهنجي ساٿين سميت پوليس سان هڪ مسلح جهڙپ ۾ مارجي ويو آهي “ منهنجي هٿ مان تہ ٽي وي جو ريموٽ ئي ڪري پيو، مون پنهنجي هڪ دوست کي فون ڪري ان سانحي بابت ٻڌايو ۽ کيس چيم فورن گاڏي کڻي اچ تہ المرتضئ لاڙڪاڻي هلون بس ٿوري دير ۾ ھو گاڏي کڻي پهتو ۽ اسان لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا سي، اتي جڏھن مير مرتضئ ڀٽو جي رهائش گاه المرتضئ هاؤس پهتا سين تہ ملازمن ۾ روڄ راڙو متل هو، مون سندس ٻن خانداني پراڻن ملازمن مامي جان محمد ککراڻي ابڙي ۽ ابراهيم سولنگي کي ٿورو پرڀرو ڪڍي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ڏسو هيڏو وڏو سانحو ٿيو آھي، ڀٽو خاندان جو ڪو بہ فرد هتي موجود ڪونهي، سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو هتي المرتضئ هاوس ۾ جمع ٿيندا سو اسين ئي هن وقت مير مرتضئ جا وارث بہ آھيون تہ ڪانڌي بہ آھيون، اسان کي هتي بنگلي ۾ فورن تڏو وڇائڻ جا انتظام ڪرڻ کپن بس پو۽ اسين سڀ پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا سين مامي جان محمد ڊيڪوريشن واري کي فون ڪئي جن ڪجهہ ئي دير ۾ المرتضئ هاوس پهچي شاميانہ هڻي قالين وڇرائي ڇڏيا، اسان المرتضئ جي ڪجهہ ڪمرن جو سامان ڪڍرائي سائيڊ تي ڪري ڇڏيو ۽ ڪمرن ۾ متوقع طور مير مرتضئ جي لاش پهچڻ جي صورت ۾ انتظام ڪري ڇڏيا، بس ٿوري دير ۾ ئي ماڻھن جا انبوهہ روڄ راڙو ڪندا المرتضئ هاؤس پهچندا ويا، 21 سيپٽمبر جي صبح ٿي چڪي هئي المرتضئ ۽ ستر ڪلفٽن ڪراچي پاڻ ۾ مسلسل رابطي ۾ ھئا، دراصل مير مرتضئ جي شھادت وقت بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ نہ هئي ان کي لنڊن ۾ اطلاع ڏنو ويو هو فورن پاڪستان لا۽ رواني ٿي وئي، مير مرتضئ ڀٽو جي لاش کي ڪراچي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو جيئن ئي بيگم نصرت ڀٽو ڪراچي پهتي تيئن ئي اسان کي لاڙڪاڻي ۾ اطلاع مليو تہ بيگم نصرت ڀٽو، غنواي ڀٽو سندس ٻار فاطمه ڀٽو ۽ جونيئر ذوالفقار ڪراچي مان مير مرتضئ ڀٽو جي لاش سميت لاڙڪاڻي روانا ٿيڻ وارا آھن ـ
مير مرتضئ ڀٽو جي نماز جنازه پيپلز اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، لاڙڪاڻي مڪمل طور بند هو جو سبزي سگريٽ ملڻ بہ مشڪل هو 21 سيپٽمبر جي شام ٿيڻ واري هئي هزارين ماڻھو پيپلز اسٽيڊيم ۾ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري ديدار ۽ نمازه جنازه لا۽ جمع ٿي چڪا هئا، اسٽيڊيم ۾ تر جيتري جا۽ بہ نہ هئي، مان ۽ ڪجهہ ٻيا دوست ممتاز علي ڀٽو جو فرزند امير بخش ڀٽو، فاروق ڀٽو، اسٽيڊيم ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻي ضلعي انتظاميہ سان هيلي ڪاپٽر اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا سي آخر فضا ۾ ٻہ هيلي ڪاپٽر نمودار ٿيا، هيلي ڪاپٽر جا پائلٽ مسلسل هيٺ انتظاميہ سان رابطي ۾ هئا، خير سان جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ بيگم نصرت ڀٽو، غنوئ ڀٽو، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر هئا ان هيلي ڪاپٽر تہ اسٽيڊيم ۾ لينڊنگ ڪئي پر جنهن ٻئي هيلي ڪاپٽر ۾ مير مرتضئ ڀٽو جي ڊيڊ باڊي هئي ان هيلي ڪاپٽر جي پائلٽ ميسيج ڏنو تہ هزارين جذباتي ۽ غمزده ماڻھن جي درميان مير جي لاش سان هيلي ڪاپٽر جي ليڊنگ ممڪن ڪونهي لهذا ڪا متبادل جا۽ فراهم ڪئي وڃي ـ مان، امير بخش ڀٽو، فاروق ڀٽو، لاڙڪاڻي جو ڊي سي شمس جعفراڻي، ايس ايس پي اڪبر آرائين گڏ بيٺا هئا سي. ايس پي لاڙڪاڻو مشاورت کان بعد تجويز ڪيو تہ هيلي ڪاپٽر کي پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي جي گراؤنڊ تي لينڊ ڪرايو وڃي اهڙو ميسيج پائلٽ کي بہ پاس ڪيو ويو اهڙي طرح اسان ڪجهہ مخصوص ماڻھو ۽ انتظاميہ ايمبولينس سميت مخفي طور اسٽيڊيم مان نڪري پوليس ٽريننگ سينٽر جي گراؤنڊ طرف روانا ٿي ويا سين، ٿوري دير ۾ هيلي ڪاپٽر بہ پي ٽي ايس گراؤنڊ تي لينڊنگ ڪئي پي ٽي ايس گراؤنڊ تي ان وقت مون سميت امير بخش ڀٽو، فاروق ڀٽو، محمد علي ڀٽو، قادر اهير ، عنيت عمراڻي، برڪت مير جت، لاڙڪاڻي ڊي سي شمس جعفراڻي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو اڪبر آرائين موجود هئا سين هيلي ڪاپٽر جي ليڊنگ بعد پائلٽ اچي هيلي ڪاپٽر جو دروازو کوليو تہ اڇي ڪفن ۾ ملبوس ذوالفقار علي ڀٽي جي موڀي پٽ مير مرتضئ جو لاش نظر آيو. لاش مان اڃا رت وهي رهيو هو جنهن سبب ڪفن رت هاڻڪو ٿي چڪو هو. مون، امير بخش ڀٽو، فاروق ڀٽو ۽ ڪجهہ ٻين دوستن هيلي ڪاپٽر مان مير مرتضئ ڀٽي جي لاش جو اسٽريچر لاهي ايمبولينس ۾ شفٽ ڪيو سين ۽ مير مرتضئ جي لاش کي پي ٽي ايس گراؤنڊ تان کڻي ماڻھن جي آه و زاري ڳوڙهن دانهن ۽ ڪوڪن جي انبوهن مان گذرندا المرتضئ هاؤس پهتاسين، مير مرتضئ جي لاش کي اچي ان ڪمري ۾ رکيو سين جتي ڀٽو صاحب، بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مير صاحب ماڻھن سان ملاقاتون ڪندا هئا. ڪمري جي ٽيمپريچر کي نارمل رکڻ لا۽ ڪمري جا تمام ايئرڪنڊيشنڊ چالو ڪرڻ سان گڏ وافر مقدار ۾ برف جا وڏا ٽڪرا پڻ رکيا ويا هئا، جڏھن تہ بيگم نصرت ڀٽو، غنوائ ڀٽو، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر پڻ المرتضئ پهچي چڪا هئا. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي موڀي پٽ جي شھادت جي صدمي سبب بيحال هئي ۽ کيس ڀرسان واري ڪمري ۾ شفٽ ڪيو ويو باقي غنوائ ڀٽو پنهنجي شھيد ور جي سيراندي کان نير بہ وهائي رهي هئي تہ مير جي جسم مان وهندڙ رت کي برف جي پاڻي مان ڪپهہ آلي ڪري رت بہ صاف ڪندي رهي ٻارڙا پنهنجي ابي جي وڇوڙي ۾ روئي رهيا هئا. مير مرتضئ ڀٽو جي لاش کي ڪراچي مان غسل ۽ ڪفن ڏئي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو هو پر هيترن ڪلاڪن گذرڻ باوجود مير مرتضئ جي جسم مان رت مسلسل ايئن هلي رهيو هو ڄڻ هاڻي گوليون لڳيون هجن ـ
مير مرتضئ جو سمورو ڪفن رت سان ڀريو پيو هو. ڀٽو خاندان جي وڏڙن فيصلو ڪيو تہ مير مرتضئ کي پنهنجي اباڻي گهر ۾ ٻيهر غسل ڏئي پنهنجي گهر جو ڪفن ڏنو وڃي فورن ماڻهو ڊوڙايا ويا سمورو لاڙڪاڻو سوڳ ۾ بند پيو هو. مان پاڻ انهن ملازمن سان گڏ هئس جيڪي ڪفن جي ڪپڙي لا۽ بازار ويا هئا آخر هڪ واقفڪار شيخ جو ڪپڙي جو دڪان کولرائي پورو لٺي واري ڪپڙي جو ٿان وٺي درزي ۽ ملان کي وٺڻ وياسين مولوي صاحب تہ مليو پر درزي هٿ نہ آيو سو ٽائيم بہ ڪونہ هو سو المرتضئ هاؤس واپس آياسين مولوي صاحب پڇيو ڪفن جي تياري لا۽ درزي يا سلائي مشين آھي سو مون کي ياد هو تہ المرتضئ جي سرونٽ ڪواٽر ۾ مون سلائي مشين ڏٺي هئي سو مامي جان محمد کي چيم ماما هاڻ درزي کي ڇڏيو سلائي مشين کڻي اچو مامو جان محمد جلدي ۾ وڃي سلائي مشين کڻي آيو. ملان جي مدد سان مون مير مرتضئ جي جسد خاڪي جي ماپ وٺي ڪپڙي جي ٿان مان ڪفن جي تياري شروع ڪئي. ڪفن جي الفي. پاسا. پٽيون ماپي ٿان مان ڪپڙو ڪٽي مير مرتضئ ڀٽو جي لاش جي سيراندي کان ويهي مون ڪفن سبڻ شروع ڪيو تہ غنوائ ڀٽو انگريزي ۾ چيو “ ذوالفقار تون ڪپڙو مشين جي ٽاپ تي ڏيندو وڃ، سلائي مشين مان ٿي هلايان اهڙي طرح مون ۽ غنوائ ڀٽو صاحبہ گڏجي مير مرتضئ ڀٽو جو ڪفن تيار ڪري ورتو سي پو۽ تمام ماڻھن کي ڪمري مان ٻاهر موڪلي مير صاحب جو رت هاڻو ڪفن تبديل ڪري کيس نئون ڪفن ڏيڻ بعد سڀ کان پهرين ڀٽو خاندان جي مردن ۽ عورتن کي آخري ديدار ڪرائي پو۽ ٻين کي ديدار ڪرايو ويو ۽ ان بعد مير صاحب جي جسد خاڪي کي ايمبولينس ۾ کڻي پيپلز اسٽيڊيم پهچايو ويو لکين ماڻھن سندس نماز جنازه پڙھي پو۽ جنازه کي هزارين گاڏين جي جلوس ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو روانو ڪيو ويو. جتي ڳوڙھن، دانهن، ڪوڪن آھن.  پٽن پاراتن جي آوازن ۾ لکين سوڳوارن هن عظيم بهادر فرزند کي ڌرتي ماء حوالي ڪيو ويو پو۽ ان رات دير سان بينظير صاحبہ المرتضئ ھاؤس آئي ڪجهہ دير المرتضئ هاوس ۾ ترسڻ بعد بيگم نصرت ڀٽو کي پاڻ سان گڏ نئون ديرو هاوس وٺي وئي ۽ پو۽ بيگم نصرت ڀٽو کي المرتضئ ۾ نہ ڏٺو ويو – مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو تہ مير مرتضئ جنهن ڪفن ۾ دفن ڪيو ويو ان کي غنوائ ڀٽو صاحبہ سان گڏ مون تيار ڪيو ۽ انهن چند ماڻھن ۾ شامل رهيس جن ڪفن تبديل ڪرڻ وقت مير مرتضئ ڀٽو جي لاش ۽ کيس لڳل گولين جي نشانن کي چٽو ڏٺو ـ

Columns

پاڪستان ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن جو هيرو شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ـ امتياز علي ميراڻي


حاضر دنيا جي حسين جي شهادت تي لکڻ جو موقعو مليو آهي ته حاضر دنيا جي يزيد کي بي نقاب ڪري دنيا مسلمانن کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته پاڻ ۾ يڪجهتي جو اعليٰ مثال قائم ڪري هن دور جي يزيد سان مهاڏو اٽڪائي ميدان ڪربلا جي قصي کي دهرائڻ جو وقت اچي ويو آهي، دنيا جا مسلمان هن يزيد جي ڪهري ڪاررواين جي ڪري پنهنجي نسل ڪشي جو شڪار آهن، هي سڀ ڪجهه دنيا جي مسلم ملڪن ۾ هن يزيد جي خلاف بي خوف آواز اٿاريندڙ جوڌن، جوانن کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ يزيدي لشڪر جون ميان مان نڪتل تلوارون سمجهه ۾ نٿو اچي ته الاهي ڪيترا بي گناهه ۽ معصوم مسلمانن جا سر قلم ڪنديون، ياد رکجي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا نازن سان پليل ٻئي نوجوان جوڌا پٽ ننڍپڻ ۾ بي خوف ۽ دليري واري زندگي گذاريندا هئا، هنن پنهنجي اکين آڏو هن دور جي يزيد جي هٿان مسلم دنيا جي هيرو ۽ ظلم جي اک ۾ اک وجهي مسلمانن کي پنهنجي طاقت جو احساس ڏياريندڙ والد کي بيگناهه ڦاهي لٽڪندي ڏسي اهو ارادو ڪيو ته هاڻي هي شهنشاهي محل ۽ ملڪيتون اسان جي ڪم جون نه آهن ۽ ٻنهي شهزادن خود ساخته هن ملڪ کي ڇڏي جلاوطني جي زندگي گذارڻ کي اوليت ڏني ۽ حاضر دنيا جي يزيد سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ جديد گوريلا ڪئمپون قائم ڪيون، جتي هنن پنهنجي هم خيال نوجوانن کي يزيدي لشڪر خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ مسلم دنيا جي جن ملڪن ۾ هن ظالم جي ظلمن خلاف جديد هٿياربند تحريڪن جي روپ ۾ يزيدي لشڪر جي خلاف ويڙهاند ڪندا رهيا، جنهن ۾ مسلمان هجڻ جي ڪري يزيدي لشڪر کي ٻڌائي ڇڏيو ته مسلمانن جي خلاف سڀ کان ڏکئي محاذ اسرائيل جي بي لغام فوج کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ۽ ڪيئي سالن تائين فلسطين ۾ پنهنجون قائم ڪندڙ گوريلا ڪئمپن ۾ فلسطيني نوجوانن کي وڙهاند جي جديد سکيا ڏيندا رهيا. سندن مقصد هي هو ته هنن ٻنهي جي سپهه سالاري م قبلا اول اسرائيلي يهودين کان آزاد ڪرائين، هنن کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته حاضر دنيا جي يزيد کان خالي هٿن سان جنگ کٽڻ ته پري پر هڪ ڏينهن به ميدان ۾ بيهي مقابلو نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ هنن پنهنجي عظيم والد جي بي لوث دوستن کان مالي مدد جي لاءِ جهوي جهلي ۽ مالي طور تي فلسطين جي جنگ آزادي جي لاءِ وڏو پئسو، جديد هٿيار خريد ڪيا، جنهن کان پوءِ فلسطيني مسلمانن کي پنهنجي تحفظ جي لاءِ هڪ وڏي طاقت ملي، جنهن جو سهرو به هنن شهزادن جي سِرن تي هو، هنن ٻنهي جلاوطن باغي شهزادن مير شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ هر ظلم جو جوان مرد ٿي مقابلو ڪيو ـ
حاضر دنيا جي يزيد ڏٺو ته هي ٻئي باغي شهزاده هاڻ ڏينهون ڏينهن مسلمانن مختلف ويڙهاڪ تنظيمن کي هٿي ڏئي مضبوط ڪري رهيا آهن ته ائين ٿيڻ سان يزيد ۽ ان جي ناپاڪ لشڪر کي پنهنجون حياتيون خطري ۾ نظر آيون، پوءِ دولت جي لالچ ڏيئي مير شاهنواز ڀٽو کي پنهنجي گهر واري جي هٿان زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو، جيئن حسن مجتبيٰ عه ابن علي کي پنهنجي گهر واري زهر ڏيئي شهيد ڪيو هو، ان کان پوءِ قائد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي جانثار ساٿين سان گڏ وقت جي يزيد جي آڏو گوڏا نه ٽيڪائين، پر جوان مردي سان يزيديت جي خلاف آواز حق بلند ڪندو رهيو، نيٺ اهو نڀاڳو ڏينهن به اسين ڏٺوسين ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي عوام جي بنيادي حقن جي حاصلات واري جنگ وڙهڻ جي ڏوهه ۾ سندس گهر آڏو پنهنجن جانثار ساٿين سان گڏ شهيد ڪري ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ هن ملڪ جي غريب ۽ متوسط طبقي کان انهن جي هر دل عزيز اڳواڻ کي هميشه هميشه لاءِ ڏور ڪري ڇڏيائون، ڀٽو خاندان جي شهادتن سان هن ملڪ جي مظلوم عوام کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيائون ـ
غريب عوام جي حقن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ انهن شهيدن جي ٻچڙن کي اقتدار اعليٰ تي هي عوام آڻي، پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو حساب ڪتاب وٺن، هي وقت ملڪ پاڪستان جي غيور عوام کي بي حسي مان نڪرڻ جو وقت آهي، چورن، قاتلن، لٽيرن کي کوڙ برداشت ڪيو سين، هاڻي خدارا پنهنجن نسلن کي بي حسي جي خطرناڪ وبا کان ٻاهر ڪڍي، جوان مردي سان جيئڻ جو پڪو پهه ڪيو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ زيادتيون اسان جو مقدر نه بڻجن.هاڻي زيادتيون اسان جو مقدر تڏهن نه بڻبيون، جڏهن اسان هن ملڪ جي طاغوتي ۽ ظلم ٽولي کان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ لاءِ سوچ ويچار ڪنداسين ۽ جڏهن ملڪ پاڪستان جي عوام هن ملڪ جي پارلياماني سياست ڪندڙ تمام پارٽين جو ڪردار بخوبي گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ڏسي رهي آهي ته ڪنهن به پارٽي اقتدار ۾ اچي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جاکوڙ نه ڪئي آهي، هنن سڀنن پنهنجن پيٽ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ ڪرپشن جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پاڪ پويتر ڀٽو ازم جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون اٿن، ان ڀٽو ازم کان هاڻي هن ملڪ جا ماڻهو نفرت ٿا ڪن، جيڪي هن پاڪ سياسي نظريي جي لاءِ هر عام ماڻهو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيلن جون بيرڪون ڀري ڇڏيون ۽ طرح طرح جي ازيتن کان گذريا، ڇو ته هنن کي پنهنجو مستقبل ۽ هر عام ماڻهو جي فلاح ۽ انيڪ مسئلن جو حل حقيقي ڀٽو ازم ۾ نظر پيو اچي ـ
اسان پنهنجي سوچ کي مٽيندي بي حسي جهڙي گناهه کان پاسيرو ٿيندي اصل ڀٽو ازم جي علمبدار شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو ۽ پڳدار پٽ ذوالفقار جونيئر جي هٿ ۾ بعيت ڪندي هنن جاکوڙي ٻچڙن جا هٿ مضبوط ڪيون ته هن ملڪ جي مسڪين ۽ غريب عوام جي انيڪ مسئلن جو حل ئي گذريل ڪربلا جي هڪ عظيم ڪردار، حضرت بي بي زينب جي راهه تي عمل ڪندڙ حاضر دنيا جي زينب عليه السلام جي ڪردار فاطمه ڀٽو کي اقتدار ۾ پهچائي، پنهنجو اخلاقي فرض پورو ڪيون ته جيئن هن دنيا جي مڙني اسلامي ملڪن سان ٿيندڙ حاضر دنيا جي يزيد کي منهن تي وقتائتي چماٽ لڳي سگهي ۽ مسلم دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جو علم نشان ٿئي، ڇو ته هنن ٻنهي حسيني ڪردارن ۾ اها صلاحيت آهي ته هي هن دنيا جي يزيد کي اکيون اکين ۾ وجهي ظلم خلاف پوري اسلامي دنيا ۾ امن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ـ

Sindh