Tags » Newton

Gravity Shambles

I have been listening to the enjoyable podcast book shambles with Robin Ince and Josie Long. The episode with Fay Dowker, a cosmologist, had me scratching my head at one point. 853 more words

The Retirees return to Nottingham - Fellow Travelers and Old Friends

Wednesday, we will travel by car to Manchester to meet Martin and Chris who we met on our river trip from Cologne along the Rhine in Germany. 374 more words

Nottingham 2017

How Can Newton Help Us Find Our Light?

How Can Newton Help Us Find Our Light?
Wasn’t that Edison’s Job? 

Sir Isaac Newton
born in 1642
was a mathematician, an astronomer,
and a physicist. 96 more words

Poetry

Isaac Newton was a genius, but even he lost millions in the stock market

(Source: www.businessinsider.sg)

Isaac Newton was one of the smartest people to ever live.

But being a smart physicist is not necessarily the same thing as being a smart investor. 242 more words

Money Matters

Newton Mayor Says He's Challenging Charlie Baker

NEWTON (CBS) – The mayor of Newton announced Saturday that he’s making a run for the State House corner office.

Setti Warren announced his campaign for Governor of Massachusetts at a neighborhood block party in front of his Newton home. 313 more words

News

نيوٽن جي حرڪت جا قاعدا ـ منير حسين

هڪ هوائي جهاز جي هوا ۾ حرڪت کي سر آئزق نيوٽن جي 300 سال اڳ ۾ بيان ڪيل طبعي اصولن تي بيان ڪري سگهجي ٿو. نيوٽن ڪيترائي سال رياضي ۽ فزڪس تي ڪم ڪيو، 1666ع ۾ جڏهن هو 23 سالن جو هو ته هن ڪشش ثقل جو نظريو پيش ڪيو. آئزق نيوٽن دنيا جي بهترين سائنسدانن مان آهي. هن جا پيش ڪيل نظريا اڄ به جديد سائنس کي سمجهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيا آهن. نيوٽن وڌيڪ ڪشش ثقل جي نظريي ۽ گرهن جي حرڪت بابت ڪيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. 1686ع ۾ هن حرڪت جا ٽي قاعدا پيش ڪيا. جن کي نيوٽن جي حرڪت جا قاعدا چيو وڃي ٿو. انهن قاعدن ۾ نيوٽن اهو واضح ڪيو ته جسم ڪيئن حرڪت ڪن ٿا. نيوٽن جو چوڻ هو ته تحرڪ کي ٽن قاعدن تحت بيان ڪري سگهجي ٿو ـ


نيوٽن جو حرڪت جو پهريون قاعدو ـ
جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي اهو هميشه سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين ان تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. زور هڪ اهڙو ذريعو آهي، جيڪو جسم جي سڪون واري حالت يا يڪسان حرڪت واري حالت کي تبديل ڪري ٿو. هڪ جسم هميشه هڪ طرف ئي حرڪت ڪندو جيستائين ان تي ڪو زور عمل نه ڪري. جڏهن اسين بال اڇلائيندا آهيون ته اهو يڪسان حرڪت ڪندو رهي ٿو ۽ ڪجھ فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ رڪجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته گاٺ جو زور ان بال کي حرڪت ڪندو رهڻ کان روڪي ٿو. نيوٽن جي پهرئين قائدي کي انرشا وارو قائدو به چئبو آهي. جيترو ڪنهن جسم جو مايو وڌيڪ هوندو اوترو ان تي انرشا وڌيڪ هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن جسم جي حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ايترو ئي زور گهربل هوندو آهي. فرض ڪيو ته اوهان ڪنهن بس ۾ ويٺا آهيو، جڏهن بس هلڻ شروع ڪندي آهي ته اوهان پاڻ کي پوئتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو ۽ جڏهن بس هلڻ بند ڪندي آهي ته اوهان پاڻ کي اڳتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو. انرشا اسان کي ساڳي ئي حالت ۾ رکندي آهي انهي ڪري جڏهن بس هلڻ شروع ڪري ٿي ته اسان جو بدن پوئتي ئي رهڻ جي ڪري پوئتي ڪري ٿو ۽ بس جي اوچتو بيهڻ جي ڪري اسان جا پير ته بس جي بيهڻ سان هڪدم بيھ رهندا آهن پر اسان جو مٿيون جسم اڳتي هلندو رهي ٿو ان ڪري اسان جو جسم اڳئين طرف ڪري ٿو. سيٽ بيلٽ به انهي قائدي جي بنياد تي ٺاهيا ويا ـ


نيوٽن جو حرڪت جو ٻيو قاعدن ـ
نيوٽن جي پهرين قاعدي ۾ آهي ته جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي اهو هميشه سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين ان تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. پر ٻاهرين زور کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ اهو وري نيوٽن جي ٻئي قائدي ۾ بيان ٿيل آهي ـ
نيوٽن جو حرڪت جو ٻيون قاعدو دراصل زور کي بيان ڪري ٿو، جيڪو جسم جي سڪون واري حالت کي تبديل ڪري اهو زور آهي. جڏهن ڪنهن به جسم تي زور لڳائجي ٿو ته اهو انهيءَ جسم ۾ تيزي پيدا ڪري ٿو. ٻن مختلف جسم جن ۾ هڪ هلڪو ۽ ٻيو ڳورو آهي، ٻنهي تي ساڳيو زور لڳائجي ٿو ته هلڪي  جسم ۾ پيدا ٿيل تيزي ڳري جسم جي تيزي کان وڌيڪ هوندي آهي. ڪنهن به جسم جي تيزي ان تي لڳايل زور جي مقدار سان سڌي نسبت رکي ٿي. جڏهن ڪنهن جسم تي مسلسل زور لڳائجي ٿو ته ان جسم جي تيزي ۽ ان جي رخ ۾ فرق اچي ٿو. جيڪڏهن هڪ جسم اڳ ۾ ئي حرڪت ۾ آهي ته ٿي سگهي ان جسم جي تيزي وڌي وڃي يا آهستي ٿي وڃي يا وري ان جو رخ تبديل ٿئي، اهو ان جسم تي لڳايل زور جي رخ تي منحصر آهي. زور کي “F” ، مايي کي “m” ۽ لڳايل زور جي تيزي کي “a” سان بيان ڪيو وڃي ٿو. رياضي مطابق تيزي ۽ زور جي تعلق کي هيٺين فارمولا ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو ـ
F = ma


نيوٽن جي حرڪت جو ٽيون قاعدو ـ
ٻن جسمن جي باهمي عمل ۾ ٻه زور شامل ٿين ٿا، هڪ کي عمل جو زور چئبو آهي ۽ ٻئي کي ردعمل جو زور چئبو آهي. نيوٽن جي حرڪت جي ٽئين قاعدي ۾ هر عمل ۾ برابر ۽ مخالف ردعمل ٿئي ٿو. مثال طور، جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڀت کي ڌڪو ڏيو ٿا ته اها ڀت به اوهان کي اوترو ئي زور سان واپس ڌڪيندي. ڪنهن به جسم تي عمل ٿيندڙ زور ان جي مخالف ٿيندڙ ردعمل جي برابر هوندو. جيئن هڪ هموار ميز تي هڪ ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي، زمين جي ڪشش ثقل وارو زور ان ڪتاب کي هيٺاهين طرف ڌڪي رهيو آهي، ساڳئي ريت ميز ڪتاب کي مٿئين طرف ڌڪي رهي آهي. اهي ٻئي زور متوازن هجڻ جي ڪري ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي ۽ ان تي عمل ڪندڙ زور جو حاصل ٻڙي آهي.
راڪيٽ جي مٿي آسمان طرف وڃڻ به نيوٽن جي ٽئين قاعدي کي بيان ڪري ٿو. راڪيٽ جي انجڻ ۾ ٻارڻ جي ٻرڻ سبب ڪيتريون ئي گيسون پيدا ٿين ٿيون اهي گئسون ڦوهاري جي صورت ۾ تمام گهڻي تيزي سان راڪيٽ جي پئين پاسي کان ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ان جي ردعمل ۾ راڪيٽ ساڳي تيزي سان مٿين طرف حرڪت ڪري ٿو ـ
نيوٽن جي انهن ٽنهي قاعدن کي مختلف تجربن ذريعي 300 سالن کان ان جي تصديق ڪئي وئي آهي. ۽ اسان اڄ تائين به شين جي حرڪت ۽ انهن تيزي کي بيان ڪرڻ لاءِ انهن قاعدن جو استعمال ڪندا آهيون ـ

More than 175 ornamental flower vases stolen from Surrey cemetery

Staff at a cemetery in Surrey are calling the theft of more than 175 ornamental flower vases, which are considered cherished family items, from gravesites a “reprehensible act.” 233 more words

News