Tags » Sindh University

وفا ـ ڪهاڻي ـ اظهار مخدوم

وفا منهنجو نالو آهي، جنهن مان اڙجي ويو آهيان!ـ
هرڪو مون مان ئي وفائي وفا طلبيندو آهي ۽ پڻ مان به ڪوشش ڪندو آهيان ته نالي سان نڀاءُ ڪريان ـ
وفا ڪٿي نه رهي آ، وفا تلاش نه ڪر ـ
مان اهي سٽون الائي ڇو گُنگُنائيندو آهيان، جيئن ئي اهي سٽون گنگنائي ختم ڪيم
منهنجي اکين جي آڏو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنٽين تي، منهنجي ڳوٺ
سيتا جي سيما سِپَ چانھ جا ڀري رهي هئي
ڳوٺ واري حُجت ڪري، هلي وڃي ويجهو ويهندي سالن وارو سڪايل ڊائيلاگ وري ورجائي، اڄ به چيومانس ته آئي لو يو ـ
ڪاوڙ ۾ نرڙتي ست ڳنجھ آڻيندي چيائين، ادا ابراهيم الائي ڪيترا ڀيرا چيو ٿي مائين ته
مائٽن مون کي ان لاءِ يونيورسٽيءَ نه موڪليو آهي!ـ
چيومانس مان به ان لاءِ نه آيو آهيان!ـ
بس پوءِ ٺيڪ آ ڏاڍو بهتر، سيما رجسٽر هٿ ۾ کڻيندي چيو “علم جي حاصلات لاءِ آيو آهين، ان سان نڀاءُ ڪر” ـ
انتهائي التجائي انداز ۾ نيازنورٽ ۾ چيو مانس، “سيما سدوري ٿيءُ، ڪيترن سالن کان سڪ سيني ۾ سانڍي سيما سيما ڪندو ٿو رهان
پر سيما سدائين بي رُخئي جو الائي ڇو اظهار ڪندي ٿي رهي ـ
سيما سر ڪيل رئي کي سڌو ٺاهيندي، هيئر ڪيچ سان وار مضبوط ڪندي ۽ مرڪندي چيو
ادا ابراهيم! سڀ ڪجھ سمجهندي به سيما سيما ڇو ٿو ڪرين!! ؟
چيومانس، سالن کان سڪ جو ساھ ۾ سانڍيل اٿم، جيڪا هاڻين ويهڻ نٿي ڏئي ـ
سيما سنهڙن چپڙن کي چوريندي، آهستگيءَ سان چيو سيتا ۾ منهنجو ملوڪ منڱيندو ته ڏٺو اٿئي؟
ٿڌين آهن ۽ دانهن ۾، التجا جي اُلجهيل لفظ کي اڪلائيندي، چيو مانس
ملوڪ ڄٽ آ، تنهنجي جُتيءَ لائق به نه آهي، سيما سان وفا واھ جو ٺهندو، جڏهن تنهنجو منهنجو جوڙو ٺهندو، تڏهن سيتا سارو ٻهڪندو ۽ جهو مندو، سيما پليز سيريس ٿي، منهنجي محبت ڀرين منٿن جو ڀرم رک ـ
ڪينٽن کان سينٽرل لائبريريءَ، ڏانهن وک وڌائيندي سيما چيو ته
ڀٽائي ڪيڏيون نه ڀلوڙ سٽون چيون آهن ـ
ڪانڌُ نه ڪنديس ڪي ٻيو، مون کٿورو ئي خوب
مــــيروئـــــي مــــــحبوب، اســـــان مـــارن من ۾
بيت جو سٽون سيما پوريون ڪري ڊگهيون، ڊگهيون
وکون کڻين منهجين اکين کان اوجهل ٿي وئي ـ
مان وفا جي نالي تي شرمندو ٿيندو رهيس !!!! ـ

ـ

Love