Tags » Sindhi Poetry

چنڊ سان چقمقي چاھ رکندڙ شيخ اياز ـ ماهم سنڌي

پالڻهار جي ٺاهيل خوبصورت ڪائنات بيشڪ بهترين آهي. هر مٽيء جي ذري کان سمنڊ جي نمڪين پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي تائين، وهندڙ جبلن تي ڄمندڙ برف کان وٺي گرمي ۾ ڳري وهندڙ آبشارن تائين، هر ڳالھ پاڻمرادو فطرتي حُسن جي گواهي ڏئي رهي آهي. پر سج لهڻ بعد افق تي ڇانيل رات جي تاريڪي کي سوجهرو ڏيڻ ۽ ٿڌڙي روشني ڀرڻ لاء چنڊ ، ان جي چمڪ، ان جو جلوو، ان جا بدلندڙ روپ، ان جي ٿڌي روشني سڀني کان نرالي آهي . چنڊ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي . ڪڏهن سنهڙو ، ڪڏهن ڳچ ۽ ڪڏهن سُپرمُون بڻجي سڄي دنيا کي پنهنجي خوبصورتي سان ڇڪي ديوانو بڻاڻي ٿو . ڪوئي شاعر هجي، اديب هجي يا کڻي ليکڪ ،چنڊ هميشه سندس لکڻين جو حصو رهيو آهي . شايد ئي ڪو ورلي شاعر هجي جنهن چنڊ کي پنهنجي قلمي پورهئي جو حصو نه بڻايو هجي. هڪ شاعر جي اک چنڊ جي حُسن مان هر هر موهجي پوي ٿي ۽ هو چنڊ کي ڪڏهن عاشق، ته ڪڏهن معشوق بڻايو ڇڏي . هڪ شاعر جا احساس ۽ جزبات چنڊ جي چؤطرف ڦرندي ان پرواني جيان ٿي پوندا آهن ، جيڪو شمع جي روشني جو ديوانو سمجهيو ويندو آهي . چنڊ ڪيترن ئي شاعرن جي محبوبه ته ڪيترن ئي فيميل شاعرن جو محبوب پڻ رهيو آهي . واقعي به ڳالھ مڃڻي پوندي ته چنڊ کي خدا اهڙو حُسن عطا ڪيو آهي، ان حُسن منجھ اهڙي ڪشش پيدا ڪئي اٿس جو، ڄڻ چنڊ به ڪو چقمق هجي ۽ چنڊ کي ڏسي وري نئين قسم جي ڇڪ ڪشش قمر ٿيندي هجي. جئين ڪشش ثقل جي ٿيوري موجب هر مادو زمين ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو، تئين ئي چنڊ جي مقناطيسي ڇڪ اهڙي آهي جو هر عاشق معشوقه، خاص ڪري ادبي دنيا سان لڳاپيل ماڻهو ان طرف زمين ۾ رهندي به راغب ٿيندي پاڻ کي روڪي ناهن سگهن . ڪشش قمر يا چنڊ ، ڪشش ثقل جي بنھ ابتڙ چئبي، ڇو جو ان ۾ هڪ انسان جو اکين کي اهڙا ته باز وارا پَرَ لڳندا آهن جو جهٽ ۾ آسمان طرف اڏامي ان چنڊ تي پهچي وڃي ٺڪاڻو ٺاهين ٿيون. چون ٿا ته دنيا جي ٽن شاعرن اطالوي شاعر ليوپارڊيءَ، قرطبه جي شاعر لورڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي شاعر مولينرو چنڊ کي بار بار پنهنجي شاعري جي باغ ۾ ڪنهن گلاب جي گل واري اهميت ڏيندي ان کي ٻين موضوعن کان وڌيڪ سجايو آهي . ليوپارڊي موجب چنڊ جي سموري عمر ڪنهن خانه بدوش جي زندگي جيان دربدر آهي ـ
“ اي چنڊ ! تون آسمان ۾ ڇا ٿو ڪرين ؟
اي خاموش چنڊ ! مون کي ٻڌاء ” ـ
اردو زبان جي عظيم شاعر مرزا غالب به هڪ دفعا نه بلڪه بار بار چنڊ کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي. غالب لکي ٿو ته : ـ
از کاخ و کو بلند وپريشان ز کاخ وکو
کردم بچشم ماه تماشاي اين سراء
(ڪوٺي ۽ گهٽي کان مٿي ۽ ڪوٺي ۽ گهٽي کان بيزار ٿي مون چنڊ جي اک سان هن سراء کي ڏٺو)
مرزا غالب مهتاب جي موھ مان موهجي وري ٻي هنڌ “ديوان غالب” ۾ لکي ٿو ته :ـ
ـ” پي جس قدر ملي شب مهتاب مي شراب
اس بلغمي مزاج کو گرمي هي راس هي“ ـ
اردو زبان جي نامور شاعر فيض احمد فيض جو هڪ نمونو ڏسون ته هو به چنڊ ۽ سندس محبوبه کي هڪ ٻي سان مشهابتون ڏيندي ٿڪندو نظر ايندو :ـ
يون سجا چاند که جهلڪا تيري انداز کا رنگ
يون فضا مهڪي که بدلا ميري هم راز کا رنگ
اردو جي خوشبو ۽ رومانوي جذبن جي شاعره پروين شاڪر جي شاعري جي هڪ ڪتاب جو مجموعو ئي “ ماه تمام“ نالي آهي . هڪ هنڌ شاعره لکي ٿي ته :ـ
پورا دکهه اور آدها چاند
هجر کي شب اور ايسا چاند
احمد فراز جون غزلون هجن، قتيل شفائي هجي يا جوَن ايليا هجي انهن سڀن پنهنجي شاعري ۾ چنڊ جو مختلف موضوعن تي ساٿ حاصل ڪري چنڊ کي همسفر بڻايو آهي. وري جي شاهوڪار سنڌي ادب ڏي نظر وجهنداسين ته سڀني ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن، توڙي ليکڪن چنڊ ذريعي سنيها به موڪليا آهن ته وصول به ڪيا آهن. شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاھ جو رسالو مان جيڪر صرف سُر کنڀات پڙهجي ته، پتو پئجي ويندو ته ڪئين شاھ سائين چنڊ کي چوي پيو ته تنهنجي سونهن ۽ تنهنجي چمڪ منهنجي پرين جي هڪ جهلڪ جي برابر به ڪانهي ڪا. سچل سرمست کان وٺي استاد بخاري هجي يا ابراهيم منشي يا ٻيا سنڌي شاعر هجن تن چنڊ کي شاعري ۾ ڏاڍو ڳايو آهي . جديد شاعري جا سنڌي ادب ۾ پايا وجهندڙ شيخ اياز ”مبارڪ علي شيخ“ جي اڄ سالگرھ آهي. ان پڻ چنڊ ۽ چانڊاڻ کي ايڏو ته پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۾ ڪتب آندو آهي جو، ان جو نظم توڙي نثر چٽو ٿو ڪري ته هو ڪيڏو خدا جي ان خوبصورت تخليق جي ويجهو هيو . هن چنڊ کي مختلف موضوعن تي لکڻين ۾ شامل ڪيو آهي. سندس شاعري غور سان پڙهجي ته ائين ئي لڳندو ته سڄي مهيني دوران مختلف رنگ بدليندڙ چنڊ سان واقعي به ان جو ڪو گهرو دلي ناتو هيو. تڏهن ئي ته هو چنڊ کي شامل ڪرڻ بنا پنهنجي لکڻين کي ڄڻ ته نامڪمل سمجهندو هيو. شيخ اياز هونئن ته قومي ، انقلابي ، عوامي ۽ ظلم خلاف شاعري پڻ ڪندو هو پر هو اندر ۾ ايڏو حساس انسان هو جو ڪائنات جي ان جرڪندڙ تخليق تي پڻ گهڻو توجه ڏنائين ، جيڪو سندس شاعرين مان سڌو سنئون صاف شيشي جيان پسي سگهجي پيو . سندس شاعري جا ٻه ڪتاب ” ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۽ ”اُڀر چنڊ پس پرين“ جو مرڪزي موضوع ئي چنڊ آهي، جئين ته ڪتابن جي نالن سان ئي ظاهر ٿئي پيو. سندس ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪن ڪري چنڊ چنبيليءَ ول“ جي پڻ نالي مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته موضوع ڇا هوندس. پر ان جي ٻين ڪتابن توڙي آتم ڪٿا، ڪهاڻين ۽ نثري ادب پڙهڻ سان به پتو پوي ٿو ته چنڊ ڄڻ ته هُن جو جيون ساٿي هو. اڄوڪي تاريخ 2 مارچ سال 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز ڄمڻ سان گڏ شاعري وجود ۾ سانڍي گڏ کڻي آيو هو. سندس وجود اندر شاعري رت جيان گردش ڪندي هئي. هو پيشي سان وڪيل پر دل سان هڪ شاعر، بلڪه هڪ عظيم شاعر هيو. جنهن سنڌي شاعري ۾ وائي، ڪافي، غزل، گيت، نظم قطعو، رباعي، هائيڪو، آزاد نظم، نثري نظم ۽ ڇيج وغيره تي لکيو ۽ اهي صنفون متعارف ڪرائي سنڌي ادب کي جَلا بخشي. 1997ع ۾ ڀٽ شاھ وٽ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي گهاٽن گهاٽن ۽ ڇانودار وڻن ۾ دفن ٿيل شيخ اياز جي طبيعت حياتي جي آخري سالن ۾ اڪثر ناساز رهندي هئي، جنهن سبب هو سڄي رات جاڳي لکندو هو ۽ چوندو هيو مون وٽ وقت گهٽ آهي سو سمهي ضايع ڪرڻ نٿو چاهيان. پاڻ هڪ دفعي پنهنجي ڀارت جي نثر نويس دوست رام پنجواڻي جي ٽوڪ تي جواب ڏنائين ” مون ايترو موت ڏٺو آهي جو زندگيءَ جو پل پل نعمت سمجهان ٿو ۽ ان کي وڃائڻ نٿو چاهيان. مان زندگي جو جام تري تائين پيءُ وڃڻ چاهيان ٿو ۽ عزرائيل کي اُڃ مارڻ چاهيان ٿو. جي خدا جي مهر ٿيندي ته مان پنهنجو ڪم پورو ڪري ويندس. اهو ڪم جيڪو مان نه دولت لاء، نه شهرت لاء، پر فقط پنهنجي ذات جي تڪميل لاء ڪريان ٿو جا منهنجي ڀرپور تخليقي اظهار ۾ آهي“. شيخ اياز کي هلال امتياز، فيض احمد فيض ايوارڊ پڻ حياتي ۾ مليو هيو. 1976ع واري ڏاڪي ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو ھو. جئين هن جو 1962ع ۾ ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ شاعري جو ڪتاب شايع ٿيو ته ان ڪتاب تي پابندي هڻي 1964ع ۾ ضبط ڪيو ويو ۽ کيس جيل پڻ موڪليو ويو . ڀؤنر ڀري آڪاس جي بيتن ۾ پرين کي مخاطب ٿي هڪ هنڌ چئي ٿو ته :ـ
سڄڻ جو ساريوم ته ، آيون هيرون هنج ۾
جيڏانهن نهاريوم چوڏهينءَ جي چانڊاڻ هئي
هي بيت سڄو پنهنجي سڄڻ جي چاھ ۾ چوي ٿو. ان بعد سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي جٿان ڌارين حملا ڪري الائي ڪيتري دفعي قبضو ڪيو ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ سندن مڙھ دفن ٿيل آهن، اتي ڪينجهر ڪپ اڳيان واقع ٺٽي جي شاھجهان مغل جي بڻايل شاهجهان مسجد ۾ رهاڻيون ياد ڪري شيخ اياز چوي پيو :ـ
ٺٽي نگر جي رات اسان کان وسري ناهي يار
ڪيئن مڪليءَ جي ماٺ مٿان ٿي چنڊ ڦريو چوڌار
شيخ اياز شاعري بابت لکي ٿو ته ”شاعري منهنجي سڀ کان پياري محبوبا رهي آهي ۽ اُن سان مون توڙ تائين نڀايو آهي. جي وچ ۾ ڪا وٿي پئي آهي ته ان جو ذميوار ماحول جو جبر آهي، جو ڪڏهن اڏول پهاڙ جئن آڏو اچي وڃي ٿو ۽ سارو شفق جو منظر اکين کان ڍڪي ڇڏي ٿو. جي ٻيون زندگيون آهن ته مان وري وري شاعر ٿي وجود ۾ ايندس ۽ هاڻي به دُور ويندس . هڪ پنڇيءَ وانگر اُفق کان دُور. اُن جي ڪڍ جو منهنجي اوڏو به آهي ۽ جنهنجي آڏو اڃا گهڻو ڪجھ آهي“ ـ
سنڌ جي درد ڀرئي آواز واري مشهور فنڪار سرمد سنڌي پنهنجي سُريلي آواز ۾ جڏهن شيخ اياز جو لکيل ڪلام ڳايو هو ”اڙي چنڊ! اڙي چنڊ! پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس روپ، سندس رنگ ائين آهي جئين تون.“ ته هر هنڌ واھ واھ ٿي وئي هئي جيڪا اڃا تائين برقرار آهي. شيخ اياز هن شاعري ۾ پنهنجي سڄڻ جي تعريف ڪندي چنڊ کي چئي ٿو ته تو ته ناهي ڏٺو، پر تو واري روشني، تو وارو چمڪڻَ ۽ ٻهڪڻ منهنجي پرين منجهه به آهي. ٻي هنڌ وري پنهنجي محبوب کي ئي چنڊ جو نالو ڏئي چوي ٿو :ـ
ڇا چوان آ ڪير مهمان اي اديون
آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان اي اديون
رات ڀر منهنجي کٽولي تي مٿان
چنڊ گهوريو ٿي عجب مان اي اديون
شيخ اياز کان ڪنهن پڇيو تنهنجي اولاد ۾ ڪوئي شاعر آهي؟ جديد شاعري کي ٻوٽي کان وڻ تائين نپائيندڙ شيخ اياز وراڻي ڏني هئي ته ”مان ستن پيڙهين لاء شاعري ڪري ٿو وڃان ۽ وصيت ڪري ٿو وڃان ته، منهنجي خاندان ۾ مونکان پوء ڪوئي شاعر نه ٿئي ۽ مون وانگر زندگيءَ جي صليب ٻيهر نه گهلي. ٻنيءَ کي هَرَ جڏئي، اُن کي ڦُلاري ڦُولاري ته اهو قلم جي تخليق کان بهتر آهي. شيخ اياز چنڊ جي حُسن جو ايڏو عاشق هيو، جو انکي جلوه گر ڏسي توحيد جي عقيدي جو ايمان تازو ٿو ڪري ته واقعي رب پاڪ جي هستي ايڏي عظيم آهي جنهن چنڊ کي ايڏي سندرتا بخشي ـ
چاندني رات کي ”اياز“ ڏسي
ڪجھ مڃان ٿو ته ڪوئي رب آهي
سنڌي مشهور فنڪارن پاران سندس ٻيو ڳايل ڪلام ”سکي پيا کي ملين ته چئجان، ته چاندني تو سوا نه ٿيندي…” پڻ سنڌي موسيقي ۾ چار چنڊ لڳائي ٿو ـ
شيخ اياز پنهنجي مٺڙي محبوب کي سڏ ڏيندي ائين به شاعري جي مالها ۾ لفظن جا موتي پوئي ٿوـ
رات توکي پئي پُڪاري هلي آءُ
ڪنهن نئين چنڊ جي سهاري هلي آءُ
شيخ اياز گهڻن هنڌن تي سنڌ ڌرتي سان عشق جو اظهار ڪندي پڻ پنهنجي جزباتن جي اظهار لاء به چنڊ جو سهارو وٺندي نظر آيو آهي ـ
تون آن منهنجو چنڊ ته، آهيان تنهنجو آءُ چڪور
تون بادل جئن برسين مون تي، مان هان تنهنجو مور
توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ
شيخ اياز جو چنڊ سان لڳاءُ به ڏاڍو وکرو آهي. هن ته ڪنهن ڪنهن مهل چنڊ کي پنهنجو ڀاءُ پڻ بڻايو آهي ۽ لکي ٿو ته :ـ
آسمان تي اي چنڊ! تون منهنجي ڀاءُ وانگر ئي ته آهين
تون به ته منهنجو ڀاءُ ڄڻ آهين آڪاس ۾
تنهنجو چنڊ چٽاءُ مون هر سٽ سمائيو
سهڻي سنڌ جو عظيم شاعر چنڊ ۽ جنڊُ کي پڻ هڪ ٻي جو همدرد سمجهي چئي ٿو ته :ـ
آڌي رات اروڙ تي هيٺ نهاري چنڊُ
سوچي ٿو هي جنڊُ ڇا ڇا پينهين ٿو ڇڏي.!ـ
چنڊ سان لڳاءُ الاهي ته ڇو هر شاعر جو فطرتي طور ٿيو وڃي. پر شيخ اياز گهڻين جڳهين تي چنڊ کي سدائين عشق جي محور تي رکيو آهي. نه صرف محبوب ۽ پرين کي قرب وچان چنڊ سان ڀيٽيو آهيس، پر ٻين موضوعن تي پڻ چنڊ کي دانهيندي سندس شعر ملن ٿا. نثر جي هڪ ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ بجي چوٿين ڀاڱي ۾ شيخ اياز ائين ذڪر ڪري ٿو ته ”هر دفعي جڏهن مان رات جو سفر ڪندو آهيان ته هر دفعي ئي رات جو سفر ڪرڻ دوران چنڊ منهنجو همسفر هوندو آهي“. ٻي هنڌ چيائين : ”مونکي خوبصورت عورت چنڊ وانگر لڳندي آهي ۽ چنڊ خوبصورت عورت وانگر لڳندو آهي. ٻئي هڪ جيترا پائدار آهن به ۽ ناهن به. ناپائداري جي باوجود حسن اُن ازلي حقيقت جي جهلڪ آهي. جا ازل کان ڇوليون ماري رهي آهي ”.
هڪ شعر اندر هڪ بکايل ٻار چوڏهين چنڊ جي آس ٿو ڪري ته، چنڊ جڏهن پورو ٿيندو جڏهن چوڏهين جي چانڊاڻ پوري آسمان کي پنهنجي روشني ۾ چمڪائي، تارن جو ٽمڪڻ گم ڪري ڇڏيندي، تڏهن منهنجي ماءُ مونکي پوري ماني ڏيندي ۽ آءُ پيٽ ڀري کائيندس. اڄ چنڊ پورو ڪونهي ۽ مونکي ڏاڍي بُک به آهي. ان شاعري جي ڪجھ سٽن ۾ شيخ اياز سڄو درد، سڄي بُک سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو ٻار پنهنجي بي وس ماءُ کي ڏسي ۽ پنهنجي پيٽ اندر ٻرندڙ بک جي باھ ۾ سڙي چوي ٿو :ـ
آ گدري ڦار امان! اڄ پورو ناهي چنڊ
اسانکي بُک به ڏاڍي آ
ڏاڙهونءَ ڪَڻ چوڌار امان ! هي تارا تارا منڊُ
اسانکي بُک به ڏاڍي آ
ڏٿُ نه ڏؤنرن ڏار امان ! تون پيهين خالي جنڊُ
اسانکي بُک به ڏاڍي آ
هي چنڊ امان ! هي مَنڊُ امان ! پر سڀ کان ڳورو جَنڊُ امان
هي تنهنجو ڪورو جنڊُ امان ـ

Columns

ڳالھين جو سفر، ڪجھ اڳيان شروع ٿيندو. ـ نثري نظم ـ ايڇ بي بلوچ ـ

نثري نظم

ھي جواب ناھن
قرض ۾ ورتل ڄڻ اشارا
ڄڻ فرض ڪيل سلوگن آھن
ھي خواب ناھن
ڄڻ ڪڻي جا ٽوڪن آھن

ھي اکيون ناھن
بس ڪجھ عڪس سيخ ۾ پرويل آھن
ھي مقتل گاه آھي
ڦاھي جا ڦندا
چپن مان لڙڪن ٿا
ڳالھين جو سفر
ڪجھ اڳيان شروع ٿيندو

ھي زندگي مھاڳ آھي
اکرن جو اثر
ڪجھ اڳيان شروع ٿيندو

ھي اشتھاري ٻه پيرا
رستي جي ٻنھي ڪلھن تي ٽنگيل
ڄڻ سائن بورڊ آھن
ماڻھن سان ڳتيل شھر
ڪجھ اڳيان شروع ٿيندو ـ

Poetry

من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا ـ شاعري ـ اياز جاني

غزل


من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا
چپ ھيراڪ تنھنجي نيڻن جا
راز سرجيا نہ سي بہ ڄاڻن ٿا
ڇا تہ اداراڪ تنھنجي نيڻن جا
باک جي چھري کي اوس چمندا
جن کي ڀي چاڪ تنھنجي نيڻن جا
پيار جا ديپ ڪنھن بہ ٻاريا پر
ٿا سجن تاڪ تنھنجي نيڻن جا
آء مفلس ۽ شھر تنھنجي ۾
ڪيترا واڪ تنھنجي نيڻن جا
جھول گدلي ۾ ڪيئن جھلي جاني
لڙڪ سڀ پاڪ تنھنجي نيڻن جا ـ

Poetry

غريبن جا ڏسي گهرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ ـ شاعري ـ حافظ نظاماڻي


غريبن جا ڏسي گهرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
ٽپيو جنهن ۾ پون ٽرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
ٻاراڻي وهي کان ٻالڪ اچي بيٺي ٻني ۾ آ
نياڻي پيئي سهي نرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
وڃائي وهر ڇو ڇوري مجيري پاڻهي ماريندئي
ايئن ڪمدار ٿين ڪرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
ڏهيسر پٽ ڏاڍو ٿيو چٽي ۾ چار نياڻيون ويون
اميرن جا ڏسي ارڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
ڀلي بنگلي جي ڀر ۾ اڏيل جنهن جي ڀنگي آهي
هلائي سوئي پيو هرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ
انڌن ۽ احمقن اڳيان اها حالت ڏٺي حافظ
ظلم ڪئين پيا سهن ذرڙا اندر ۾ گهاء ٿيندو آ ـ

Poetry

O Ama!

او اما ن

توکي پويان ڇَڏي،
ڪيئن اڳتي وڌان؟
منھنجي ھر سوال جو،
جواب تو وٽ ئي ھو،
ھاڻي ڪنھن کان پڇان؟
توکي پويان ڇڏي،
ڪيئن اڳتي وڌان؟
لمس تنھنجو پَشمَ،
دل چوي ٿي ته توکي،
وري مان ڇُھان.
توکي پويان ڇڏي،
ڪيئن اڳتي وڌان؟
تنھنجي دَڙڪن ۾،
امرت جو ڌارون ھيون،
ھاڻي ڪنھن کان وٺان.
توکي پويان ڇڏي،
ڪئين اڳتي وڌان؟
تون سدا کان ھئين،
منھنجي دل جي سدا،
توکي پويان ڇڏي،
ڪيئن اڳتي وڌان؟
*

Tania Saleem